Friday, May 20, 2016

منهنجي پيءُ جو پيسو - محمد حنيف

منهنجي پيءُ جو پيسو
محمد حنيف
منهنجو والد صاحب گهڻو امير هو. ايترو امير هو جو اوهان سوچي به نه ٿا سگهو ته هو ڪيترو امير هو. سڀني کان وڌيڪ امير. جڏهن ظالم حڪمران، سندس دولت تي قبضو ڪري وٺندا هئا ته اڃا به امير ٿي ويندو هو. ٻين ملڪن جا بادشاهه کيس گهرائيندا، ساڻس تصويرون ڪڍرائيندا ۽ کانئس امير ٿيڻ جا گُرَ پڇندا هئا، مون تي اعتبار نه ٿو اچي ته هيءَ تصوير ڏسو.


هو ڪير آهي؟ آ آهيان، سوٽُ پاتلُ آهي، 1973ع جي تصوير آهي. ان وقت اوهان منجهان ڪيترن کي سوٽ هو. غور سان ڏسو آ اوهان کي ڪو اهڙو تهڙو نظر اچان ٿو. جيڪي گڏ بيٺل آهن سي امارات جا شيخ آهن. هي ڪي شيخ رشيد ٽائيپ ناهن. اِهي اصُلي وڏا شيخ آهن. شيخ زيد نالو ته ٻُڌو هوندُوَ. اوهان منجهان ڪيترن جي پيءُ جي شيخ زيد سان تصوير آهي، جي اَٿَوَ ته آڻي ڏيکاريو. تڏهن ته مان چوان ٿو ته منهنجي والد وٽ ايترو پيسو هو جو توهان اندازو ئي نه ٿا ڪري سگهو.
هي ان زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن ڊالر چئن روپين جو هوندو هو ۽ سرڪاري آفيسر جي پگهار پنج سئو روپيا هوندي هئي. ديسي گيهه سوا روپئي سير، ٻَڪَرَ جو گوشت ٻه روپيا سير، ڪڻڪ اٺ روپيا مَڻُ. مولوي حلوي جي ديڳ تي خوش ٿي ويندو هو، جيڪا ٻٽيهه روپين ۾ تيار ٿي ويندي هئي. جڏهن صحافي جي قيمت هڪ ڪوپ چانهن ۽ ٻه بسڪٽ، عمري جو ڀاڙو ساڍا چار سئو روپيا، باٽا جا جوتا اڍائي سو روپين ۾ ۽ سيٺينِ جي بي عزتي مفت ۾ ٿيندي هئي. ان ڀلي وقت ۾ منهنجو اَبو ڪروڙ ڪمائيندو هو.
توهان ارڙهن ڪروڙ آهيو، توهان مان ڪيترن کي خبر هوندي ته ڪروڙ ۾ ڪيتريون ٻُڙيون ٿينديون آهن. توهان سڀني جي والدين جو وڏو احترامُ آهي پر اِهو ٻڌايو ته انهن وٽ هو ڇا جو منهنجي پيءُ جو حساب ڪتاب ٿا گهرو.
هي جيڪي منهنجي تقرير تي ڊيسڪ وڄائي خوش ٿي رهيا آهن، انهن جا پيئرُ به امير نه هئا ۽ انهن جي اولاد چوندي ته منهنجي پيءُ وٽ گهڻو پيسو هو.
۽ هي منهنجو آواز جيڪو ڪروڙن اربن جو ذڪر ڪندي روئڻهارڪو ٿي رهيو آهي، ته ان جو سبب هي آهي ته اسان کي ورثي ۾ بي تحاشا دولت سان گڏوگڏ ڪافي احساسي محرومي به ملي آهي. امير ماڻهوءَ جي گهر ۽ گاڏيءَ وانگر ان جي محروميءَ جو احساسُ به گهڻو ٿيندو آهي. والد صاحب کي به اِهو احساس سڄي عمر رهيو ته ڪو ظالم بادشاههُ سندس محنت جي ڪمائي نه کسي وٺي.
وري هو جڏهن دبئيءَ جي مهربان بادشاهه شيخ زيد سان مليو ته پتو پيو ته شيخ صاحب به احساسي محروميءَ جو شڪار آهي ته سعودي عرب جي بادشاهه کي ڏسو وٽس ڪيترو پيسو آهي، سونَ جا ٽوائليٽ اٿس، جڏهن اسان سندس مهمان ٿياسين ته پتو پيو ته هو ان غمَ ۾ رهي ٿو ته اصل موجون ته ڪويتي ڪري رهيا آهن.
اِها احساس محرومي هئي، جيڪا مون کي هن شعبي ۾ وٺي آئي. والد صاحب چيو ته پيسو ته هاڻي پاڻيهي ٺهي رهيو آهي. تون لوههَ جي بٺين ڀرسان ويندين ته خواهه مخواهه رنگ ڪارو ٿي ويندو. ڪو وائيٽ ڪالر ڪم ڪَرِ. نائين ٽو فائيو. تنهن ڪري سياست ۾ اچي وياسين ۽ ترقي ڪندي ڪندي وزير اعظم، وري وزير اعظم ۽ وري به وزير اعظم ٿي وياسين. سو ائين سمجهه ته ظالم بادشاهن کان پيءُ جي ڪمائي بچائڻ لاءِ پاڻ بادشاهه بڻجي وياسين.
۽ اوهان هاڻي وري ٻيهر پڇڻ لڳا آهيو ته پيسو ڪٿان آيو. مون شايد اوهان کي نه ٻڌايو آهي ته منهنجو جيڪو والد صاحب هو ان وٽ .....................

(بي بي سي جي ٿورن سان)

No comments:

Post a Comment