Showing posts with label قديم، خزاني نقشو، نصرت، رضا شيخ، باقراڻي،. Show all posts
Showing posts with label قديم، خزاني نقشو، نصرت، رضا شيخ، باقراڻي،. Show all posts

Tuesday, June 28, 2016

قديم خزاني جو نقشو نصرت رضا شيخ/ باقراڻي

قديم خزاني جو نقشو
نصرت رضا شيخ/ باقراڻي
علي رضا، نعيم، جميل ۽ خليل چار ئي پاڻ ۾ دوست هئا، سڀئي ساڳئي ڪلاس ۽ اسڪول ۾ پڙهندا ۽ هڪ ئي ڳوٺ ۾ رهندا هئا، هڪ ڀيري اسڪول جي انتظاميا پاران سڀني ٻارن کي قديم قلعو گهمائڻ جو پروگرام ٺاهيو ويو. هنن چئني ڄڻن به گهمڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پوءِ اها گهڙي به اچي وئي، جڏهن سڀ گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪتا هو ڪل 50 شاگرد هئا ۽ انهن جي نگراني جي لاءِ پنج استاد ۽ ٽي گارڊ به مقرر ڪيا ويا هئا، قلعي تي پهچي هر هڪ استاد کي ڏهه، ڏهه ٻار سنڀالڻ لاءِ ڏنا ويا. هڪ هنڌ تي علي رضا، نعيم ۽ ٻين کي هڪڙي بورڊ تي ”ممنوع علائقو“ لکيل نظر آيو، جنهن جو صاف مطلب هو ته ان طرف وڃڻ سخت منع آهي، پر خبر ناهي خليل ڇا سوچيو جو هن جميل کي چيو ته اسان ان طرف ضرور وينداسين چار ئي ڄڻا استاد جي نظر کان بچي ان طرف وڃڻ لڳا اتي انهن کي هڪ هنڌ ڏاڪڻيون نظر آيون، جنهن کانپوءِ اهي چار ئي انهن ڏاڪڻين ذريعي هيٺ لٿا ته اتي هڪ تهه خانو ٺهيل هيو تهه خاني ۾ هنن کي هڪ کڏ نظر آئي، جو چار ان کڏ ذريعي ٻاهر نڪتا ته اتي هڪ وڏو باغ هيو، ايتري ۾ علي رضا جي پير سان ڪا شئي ٽڪرائجي وئي، هن ان کي کنيو ۽ ڏٺو ته اهو هڪ چمڙي جو ويڙهيل ٽڪرو هيو ۽ جڏهن هن اهو کوليو جيڪو هڪ مضبوط ڌاڳي سان ٻڌل هيو ته ڏٺائين ته ڪو نقشو آهي، جنهن ۾ هنڌ هنڌ تي رهنمائي جي لاءِ عربي ۾ ڪجهه لکيل هو. نعيم چيو ته لڳي ٿو ته هيءُ ڪنهن خزاني جو نقشوآهي، جنهن تي جميل چيس مون کي نه ٿو لڳي، في الحال اسان کي فورن ٻاهر نڪڙڻ گهرجي نه ته استاد اسان جي چهري جو نقشو نه بدلائي ڇڏي. علي رضا نقشو ٻيهر ويڙهي پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ چارئي کڏ مان ٻاهر نڪري آيا، اتفاق سان ڪنهن به ايتري دير سندس غائب رهڻ جو نوٽس نه ورتو.