Friday, September 18, 2026

ھوسڙا

ھوسڙا

منظور ڪوھيار



نسيم پارس گاد، ۲۰۲۶ع ۾ ڇپيل پنهنجين ڪهاڻين جو ڪتاب ”ھوسڙا“ پنهنجي سِر پاڻ اچي ”سعدي ٽائون“ ڏئي ويو. کيس شابس هجي، نه ته ڪنڊائتي ليکڪ کي ڪير ٿو پڇي، جيڪو نه ڪنهن جي ٻن ۾ نه ٽن ۾...



 خير، ڪتاب تي ڳالهائجي، سنڌي ٻولي ۾ ”ھوسڙا“ لفظ جي معني آهي ”شديد هوس، چاھ يا لالچ رکندڙ“ ڪتاب جي پهرين ۽ ٽائيٽل ڪهاڻي ئي ”هوسڙا“ آھي. رات جو اھا پڙهي ورتم. وڻي، ڏاڍي وڻي. پر جڏهن هڪ ڪهاڻيڪار، ٻئي ڪهاڻيڪار کي پڙهندو آهي ته جتي ڪهاڻي جي پڄاڻي ٿيندي آھي ته پڙهندڙ ڪهاڻيڪار جو تخليقي تجزيو اتان شروع ٿي ويندو آهي ته ”ڪهاڻي جي ابتدا يا پڄاڻي هيئن نه هيئن ٿيڻ گھربي هئي!“ ان ڪري هڪ ڪهاڻيڪار، ٻئي ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻين تي راءِ نه ڏئي، نه وٺي ته بهتر آھي. البته ٻين اوسن پاسن تي ضرور ڳالهائي، جو سنڌي ليکڪ (ڪهاڻيڪار) کي ٻيو ڇا ٿو پلئه پئي، سواءِ ”واھ واھ“ جي. پر ”واه! واه“ اهڙي به نه هجي جو ”انڌو چوي ته ناچ واه جو آ، ٻوڙو چوي ته راڳ واه جو آ.“

”ھوسڙا“ ھڪ علامتي ڪهاڻي آھي، معاشري جي انهن ڪردارن بابت، جن جي لالچ ۽  ھوس انتها تي پهچي چڪي آهي، جن پُرامن ۽ شريف ماڻهن جي نه ڇڏي آ، اڳڙي نه ٿڳڙي، سندن جيئڻ جنجال، زندگي زهر ڪري ڇڏي آھي. الميو اھو آھي جو انهن کي ڪجھ ڪري به نه ٿو سگھجي، چئي به نه ٿو سگھجي. اشاري ڪنايي ۾ صرف اهو چئي سگھجي ٿو ته ”ڪارو نانءُ ڪانءَ جو، ملڪ ڳيرا کائي ويا!“

ٻئي ڏينهن تي منجھند ڌارا سمورين ڪهاڻين پڙهڻ جو ارادو ڪيم، پر ڏٺم سائيڊ ٽيبل تان ”هوسڙا“ غائب هيو. ھٿ پير هنيم، پر نه لڌو. شايد “هوسڙا“ کي هوسڙا کڻي ويا ھيا. ڪجھ ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته وڏي نياڻي ڪتابن جا ڪٻٽ صاف ڪندي ”هوسڙا“ کي سائيڊ ٽيبل تان کڻي ٻين ڪتابن سان گڏ رلائي ڪٻٽ ۾ رکي ڇڏيو ھيو. خير سان  ڪتاب لڌو، ڪتاب جي ٻي ڪهاڻي ”هڪ شهر جي ڪٿا“ پڙهيم.  جيڪا اسان جي هڪ شھر جي ڪٿا نه پر سڀني شهرن جي ڪٿا آهي، وسيع تناظر ۾ ڏسجي ته پوري ملڪ جي ڪٿا آهي. جنهن ۾ شھرن اندر وڌندڙ گندگي کي ذو معني ۾ ڏيکاريو ويو آھي. ٽين ڪهاڻي ”خواب اڻندڙ شخص جو الميو“، جنهن لاءِ ليکڪ پاڻ لکيو آھي ته ( لوئيس جارج بورخيس جي نالي، جنهن کان متاثر ٿي هن ڪهاڻي لکي.)

