Showing posts with label رٺن جا ڀاڱا مٺا، منظور، ڪوھيار،. Show all posts
Showing posts with label رٺن جا ڀاڱا مٺا، منظور، ڪوھيار،. Show all posts

Tuesday, May 10, 2016

رٺن جا ڀاڱا مٺا - منظور ڪوھيار

رٺن جا ڀاڱا مٺا
منظور ڪوھيار
سڙڪ تي مستانو ڦرڻيءَ واري سيٽي وڄائيندو پئي ھليو ته ملان وري ٻڏتر ۾ سوچيندو پئي هليو:
”مون ته مستاني کي ڀاڳناڙيءَ جو ڏاند سمجھيو هو؛ جنهن جو پڇ ڪنڊي تي ۽ ڀڄندو وتي. هيءُ ته مورڳو آمريڪي ايجنٽ نڪتو. اجايو هن آمريڪي ايجنٽ سان ياري رکيم. اهو غزل ته جوانيءَ ۾ خوب ٻڌو هيم ته: ’بي وفا سان دل لڳائي مون وڏي غلطي ڪئي، نانگ جھوليءَ ۾ نپائي مون وڏي غلطي ڪئي‘. جڏهن ’نوشته بر ديوار‘ هر ننڍي وڏي وستي ۽ واهڻ ۾ لکيل ڏٺو هيم، ته ’جيڪو آمريڪا جو يار آ، سو غدارآ، غدار آ.‘ پوءِ به ايڏي وڏي غلطي ڪري ويٺس. ڀلا جي دوستي به رکڻي هئي، ته فيس بوڪ تي سنئون سڌو آمريڪا جي صدر بارڪ اوباما سان يا هيلري ڪلنٽن سان رکان ها. هن غلامن جي غلام، مستاني سان رکي ويٺس. ڪاش! خدا، آمريڪا ۽ شيطان کي وجود ۾ نه آڻي ها، ته شايد دنيا ۾ ڪو مسئلو ئي نه پيدا ٿئي ها.“ آسمان ڏانهن منهن ڪندي ملان گرم شوڪارو هڻندي چيو.