Monday, May 2, 2016

ارڏو اربو - طارق عالم ابڙو

ارڏو اربو
طارق عالم ابڙو
هونئن نالو ته سندس ارباب هو، پر گهر ۾ کيس اربو سڏيندا هئا. عمر اها ئي ٻارنهن سال کن. جاڙين ڀِروُن هيٺان چُــنجهيون اکيون، ائين لڳنديون هيون ڄڻ چهچ سائي ٻوٽي هيٺيان ٻه ٽنڊڻيون. ڦونڊيل نڪ، جيڪو ڪاوڙ ۾ ڌنوڻ وانگي کُلڻ ۽ بند ٿيڻ لڳندو هو. مِــٽا سُــچل ڄڻ ته ڪنهن سندس وات ۾ ڦوڪ ڏيئي چَــپَ سبي ڇڏيا هجن. ڏيڍ پاسيرو مٿو، جنهن تي ٻڪر ڪَٽ وارن جي ڇٻر ڦٽل. مٿيون چَــپُ هيٺئين چَــپ جي بنسبت ٿورو ٻاهر نڪتل. ڀرون جي ٿورو مٿان چنڊ جي شڪل جهڙو ڌڪ لڳل، جيڪو سندس منهن تي شرارت جو تمغو پيو محسوس ٿيندو. جو کيس ڪنهن ننڍڙي شرارت جي بدلي ۾ مليو هو. ڳچيءَ ۾ سدائين غليل هوندس ۽  شلوار جي هڪ ور ۾ ڊزن کن غليلن جو. مجال آهي جو ڪو سندس پاڙي مان مَــٽي. همراهه مَـــٽيو نه آهي ٺڪاءُ غليلو ٽڪڻ وارو ٿي ويندس. همراهه چوٽيءَ تائين رت ۾ رڱجي ويندو. اسڪول کان ته ائين ونءُ ويندو هو، جيئن ڪانءُ ڪمان کان. گهران ڪتاب ڏيئي اسڪول اماڻيندس، ته هيءُ ڪتاب زمين ۾ پوري، پاڻ وتندو هو: جانور ۽ انسان آزاريندو. جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن گهر جو ڪو وڏو اسڪول ويهاري به ايندس، ته سندس ڀر ۾ ويٺل ٻار ويچارا آزار ۾ اچي ويندا. بينچ تي ويٺي ئي ويٺي هڪ پاسي سوڙهه ڪرڻ شروع ڪندو تان جو ٻي پاسي ويٺل ٻار ڊٻ وڃي ڌرتيءَ تي ڪرندو. هر ڪو پيو ساڻس دوستي رکڻ کان ڪيٻائيندو.


هلندو سدائين پاسيرو ٿي، پير پير ۾ ڏيئي، جهڙو چور ٻلو. چور به حد جو هو. پاڙي وارا شيءَ رکي ساهه نه کڻندا هئا، شيءِ رکي نه آهي اربوءَ کي خبر پئي نه آهي. پاڙي ته پاڙي پر گهر وارا به ان مان بيزار رهندا هئا، هر ڳالهه تي کيٽو، جيتري دير گهر ۾ هوندو، سڄو گهر مٿي تي کنيو بيٺو هوندو. ڪنهن کي چهنڊڙي، ڪنهن کي بُــجو، ڪنهن کي گار. گار ڏيڻ ۾ ته اصل ڀڙ هو، ۽ جيڪڏهن گهر مان نڪتو، ته جو به منهن سامهون چڙهيس، ته گار جا زيپٽ هڪڙا لاهيندس ته ٻيا چاڙهيندس. نه ننڍي جو لحاظ نه وڏي جو ادب، جيڪڏهن ڪو چڱي ڳالهه چوندس، ته همراهه اصل بُــِر ٿي ويندو. ڪيترائي ڀيرا سندس گهر جي وڏن ۽ ٻين پاڙي جي چـڱن مڙسن کيس پيار سان سمجهايو. پيار سان نه سمجهيو، ته دڙڪو داٻ به ڪيائونس پر اربوءَ جي ڪن تي جونءَ ئي نه چُــري. ويتر چڱي ڳالهه تي جهڙوڪر چوچڙي لڳيو وڃيس، چئي: ”توهان ڪير ٿيندا آهيو مون کي انسان بڻائڻ وارا! مان ڪو جانور آهيان ڇا؟ مان جيڪو به آهيان، جيئن به آهيان، مون سان مغز ماري نه ڪريو.“ ايترو ننڍڙو ٻار اهڙي تکي زبان! جيڪڏهن ڪنهن ٽوڪ هنيس، ته اهڙو ته کُــتو جواب ڏينس، جو ٽوڪ هڻندڙ کي ائين لڳندو ڄڻ غلطيءَ سان رٻڙ جي فرش تي ڏنڊو هڻي ڪڍيو هجائين جو وري اچي سندس دُونَ ۾ لڳو هجي.

انهن ڳالهين ڪري هرڪو پيو ڪيٻائيندو، ته سندس مُــنهن نه چڙهي. ڪو به ساڻس دوستي رکڻ لاءِ تيار نه هو. ڀلا ڪنهن کي کُـــٽي کنئي آهي، جو اربوءَ جهڙي بداخلاق ۽ چور ڇوڪري سان دوستي رکي؟ هن سڄي پاڙي ۾ ته ڇا پر سڄي ڳوٺ ۾ پنهنجي ڪارپت وڃائي ڇڏي هئي، پاڙي مان ته ٺهيو پر گهر کان به نه مڙندو هو. پيٽيون ڀڃي پيسا چورائي ٻه- ٻه ڏينهن گهر مان مار جي ڊپ کان غائب  ٿي ويندو هو. سندس پوڙهي ماءُ ويچاري سندس ئي ڏک ۾ پئي ڳوڙها ڳاڙيندي هئي، پر جيڪڏهن ٻيهر گهر ۾ داخل ٿيو، ته ساڳي ڪار. ساڳيا لاٽون، ساڳيا چُـــگهه. هڪ ڏينهن اونهاري جي ٽاڪ منجهند هئي. گرميءَ کان ڪانوَ جي پئي اک نڪتي، هر ڪو پکي پکڻ پنهنجي پنهنجي آکيري ۾ آرامي هو. تنهن ويل اربو پاڙي جي کُــڏ تي چڙهي رهيو هو. کُڏ تي چڙهي هو چور ٻلي جيان پاسيرو ٿي هلندو ڇپ هڻندو اڳتي وڌڻ لڳو، اربو جيئن ئي کڏ تي پيل سامان وٽ پهتو، ته سامان مان هڪ ٻلي بُـــل ڏيئي نڪتي ٻلي جي بل تي اربوءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. ڇرڪ  ۾ سندس پير وڃي سامان تي پيا. سامان جي کڙڪي تي گهر جو مالڪ جاڳي پيو، جنهن اربوءَ کي ڏسي چور چور جو شور مچائي ڏنو. اربوءَ کي اچي ڊپ ورايو ڊپ ۽ هراس ۾ هو ڊوڙندو کڏ جي ڪارنس تي پهتو، ۽ کڻي بُـــل ڏنائين ۽ هوا ۾ بولاٽيون کائي وڃي سخت ڌرتيءَ تي لڳو، ڪرڻ شرط اربوءَ جا حواس جواب ڏيندا ويا ۽ هو بيهوش ٿي ويو. جڏهن هوش ۾ آيو، ته پاڻ کي نرم بستري تي سُــتل ڏٺائين. اربو آهستي آهستي پاسو ورائي جڏهن ٻي پاسي ڏٺو، ته سندس ماءُ، ننڍو ڀاءُ ۽ پيءُ کيس تڪي رهيا هئا. اربو جيئن ئي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، ته سندس جسم مان سور جا سيسڙاٽ نڪري ويا. هن پنهنجين ٽنگن ڏانهن ڏٺو. کاٻي ٽنگ تي اڇو پلاسٽر چڙهيل هئس، هن ٽنگ کي ڏسي پنهنجي ماءُ کان پڇيو: ”امان مان ڪٿي آهيان؟“ سندس پوڙهي ماءُ ويچاري، ته اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي. اربوءَ جي پيءُ کيس ٻڌايو، پـٽ تون بيهوش ٿي ويو هئين، اسان توکي شهر جي اسپتال ۾ وٺي آيا آهيون. سندس پيءُ بيحد ڏکايل لهجي ۾ چيو: ”ٻچا اسان توکي جهليندا هئاسون، ته ڪُــــڌا ڪم نه ڪر. ڏاهو ٿيءُ، پر وڏن جو مان نه ڄاتئي ۽ منهنجا پٽ! اڄ تون پنهنجي ڪيتي جي سزا پيو لوڙين.“ اربوءَ جي ننڍڙي ڀاءُ اربوءَ کي ٻڌايو: ” ادا ڊاڪٽر صاحب چيو پئي، ته تنهنجي هڪ ٽنگ هميشه لاءِ خراب ٿي وئي آهي.“ اربو اهو ٻڌي اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. هن پنهنجي ماءُ- پيءُ کان معافي ورتي ۽ وعدو ڪيائين، ته اڳتي هو ڪڏهن به چوري نه ڪندو ۽ نه ڪي ارڏائي ڪندو.

No comments:

Post a Comment