Wednesday, June 15, 2022

سنڌي سماج سان ٺهڪندڙ پرڏيهي ڪهاڻين جو جائزو - محبوب سنڌي

سنڌي سماج سان ٺهڪندڙ پرڏيهي ڪهاڻين جو جائزو

محبوب سنڌي



”ستارن پويان ڊوڙندڙ شخص“ پرڏيهي ڪهاڻين جو ڳٽڪو آهي، جنهن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو (ڀون سنڌي) ڪيو آهي. ترجمن سان ئي عالمي ادب سرحدن جي پابندين کان آزاد رهي ٿو. سٺو ۽ معياري ادب ”فروٽ فل“ ٿئي ٿو، پوءِ ڇو نه جو هو ترجمي جي صورت ۾ ملي. سو ڀون سنڌي جي هي محنت سنڌي ادب جي زرخيريءَ ۾ هڪ شاهوڪار وڌارو آهي. هن ڪهاڻين جي ڪتاب کان اڳ به ڀون سنڌي ۱۹۸۵ع ۾ (گوري، گهاگهر ۽ گوندر) جي نالي سان پرڏيهي ڪهاڻين جو ترجمو ڪري چڪو آهي. وري ڪافي وقت کان پوءِ ۲۰۱۵ع ۾ (ستارن پويان ڊوڙندڙ شخص) ڪهاڻي ڪتاب ۾ هن چونڊ پرڏيهي ڪهاڻيون ترجمو ڪري شامل ڪيو آهن. جن جي خاص خوبي اها آهي ته هنن ڪهاڻين جو منهن مهانڊو نج سنڌي پڻي سان ملندڙ جلندڙ آهي، ڄڻ ته اسان جي سماج جا مسئلا اسان جي سامهون گردش ڪندي نظر اچن ٿا ۽ ائين لڳي ٿو ته هيءَ ترجمو نه پر ڄڻ ڀون سنڌي آرٽ جي مصوريءَ سان ادبي ڪئنواس تي سنڌي معاشري جا عڪس چٽيا آهن.


جيئن هن ڪتاب ۾ شامل ليکڪ سيرو خانزادئين جي (آرميني) ٻوليءَ ۾ ڪهاڻي(جنين ڪاڻ جياس) جو موضوع توڙي ڪردار اسان جي معاشري ۾ گهمندي ڦرندي ملن ٿا. اڄ به ڪو مزدر يا پورهيت پيءُ ۽ ماءُ پنهنجي اولاد کي پڙهائي لکائي ڪنهن سٺي منزل تي پهچائن ٿا ۽ اهو اولاد پوءِ نافرمان ٿي پنهنجي والدين کي اهميت نه ٿو ڏئي، هيءَ اسان جي سماج جو الميو آهي، ۽ اهڙو درد هن ڪهاڻي ۾ پوڙهي (نوسراد) جي ڪردار ۾ ڏسي سگهجي ٿو. جيڪو پنهنجي پٽ (ارشڪ) کي وڏي جفاڪشي ۽ محنت سان پڙهائي لکائي آفيسر ڪري ٿو ۽ هو آفيسر ٿي پنهنجي پيءُ کي وساري ڇڏي ٿو ۽ هو ان جو انتظار ڪندي پنهنجي ڳوٺ ۾ پريشاني ۾ زندگي گذاري ٿو ۽ جڏهن خبر پوي ٿي ته (ارشڪ) ڳوٺ آيو آهي جيڪا (نوسراد) جي ڪيفيت ليکڪ ڏيکاري آهي، ان ۾ هڪ پيءُ جي پيار کي پرکي سگهجي ٿو، سڪ ، تڙپ ۽ انتظار، ليکڪ ڪماليت جي پيشڪش ڪئي آھي. (ارشڪ) ڳوٺ جي چيئرمين وٽ رات ترسيو صبح جو پنهنجي پيءُ نوسراد سان ملڻ کانسواءِ هليو وڃي ٿو، اهڙي خبر پاڙي جي عورت (نوسراد)کي ٻڌائي ٿي ته هن جي ڏيکاريل ڪيفيت دکدائڪ ٿي سامهون اچي ٿي ۽ ليکڪ بي رحم پيراگراف سان ڪهاڻي کي پڄاڻي طرف وٺي وڃي ٿو، ”هاڻ هو ٿڙندو ٿاٻڙندو باغ ڏي وڃي رهيو هو ۽ بنھ جهور پوڙهي جيان ڏيکائي ڏئي رهيو هو. هن جون اکيون زمين ۾ کتل هيون ۽ هن کان اڳ ڪڏهن به ائين نه جهڪيو هيون. “ ائين ڪجھ ڪهاڻين تي ڏند ڪٿائي سحر جو به اثر نظر اچي ٿو. جئين (مئي جو تهوار) فلپائني ليکڪ نڪ جو ڪئين جي ڪهاڻي جي بيهڪ کي ڏسون توڙي جو هيءَ ڪهاڻي فني لوازمات تي پورو لهندڙ سٺي ڏانءَ سان لکيل آهي پر اصل حقيقت نگاري کان پري پري بيٺل نظر اچي ٿي. ائين هن ڪتاب جي اهم ڪهاڻي(ستارن پويان ڊوڙندڙ شخص) آرميني ٻولي جي ليکڪ ڊيرينڪ ڊيمرشين جي ڏند ڪٿا تي ٻڌل ڪهاڻي آهي پر جنهن انداز سان ليکڪ ڪهاڻي کي کڻي هليو آهي سا مهارت ڪمال جي چئي سگهجي ٿي ۽ ڪهاڻي ۾ ڪٿي ڪٿي سنڌي سماج جي منظرن کي به ڏسي سگهجي ٿو. هن ڪهاڻي ۾ ليکڪ ڪتاب جي اهميت، مصوري، آرڪيٽڪچر، تاريخ ۽ فلسفي تي ڪردارن کان ڳالهرايو آهي. ڪهاڻيءَ جي شروعات ۾ ڏنل جملو پنهنجو اثر پڙهندڙ تي ڀرپور ڇڏي ٿو. (اهي هٿ، جن هيءُ لکيو هڪ ڏينهن، مٽي ۾ ملي ويندا، پر ڪتاب، هر نسل، هر دور ۾، زندھ رهندو) توڙي جو هيءَ ڪهاڻي (ستارن پويان ڊوڙندڙ شخص) طويل ڪهاڻي آهي. پر پڙهندڙ کي ڪٿي به ٿڪائي نه ٿي ۽ ليکڪ ڪٿي ڪٿي شاعريءَ جو به سهارو وٺندي نظر اچي ٿو.

(لڱ منهنجا لوھ) ليکڪ يانڪيشن ماڌوڪر جي ڪهاڻي ۾ سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگي جي منظرن کي به آساني سان پرکي وٺبو، خاص ڪري هارين جي پسمنظر تي قلمبند ڪيل هي ڪهاڻي سنڌي سماج جو اولڙو ئي آهي. اسان جي ڳوٺن جا ماڻهو استاد (ماستر) کي وڏي عزت ڏيندا آهن. هن ڪهاڻي جو مک ڪردار (شيخو ) کي ڳوٺ جي ماستر سان حجائيتو ڏيکاريو ويو آهي. شيخو هاري پورهيت آهي، پوکائي جي موسم مٿان اچي پهچي ٿي هن وٺ ڏاند ڪونهي جو زمين کيڙي سگهي. سنڌ جي عورت جيان (شيخو) جي زال کي ليکڪ پورهيت ۽ بهادر ڏيکاريو آهي اسان وٽ اڄ به عورتون مختلف ڪم ڪارن سان گڏ هارپي ۾ به پنهنجي مردن سان گڏ هٿ ونڊائينديون آهن، اهڙي ڪٿا هن ڪهاڻي ۾ ليکڪ هن ريت بيان ڪئي آهي. (شيخو پنهنجي پريشاني ۾ ئي گم هو سندس زال اچي مٿائنس بيٺي. ”اٿي کيڙي تيار ڪر، ڍڳو ڪٿي آهي؟) شيخو جي اهڙي ڳالهايل جملي کان پوءِ سندس زال جو مڪالمو جتي عورتي جي حوصلي ۽ بهادريءَ کي ظاهر ڪري ٿو اتي پڻ پڙهندڙن جي جيءَ کي جهنجوڙي به وجهي ٿو ليکڪ ڪردار کان ڪجھ ائين ڳالهرايو آهي. ”پڃاري جي هڪڙي ڇيڙي سان ڍڳو جوٽ ۽ آءُ ٻئي ڇيڙي کان ڇڪينديس. “ شيخو اهو ٻڌي ڏڪي ويو. تخليقيت سان ڀرپور هيءُ ڪهاڻي آرٽ جو هڪ خوبصورت مثال آهي.

هن ڪتاب ۾ شامل ليکڪ (اموس موسينس) جي ڪهاڻي (نئين نسل جي واپسي) جو ڪردار (سينڊائي) به اسان جي ڌرتيءَ جي ڪنهن آدرشي نوجوان جو ڪردار ٿو لڳي. جنهن جي خوابن ۾ ڌرتي جي خوشحالي کي اهميت ڏنل آهي. هن ڪهاڻيءَ کي پڙهندي مون کي مزاحمتي شاعر عاشق دادويءَ جون هيءُ سٽون ياد اچي ويون ته (اي چنڊ وڃي تڪڙو ڏجان. منهنجي ديس جي ديسين کي نياپو. يا جيل ڪمائي ايندس مان يا روپ مٽائي ايندس مان) سامونڊي مهاڻن جي جياپي تي لکيل ليکڪ (گيگم سيون) جي ڪهاڻي، ابابيل هيٺ اڏرن ٿا جي عڪاسي به شاندار آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ترڪي جي ليکڪ (سلام بن رزاق) جي ڪهاڻي (ٽٽل شيشي جو عڪس) برمي ٻولي جي ليکڪ ”زواگئي“ جي ڪهاڻي (تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول) آمريڪي ليکڪ ”سمر سيٽ ماهام“ جي ڪهاڻي (اباڻا ڪک) ۽ ملائي ٻوليءَ جي برجستي ڪهاڻيڪار ”هوانگ هئي“ جي ڪهاڻي (لليءَ جي ننڍڙي دنيا) به پڙهڻ وٽان آهي، جنهن مان معياري افسانوي ادب جو پتو پوي ٿو. اهڙين پرڏيهي ڪهاڻين کي سنڌ سماج جو هڪ عڪس چئي سگهجي ٿو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۵ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment