Saturday, July 30, 2022

سنڌي ادب - ڊاڪٽر محمد علي محمدي

سنڌي ادب

ڊاڪٽر محمد علي محمدي



اڄ ڪلھ سنڌي ادب ۾ جمود آهي. مضمون نگاري، افسانو، ڪهاڻي، ناول ورلي ڪو مارڪيٽ ۾ پيو اڄي. اسان جي سانڀر ۾ ٻارنهن، تيرهن سالن جي عمر ۾ ٻار ڪلاس ۾ ئي لکڻ سکي ويندا هئا. ٻارن جا رسالا، اخبارن ۾ ٻارن جا صفحا هڪ قسم جون نرسريون هيون. هاڻي ڪتابن ڇڀڻ جو مقدار وڌيو آهي پر معيار جا پرڪار پڌرا آهن. ان جو سبب ته هو نه عالمي ادب پڙهن ٿا نه وري  پنهنجي چوڌاري دنيا جي گولي تي جيڪو هڪ گلوبل وليج بڻجي چڪو آهي، ان کان سنڌ جو اڪثر اديب ڪورو آهي.


اڄ کان اڌ صدي اڳ جيڪو ادب سرجيو اهو هڪ نظرياتي هو. نام نهاد ترقي پسند هاڻي اڻ سڌي طرح سرمائيداري نظام جو حصو بڻجي چڪو آهي غير ضروري طور تي مذهبي طبقي تي لکڻ ۽ تصوف جي تاڃي پيٽي کان وانجهيل وري تصوف تي پيا. لکن.

سنڌ جي نوجوانن جا ڪيترائي مونجهارا آهن. هن دور ۾ بيروزگاري ڪيترن ئي اهل اديبن کي پاڻ وڪامڻ تي مجبور ڪيو آهي. هڪ اندازي مطابق هن وقت اٽڪل ٻارهن لک ڪتاب سنڌي ۾ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل سڄي دنيا ۾ محفوظ آهن، انهن ۾ ديني ادب، فڪشن، ،تاريخ، ائنٿرو پولا جي، تحقیق ،تنقيد، سائنس، طب، لسانيات، فلسفو، سياست،  آٿم ڪٿائون، آرڪيالوجي، سنڌ جي ڳوٺن ۽ شھرن جي تاريخ، ترجما وغيره پڻ موجود آهن. انهن ۾ اهي ڪتاب به اهن جيڪي شاعري جي موضوع تي آهن.

هن وقت ضرورت هن ڳالھ جي آھي ته سوشل ميڊيا تي ادب کي رکڻ جي بجاءِ پرنٽ ميڊيا تي رکيو وڃي. ان کان علاوه سنڌي ڪهاڻي ۽ ناول ۾ جدت پيدا ڪئي وڃي. مثال طور هاڻي غربت کان وڌيڪ آڪڙا، قسطن تي سامان، گاڏيون، ڪاميٽيون رکي نمبر وٺي پيسا کنڻ، انهن مونجهارن گھر تباہ ڪيا آهن . انهن موضوعن تي ڪهاڻيون ۽ آپگهات جي وڌندڙ تعداد کي موضوع بڻائي سگهجي ٿو. نقلي طور زندگي جي معيار کي وڌائڻ، ڇوڪرين جي وڌندڙ عمر ۽ شادي جي انتظار ۾ وار چاندي ڪرڻ. نوجوانن کي واپار طرف اتساھ ڏياريندڙ موضوع به زور دار لکڻين ۽ مڪالمن سان سنڌي سماج جو ٻيڙو پار ڪري سگهن ٿا. ان لاءِ جنهن شي جي ضرورت آهي ته سنڌي اديب پنهنجي مطالعي کي وڌائي. ادب سماج جو عڪس به هوندو آهي ته وري معالج به.

 

(ڊاڪٽر محمد علي محمدي، پنوعاقل جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۰ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment