Tuesday, May 10, 2016

رٺن جا ڀاڱا مٺا - منظور ڪوھيار

رٺن جا ڀاڱا مٺا
منظور ڪوھيار
سڙڪ تي مستانو ڦرڻيءَ واري سيٽي وڄائيندو پئي ھليو ته ملان وري ٻڏتر ۾ سوچيندو پئي هليو:
”مون ته مستاني کي ڀاڳناڙيءَ جو ڏاند سمجھيو هو؛ جنهن جو پڇ ڪنڊي تي ۽ ڀڄندو وتي. هيءُ ته مورڳو آمريڪي ايجنٽ نڪتو. اجايو هن آمريڪي ايجنٽ سان ياري رکيم. اهو غزل ته جوانيءَ ۾ خوب ٻڌو هيم ته: ’بي وفا سان دل لڳائي مون وڏي غلطي ڪئي، نانگ جھوليءَ ۾ نپائي مون وڏي غلطي ڪئي‘. جڏهن ’نوشته بر ديوار‘ هر ننڍي وڏي وستي ۽ واهڻ ۾ لکيل ڏٺو هيم، ته ’جيڪو آمريڪا جو يار آ، سو غدارآ، غدار آ.‘ پوءِ به ايڏي وڏي غلطي ڪري ويٺس. ڀلا جي دوستي به رکڻي هئي، ته فيس بوڪ تي سنئون سڌو آمريڪا جي صدر بارڪ اوباما سان يا هيلري ڪلنٽن سان رکان ها. هن غلامن جي غلام، مستاني سان رکي ويٺس. ڪاش! خدا، آمريڪا ۽ شيطان کي وجود ۾ نه آڻي ها، ته شايد دنيا ۾ ڪو مسئلو ئي نه پيدا ٿئي ها.“ آسمان ڏانهن منهن ڪندي ملان گرم شوڪارو هڻندي چيو.


اوچتو ملان ائين درڙي ڀري، ڄڻ کيس بجليءَ جي ۲۲۰ وولٽ جو ڪرنٽ لڳو هجي. پوءِ کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ، اندر ۾ ويٺل شيطان جي طرفان، جوابِ شڪوه جي آمد ٿي هجيس:
’ملان ڇا ٿو چوين خدا مونکي پيدا نه ڪري ها؟.. ان جو جواب مان اڳ ۾ ئي ’خليل جبران‘ جي ڪهاڻي ”پادري ۽ شيطان“ ۾ ڏئي چڪو آهيان. جڏهن مون کي هڪ ملائڪ ’ميڪائل‘ اُماڙي کڻي آسمان تي ڊيڙائيندي، سخت زخمي ڪري، ڌرتيءَ تي اُڇليو هيو. مان سخت زخمي حالت ۾، زمين تي ڪري پيو هيس. ان وقت هڪ پادري، اُتان لانگھائو ٿيو. مون ان وقت پادريءَ کي پنهنجو سچو پچو تعارف ڪرائيندي، مدد لاءِ درخواست ڪئي هئي. منهنجو نالو ٻڌندي، هن مون سان ائين نفرت جو اظهار ڪيو هو، جيئن چند گھڙيون، اڳ تون ڪري رهيو هئين. جڏهن مون کيس احساس ڏياريو، ته منهنجي دم خم سان سندس دنيا آباد آهي. جي مان نه هجان ۽ هن دنيا ۾ شيطاني ڪم نه ٿين ته، پوءِ ڪير وٽس لڙي ايندو؟ ڪنهن جي خلاف هو تقريون ڪندو، ڪنھن تي ھو لعنتون وجھندو؟... آخر جڏهن هن کي ڳالھ سمجھ ۾ آئي، ته هن مفاهمتي پاليسيءَ تحت مونکي پٺيءَ تي کنيو ۽ پنهنجي گھر ۾ رهائي، نوبنو ڪيو. ان جو صلو، کيس اهو مليو، جو آمريڪا جھڙي ملڪ ۾ به پادرائپ جو ڌنڌو خوب هلي ٿو.“
ملان دل ئي دل ۾ شيطان کان وري ٻيو سوال ڪيو؛ ”ڀلا، آمريڪا جي مخالفت ته جائز آهي يا نه؟“
”هر باريش ۽ بي ريش ملان جي خوابن جي سرزمين آمريڪا آهي. ڀل کاٻي ڌر جو هجي، يا ساڄي ڌر جو. عربي هجي يا عجمي. ڪارو هجي يا گورو. قوم پرست هجي يا وفاق پرست. اديب هجي يا بي ادب. بيوروڪريٽ هجي يا ٽيڪنوڪريٽ. سياستڪار هجي يا سپه سالار. فنڪار هجي يا فن کان وانجھيل. صاف دل صوفي هجي يا بي حيا ڪُوفي. هڙ جو هڙ جنتِ ارضي يعني آمريڪا لاءِ حيران ۽ پريشان آهن. ملان! تون مٿينءَ دل سان ڀلي برو ڀلو چئو، خطبا پڙھ، واعظ ڪر، گاريون ڏي؛ پر ائين آه نه ڀر. جو اڄڪلھ ملان جي آه ۽ گلر جي دانهن، عرش عظيم کي به ڏڪائي ٿي ڇڏي.“ شيطان کيس سمجھائيندي چيو.
شيطان جي واتان، اها ڳالھ ٻڌي ملان وڃي آمريڪا پهتو ۽ تصور ۾ ڏٺائين ته ’مينهاٽن نيويارڪ سٽي‘ ۾، ڏيڍ سري ڀت واري ٺهيل خوبصورت مسجد ۾ خطابين سان گڏ ويٺو آهي. گورا ۽ گوريون، قطارون ٺاهيو، سندس هٿ هيٺ، مشرف به اسلام ٿي رهيا آهن. صدارتي اُميدوار ’ڊونلڊ ٽرمپ‘ کي به ڳاڙهي گوڏ ٻڌي پئي آهي.‘
پر اوچتو، سندس ذهن ۾ هڪ اُٿيل سوال هلچل مچائي ڇڏي:
”باريش ملان ته هوندو آهي، پر اهو بي ريش ملان وري ڪهڙي بلا آهي؟“ ملان ڏاڙهيءَ تي غور و فڪر وارو هٿ ڦيرائيندي، شيطان کان سوال ڪيو.
”هڪ، ته با ريش ملان کي ڏاڙهي هوندي آهي، ٻيو مذهبي تڪبر ۽ نخوت؛ جنهن جي ڪري ڪنڌ ۾ ڪلي لڳل هوندي اٿس. پر بي ريش ملان اهو هوندو آهي، جنهن کي نرڙ تي گُھنڊ ۽ پنهنجي ڄاڻ تي گھمنڊ هوندو آهي. هو سمجھندو آهي، ته سڄي دنيا جي مسئلن جو حل وٽس موجود آهي. هو پاڻ کي عقل ڪُل ۽ ٻين کي بي وقوف سمجھندو آهي. اهو باريش ملان کان به وڌيڪ خطرناڪ ۽ بي عمل هوندو آهي.“
”مطلب ته جنهن کي اسان سنڌيءَ ۾ ڏاڙهيءَ-ڪوڙ منافق سڏيندا آهيون.“
”خدا تنهنجو ڀلو ڪري، هاڻي تو کي ڳالھ سمجھ ۾ آئي.“ شيطان سندس پٺي ٺپريندي وراڻيو.
”ڀلا تنهنجي حياتيءَ ۾، ڪو تو کي اهڙو ملان ٽڪريو، جنهن تو کي به ٽوٽا چٻايا هجن؟“ ملان، شيطان کان پڇيو.
”هيا اهڙا، جن جا ڏنل ڏک اڄ به نه ٿا وسرن.“
”مثلًا؟“
”مثلًا، مولانا جلال الدين رومي، مولانا جامي، مولانا عبيدالله سنڌي، ملان نصرالدين، ملان دوپيازه وغيره وغيره“
”ڪو هڪ اڌ واقعو ته ٻڌاءِ؟“
”واقعو ٻئي ڀيري ٻڌائبو. پٺتي ٻيا به کوڙ ڪم رهيا پيا آهن. ٻين جي دلين ۾ وڃي وسوسا پيدا ڪرڻا آهن. بس هلڻ کان اڳ تو کي هڪڙو عرض ڪيون ٿو وڃان، ته مستاني جي پارت ٿئي. هي ائين سمجھ ته آمريڪا جو نه، پر منهنجو ماڻهو آهي.“
”جو تنهنجو ماڻهو آ، ته اسان جي به سر جو سائين آ.“ ملان، شيطان کي، پراڻي مفاهمتي پاليسي تحت، يقين ڏياريو.
جڏهن اندر جو شيطان، تتر جيان ڀڙڪو ڏئي، ملان جي دل مان نڪري ويو ته ملان، مستاني جي شخصيت جو تجزيو ڪرڻ لڳو:
”مستانو، شيطان جو ماڻهو! وڏي ڳالھ آ!؟.. ڏسڻ ۾ ته گروشڙو ۽ مِمڙو ٿو لڳي. مان ته ائين سمجھيو ته نڌڻڪو آهي. پر هن کي ته وڏي پٺ آهي. هاڻي مستاني سان ٻٽي پاليسي هلبي. ٿورو هٿ به رکبس، ٿوري چيڀٽ به ڏبس. باقي اڳتي هلي، جڏهن شيطان سان پڪي ياري ٿي وئي، ته مستاني سان اهڙي جٺ ڪبي، جيئن ٻرڙي ڪئي هئي ٻارن سان يا وري جيئن اڄڪلھ جو جديد پهاڪو آهي، ته.... خير...! هن وقت اهو ٻڌائڻ مناسب ناهي. نه ته اهو ائين ٿيندو، جيئن چئبو آهي، ’بي وقتو ٽِٽُ، ٻڪرين ۾ ٽاھ‘. متان ڪو چغلخور ٽاھ کائي، اهو جديد پهاڪو وڏيري کي نه وڃي ٻڌائي. پوءِ وڃي نه وڏيرو ڪاوڙجي ۽ ڪڍائي نه ڳوٺ واري مسيت مان. اڄڪلھ جو وڏيرو، حرام حلال جي ڪاتي ۽ ٻه منهين ترار آ. خوامخواه ٺهيل ٺڪيل روزگار نه ٺپ ٿي وڃي.“
اها ٽل سوچيندي، ملان تڪڙ ۾ شاپر ۾ هٿ هڻي، جليبي ڪڍي کائڻ لڳو، ته مستاني جي نظر پئجي ويس. هڪدم رڙ ڪندي چيائينس:
”ملان منهنجو حصو؟“
ملان تڪڙ ۾ سڄي جو سڄي جليبي ڳهندي چيو؛ ”پرواھ نه ڪر، ڳورھاري جليبي هئي، ٻي جليبڙي ضرور ڄڻي هوندئين. نڪتي ته اها تنهنجي.“ ملان جليبيءَ وارو ڇاپر مستاني کي ڏيندي چيو.
مستاني ڇاپر ۾ هٿ هڻي، ٻاهر ڪڍندي چيو؛ ”ٻي ته آهي ئي ڪو نه.“
”هلُ ڀيڻان جا ٻچا! ميلائي دوڪاندار اتي به بي ايماني ڪري ويو. مستانه ڇا ڪجي، ملڪ ۾ بي ايماني ڪاهي پئي آ، هڪڙو ملان ڇا ڪري. اوهان به ته پنهنجو ڪردار ادا ڪيو نه؟“
”اها بي ايماني تنهنجي آ، ملان! تون منهنجو حصو کائي گناھ ڪيو آ!“ مستاني روئڻهارڪو ٿيندي چيو.
”او جاهل مستانه، جي تون اهو چوين ها، ته مان ڏوھ ڪيو آ، ته تو کي ٽيهن چاليهن هزارن وارو چڱڙو وڪيل ڪرائي، ننڍي يا وڏي ڪورٽ سڳوري مان ’جليبي انصاف‘ ڏياريان ها. پر هاڻي جڏهن تون گناھ جي ڳالھ ڪئي آ، ته گناھ جو تعلق انسان جي اعمالن سان ۽ اعمالن جو دارومدار نيت سان آهي. منهنجي هرگز نيت اها نه هئي ته تو کي جليبي نه کارايان. پر اها تنهنجي نصيب ۾ نه هئي، جو تون شايد بد نصيب ۽ بدقسمت آن. ٻڌو نه ٿي، ته ’داني داني پي لکا هئي، کاني والي ڪا نام.‘ بهرحال، تو کي ته هر حال ۾ صبر ۽ شڪر ڪرڻ گھرجي. اهو نه ٻڌو ٿي ڇا، ته؛ صبر جو ڦل مٺو آهي.“
”جليبيءَ کان به وڌيڪ؟“ مستاني چپ چٽيندي چيو.
”نه ته!“
”پوءِ تو جليبي کاڌي، صبر جو ڦل ڇو نه کاڌو؟“ مستاني، ڦيرائي سوال جو انگوڙو ملان جي ڪنڌ ۾ وڌو.
”ان ڪري ته هڪ مسلمان ڀاءُ، ٻئي مسلمان ڀاءُ لاءِ هميشه سٺو سوچي، ان کي پاڻ کان سٺو پهرائي، اُن کي پاڻ کان سٺو کارائي. ان ڪري مون سوچيو؛ جليبيءَ جو مٺاس ته تنهنجي وات ۾ پندرنهن ويھ منٽ مس هلندو، پر صبر جو مٺاس، پوري حياتي تو کي سواد ڏيندو رهندو. هاڻي، چئو زور سان؛ ’سبحان الله!‘؟“ ملان واعظ واري انداز ۾ کيس مخاطب ٿيندي چيو.
مستاني کي چوڻو پئجي ويو؛ سبحان الله!‘.
”قربان تنهنجي سادگي تان مومن مستانه! هيءُ وٺ، انعام ۾ هڪ پڪوڙو، پر لائي لائي کائيندو هلجانءِ!“ ملان، مستاني کي ٻيءَ ڇاپر مان هڪ پڪوڙو ڪڍي ڏنو. مستانو آهستي آهستي پڪوڙي کي ڪُرٽيندو هليو. ٿوريءَ دير کانپوءِ، مستاني ملان کان اڃا ٻئي پڪوڙي جي گھر ڪئي، ته ملان پڪوڙن وارو ڇاپر ئي ڇنڊيندي اڇلايو ۽ کيس ٻڌايو ته؛ ”پڪوڙا ختم، پئسا هضم!“
”چار پڪوڙا هيا! ملان ڇا اها بدنيتي ناهي؟“
”ان ۾ ڪهڙي بدنيتي آهي. مان شرع شريعت جا ٽي کاڌا، تو هڪ الله ڪيو. هونئن به هڪ مستاني مسلمان کي ٻئي مومن مسلمان تي شڪ نه ڪرڻ گھرجي. ڪندو ته کيس قبر پيڙيندي.“
”چڱو، ناريل جي مٺائيءَ ۾ ڪسر ڏجانءِ، پر هن ڀيري ڪُپت نه ڪجانءِ!“ مستاني تاڪيد ڪندي چيس.
”الله اڪبر!.. هاڻي هڪ مسلمان جو ٻئي مسلمان تي اعتبار ته اهو آ. چڱو هاڻي سنئون سڌو اڌواڌ ٿا ڪيون. هڪ مٺ منهنجي ۽ ٻي تنهنجي.“ ائين چئي، ملان ٽين ڇاپر مان مٺائيءَ جو چنبو ڀري، وات ۾ وڌو ۽ ڇاپر مستاني ڏانهن وڌايو. مستاني ڇاپر وٺي، نگاھ وڌي ته ناريل جي مٺائي، ڇاپر جي تري ۾ پئي هئي.
”ملان، هيءُ ته تري ۾، ٻه ٽي چونڊڙيون مٺائيءَ جون پيون آهن.“ مستاني رڙ ڪندي چيو.
ملان کيس هٿ جي اشاري سان، ٿوري دير صبر ڪرڻ لاءِ چيو. جيستائين ناريل جي مٺائي نڙيءَ کان هيٺ لهي ۽ پوءِ هڏڪيون ڏيندي ڏيندي چيائين؛ ”ڇاپر کي زور سان ڇنڊڪو ڏيندين ته گھڻو مال نڪرندس. ٻڌو نه ٿي ته؛ ’جيڪي پين ترو، تن کي سور نه ٻرو.‘ هاڻي هڻ نعرو، ٿي مومن، ڀر چونڊي!“
”ملان تو اها چالاڪي ۽ ٺڳي ڪئي آ. مان احتجاج ڪندي نه کائيندس.“ مستاني احتجاج ڪندي چيو.
”نه کاءُ، ڀل نه کاءُ. هڪ ته احتجاج غير شرعي ڪم آهي، ٻيو ته روئبو ان اڳيان آهي، جيڪو ورنائي. ملن اڳيان روئڻ، اکين جو زيان.“
اهو پهاڪو ائين ته ناهي؛ ”اهو ته آهي؛ ’انڌن اڳيان روئڻ، اکين جو زيان.“
”تو جاهل کي ڪهڙي خبر ته؛ اڄڪلھ جي ملن ۽ حافظن ۾ ٿورو فرق آ.“
”۽ ٽيون؟“ مستاني ڪاوڙ مان پڇيس.
”ٽيون، جنهن کي تون چالاڪي يا ٺڳي ٿو چوين، سا هاڻي دنيا جو وڏي ۾ وڏو آرٽ آهي، جيڪو ’آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي‘ ۾ سيکاريو ويندو آهي. سِکڻو اٿئي ته اُتي وڃي سک! باقي تو کي مٺائي ناهي کائڻي، ته نه کاءِ! ھونئن به ’رٺي جو ڀاڱو، مٺو هوندو آهي‘.“ اهو چئي ملان ناريل جي مٺائيءَ وارو ڇاپر، مستاني کان کسي، پنهنجي وات تي ڇنڊي ڇڏيو.
مستانو، کيس ڏسندو ئي رهجي ويو.


No comments:

Post a Comment