Sunday, September 27, 2026

باب السلام ڪيڪ - منظور ڪوھيار

باب السلام ڪيڪ

(مختصر مختصر ڪهاڻي)

منظور ڪوھيار



بيڪري ۾ هڪ نئون ڪيڪ تيار ٿي چڪو هيو. ذائقي چکڻ لاءِ شهرِ ظلمات جي ھر بد ۽ نيڪ کي نينڍ ڏني وئي ته اچي شڪم پروري ڪري . هر هڪ پاڻ سان سالن جي نه ختم ٿيندڙ بک کنيون آيو هيو.

 ھڪ عفريت پڇيو، ”هن ڪيڪ جو نالو ڪهڙو رکيو اٿوَ؟“



 تيار ڪندڙ ماسٽر بيڪر وراڻيو، ”باب السلام ڪيڪ!“ سڀني کان خوشيءَ مان رڙ نڪري وئي، ”ان کان وڌيڪ ٻيو بهتر نالو نه ٿو ٿي سگھي. ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري جلد از جلد ورهايو وڃي!“

۽ پوءِ پيٽن ۾ سانڍيل ڇريون ۽ ڪانٽا اُڀا ٿي ويا.

 

 

(منظور ڪوھيار جي فيسبڪ پوسٽ ۲۷ سيپٽمبر ۲۰۲۶ع)

No comments:

Post a Comment