هر ليکڪ، ڪنهن نه ڪنهن کان متاثر هوندو يا ٿيندو آهي. بورخيس، ملڪ ارجنٽينا جو چيڙهالو ليکڪ آهي. سندس تمثيلي يا علامتي ڪهاڻين جا اشارا ڪنايه گھرا ۽ ڏاڍا معني خيز هوندا آهن، جن کي سمجھو ڪي سمجھن، باقي جھڙي تهڙي جي جاءِ ڪونهي. ۱۹۹۱ع ۾ ارجنٽينا ۾ منهنجي بئچ ميٽ ”ماريه ايوجينيا“ پڇيو هيو ته ”تون بورخيس کي پڙهيو آهي؟“ مان ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو هيو، چيو هيائين؛ ”ان جي ڪهاڻي ”الف“ پڙهي ڏس. جڏهن مون پڙهي ته تاڪ نڪري ويا ته جيڪا ڳالھ ڪهاڻي ذريعي بورخيس ڪئي آهي، سا ته اسان جي صوفي شاعري ۾ به معرفت جي حوالي سان موجود آهي. مثلن، حضرت سلطان باھو جو ڪلام مثال آھي

الف الله چنبي دي بوٽي، مرشد من وچ لائي هو

نفي اثبات دا پاڻي مليا، هر جڳه، هر جاءِ هُو....

دراصل عربي ۽ عبراني جي حروف تهجي ۾ پهريون اکر الف آھي. جنهن کي ”بورخيس“ ڪائناتي وسعت ۽ خود آگاھي جو نقطو بڻائي ڪهاڻيءَ ۾ پيش ڪيو آھي. سندس ڪجھ ڪهاڻين کي پڙهڻ کان پوءِ مون ايوجينيا کي چيو هيو ته؛ ”بورخيس جي اسلوب ۾ مان به ڪهاڻي لکندس!“ چيو هيائين؛ ”واعدو!“ وراڻيو هيم؛ ”واعدو!“... پر اهو واعدو ئي ڪهڙو، جيڪو وفا ٿئي. بهرحال، نسيم پارس گاد، ”خواب اڻندڙ شخص جو الميو“ جھڙي ڪهاڻي لکي، ڄڻ ته منهنجي واعدي کي پاڻي ڏئي ڇڏيو. مان نه سهي، منهنجي نوجوان دوست نسيم پارس گاد ”بورخيس“ جي جادوئي حقيقت پسندي کي پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ انساني اندر جي ”روپ ٻهروپ“ جي حوالي سان جاودان ڪري ڇڏيو ته انسان ڪيئن فرضي دشمن ٺاهي پشيمان ٿئي ٿو. اهڙي طرح علامت نگاري ۽ تمثيل جي ميل جو ڀرپور اظهار اسان کي ”لوڻاٺيل وجود“ ۽ ” پيڊروبئريٽو جا ست سؤ گھوڙي سوار“ ۾ ملي ٿو. سندس مجموعي جون ٻيون ڪهاڻيون مثلن ”ڀڙڪو ڏئي اڏاميل خواب“، ”درد جون اڻ کٽ سرحدون“، ”ڀڪوڙيل هٿن ۾ سؤ جو نوٽ“، ۽ ”مان موٽي ايندس“ توجھ جي قابل آھن. ليپ ٽاپ خراب ٿيڻ ڪري، ھڪ ته سيل فون جي ڪي بورڊ تي، ٻيو ته رعشه (ھٿ ڏڪڻ) واري عارضي ڪري لکڻ ڏکيو ٿي پيو آھي.

جھونو ٿيو جھاز، سٽ نه سهي سڙھ جي،

پڳھ پراڻا ٿئا، سڙيو سڀوئي ساز،

معلم ٿئو محتاج، ٻيڙو وس ٻين جي. (شاه)

ان ڪري معذرت....! اميد آھي ته ادب جا گھڻگھرا، خاص ڪري ڪهاڻيون پڙهندڙ، سندس محنت کي مان ڏئي سرخرو ڪندا.

 

 

(منظور ڪوھيار جي فسيبڪ پوسٽ ۱۸ سيپٽمبر ۲۰۲۶ع)

No comments:

Post a Comment