Monday, June 6, 2022

پوءِ جو پڇتاءُ - موپاسان - انجنيئر عبدالوهاب سهتو

پوءِ جو پڇتاءُ

(فرانسيسي ڪھاڻي)

موپاسان

انجنيئر عبدالوهاب سهتو



شھر ڪانز جي مشھور ھوٽل جي لائونج ۾، ھو ھڪڙي آرام ڪرسيءَ تي آھليو، پنھنجي خيالن ۾ گم ھيو. لائونج ۾، ان وقت ھو اڪيلو ويٺو ھيو. خيالن جو سلسلو روان ھيس ۽ سندس ذھن عجيب قسم جي مونجھاري ۽ ڪشمڪش جو شڪار ھيو. سوچيائين پئي ته ھاڻ ڪانز جي ھوٽل ۾ نويڪلو ٿيو ويٺو آھيان پر ھڪڙي ٽوھيي ماڻھوءَ وانگر، آھيان آزاد. حالانڪ پيرس ۾ به ساڳي ڪيفيت ھئي، ليڪن اتي اڪيلائپ جو احساس ائين زور جو به نه پئي ٿيو.  

سوچيندي سوچيندي کيس پنھنجي ڏھاڳ ڏنل زال جو خيال، ذھن تي تري آيو. ٻڌو آھي ته ٻيو پرڻيو ڪري ڇڏيو اٿائين. ھيءُ سوچي رھيو ھيو ته منھنجو جائنشين، منھنجي موسيءَ سان، مون کان وڌيڪ پر مسرت زندگي گذاريندو ھوندو؟ يقين سان ٿو چوان ته اھو ڪو احمق ئي ھوندو، جنھن منھنجي تجربي مان ٽڪي جو سبق نه ورتو ۽ اھڙي عورت سان پرڻيو آھي. ليڪن مون کيس چونڊڻ ۾ ڪھڙو ڏاھپ جو ثبوت ڏنو ھيو. مان به احمق ھيس. ان جو سبب، غالبًا، اھو ھيو جو ھوءَ سونھن ۾ سڀني کان سرس ھئي. کيس ڏسي ڀورن وارن جو خيال پئي آيو. ھوءَ ايڏي سھڻي ۽ سندر ھئي جو مڙس کيس اڪيلو ڇڏي ئي نه سگھي. ڏھاڳ کان پوءِ کيس، مون جھڙو ڪو ٻيو مرد ملي ويو ھوندو ته اھا به ڪا ڇرڪائيندڙ ڳالھ ناھي. سندس وصَفَ مرد کي پاڻ ڏانھن موھڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ھوءَ ھڪ مڪمل عورت آھي. منجھس فقط ھي ئي نقص آھن ته ھوءَ غير ذميوار ھئي ۽ سندس طبيعت سندس قابوءَ ۾ نه ھئي. ھوءَ اخلاقيات جي به قائل ڪا نه ھئي. انھن مڙني خاصيتن کان بغير ئي ڪنھن جو گھر آباد ٿي سگھي ٿو. وري جي آباد به ٿيو ته اھو ڪيستائين ٽِڪي سگھندو؟



ڪوڙ ڳالھائڻ، سندس عادت ۽ مردن سان کيڏڻ سندس وندر ھيو. ھر مرد کي پنھنجي سونھن سان موھي ڇڏيندي ھئي؟ ڇا ھن منھنجي ڀروسي کي ڀڃي ڀورا ڪيو ھيو؟ منھنجي عزت جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون ھيون؟ ڪاش اھا ڳالھ مان ڪڏھن ڄاڻي به وٺان ھا! شايد ان جي ڄاڻ مون کي ڪڏھن به نه ٿيندي. مون سندس ھر طرح سان سنڀال ڪئي ھئي. اھو ڪم مون پاڻ به ڪيو ۽ پنھنجي زرخريد نوڪرن کئون به ڪرايو پر وريو ڪجھ به نه. خير! ھاڻ ته سڄو ٺاٺو ئي ڦِٽي ويو. اھي دفتر ئي اڏامي ويا. ھن ويچاريءَ منھنجي مشڪل سنھنجي ڪري ڇڏي، منھنجو ڌن به ضايع ٿيڻ نه ڏنائين. فقط ٿورڙو وقت سو ضرور ضايع ٿيو ۽ مون کي ھڪ ھٿ به ٿڪائڻو پيو. ان ڏھاڙي ھن جيڪا منھنجي ھٿئون مار کاڌي ھئي، سا ياعمر ڪا نه وسرندس. ھوءَ ان سزا جي لائق به ھئي.

پنھنجي زال کي مار ڪٽ ڪڍڻ وارو منظر ياد ڪري، موسو گاريل جي مُکَ تي سرھائي اچي وئي. کيس ياد آيو ته سندس زال، مار ڪٽ کائڻ کان پوءِ رڙندي، رنڀندي ۽ وڏي بغاغي سان عدالت ۾ پھتي ھئي. عدالت کيس ڏھاڳ ڏياريو. منھنجو ذرو به ضايع نه ٿيو. ھن سوچيو؛ ”مان ھاڻ آزاد آھيان ۽ سياري جي پوري موسم، ڪنھن ڇڙي وانگر اطمينان ۽ سڪون سان ڪانز ۾ ئي گذاريندس. اھڙي آزاديءَ جو تصور به منھنجي ذھن تان الوپ ٿي ويو ھيو. آه! سياري جي موسم ۾ جوانڙين ۽ نازڪڙين جي جسم جي گرمائش، آب حيات وانگر ھوندي آھي. اھا گرمائش جيڪا ڪراڙن کي جوان ڪري ڇڏيندي آھي. ڏسئون! اڳتي قسمت ڪھڙا رنگ ٿي ڏيکاري! ڪير ٿو ويجھو اچي، ڪنھن سان ٿي ڄاڻ سڃاڻ ٿئي. مون کي ڪا حسينا ماڻڻ لاءِ، انوکن تجربن منجھان گذرڻو پوندو. نه ڄاڻ اھا گلبدن ڪير ھوندي، ساڻس ملاقات جو سبب ڇا ھوندو، اھا سونھن-راڻي مون کي ڪاٿي ٿي نظر اچي. اوسي پاسي ھوٽل ۾، ھن شھر جي ڪنھن گھٽيءَ ۾، ڪنھن پارڪ ۾، ڪنھن سينيما ۾، ڪنھن دڪان منجھ. نه ڄاڻ ھن وقت اھا ڇا پئي ڪري. ممڪن آھي ته لٽا مٽائيندي ھجي. اھو به ممڪن آھي ته آئيني آڏو پنھنجي سونھن جو نظارو پسندي ھجي. نه ڄاڻ ھوءَ ڪھڙي ھوندي، جيڪا دل جي سمورين گھراين سان مون سان پيار ڪندي، جنھن کي مان پنھنجي ٻانھن ۾ ڀڪوڙي، پاڻ به سندس وجود ۾ گم ٿي ويندم. مان سندس زندگيءَ ۾ داخل ٿيڻ وارو، پھريون مرد ھوندم، جيڪو سندس خوشبوءِ سان پنھنجي دل جي محل کي معطر ڪندو.

ممڪن آھي ته ھوءَ ھن ئي ھوٽل ۾ موجود ھجي، بند دروازن پويان. ٿي سگھي ٿو اڄ ئي اھا اڪيلائپ دور ٿي وڃي. ھوءَ مون کي اڄ ملي يا سڀاڻي يا اڃا به پرينھن، ليڪن مان کيس ڳوليندس. کيس مون وٽ اچڻو ئي آھي. ھوءَ ايندي ته مان کيس ٻڌائيندس...“ ھن اڃا ايترو ئي سوچيو ھيو جو ھڪ تمام سھڻي ۽ من موھڻي سرير واري ڇوڪري، لائونج ۾ گھڙي. گاريل، فقط کيس پٺيرو ئي ڏسي سگھيو.

’ڪير آ اھا پياري لباس واري عورت!‘... ھن جي ذھن ۾ آنڌ مانڌ مچي وئي؛ ’اھا، سا ته ناھي جنھن جو مون کي انتظار ھيو؟ ھن جي ھلڻي غضب جي آھي. ھن جي سرير ۾ ڪيڏي نه لوڇ آ. بلاشڪ پاڻ به قھر جي سھڻي ھوندي. سندس پٺ، سندس سندر مُکڙَي جي آئينه دار آھي، ور نه ته اھڙو گھمنڊ ڪٿان ٿو اچي؟ ور نه چال ۾ اھو غرور ڪيڏانھن ڄمي ھا؟..... اوھ! منھنجا خدا! مان جيڪو ڏسان ٿو؟! سو سچ آھي؟. ھيءَ ته اھا ئي آھي، اھا ئي آھي مون واري ڏھاڳيل رن. ڪيڏو نه عجيب اتفاق آھي؟! ھيءَ ظالم ته اڳي کان به وڌيڪ سھڻي ٿي پئي آھي. يا اھو به منھنجي نظرن جو دوکو آھي؟! نه! نه! ڏسو ته سندس مُکَ تي ڇا نکار آ! سندس سرير اھڙو تراشيل ۽ گھڙيل اڳي ته نه ھيو؟ ھوءَ ڪيڏي نه بي نياز آھي؟! ڄڻ ھن ھڪ دنيا فتح ڪري، وري ان کي لت ھڻي ڇڏي ھجي؟!.... ڏاڍو ڀلو! ھن جي اک مون تي، جنھن سان اڻ ڳڻيون راتيون گذاريون ھيائين، نه پئي. مان سندس عاشق، مان سندس خريدار، مان سندس مڙس، مان سندس ڇا ڇا نه ھيس؟ ھوءَ ڪيڏي مَڳَ سان ڪرسيءَ تي ويھي ڪتاب پڙھڻ جي تياري پئي ڪري. ھاڻ ھن ڪتاب کولي ڇڏيو آھي. ھاڻ ھوءَ مطالعي ۾ ٻڏي وئي آھي. ھن جو سراسر روپي سرير، سنھي پوشاڪ مان ليئا پائي رھيو آھي. ھوءَ ڪيڏي نه دلڪش نظر پئي اچي.

منھنجي زال!... ھاڻ اھي لفظ ڪيڏا نه ٺٺول ڪندڙ ٿا لڳن. ليڪن ان حقيقت کان ڪير ٿو انڪار ڪري سگھي ته ھيءَ سھڻي سندري، ڪڏھن منھنجي زال ھئي ۽ منھنجي سمھڻ واري ڪوٺيءَ ۾، منھنجي بستري جي سجاوٽ ھئي، جنھن جو ڪو ذرو پرزو منھنجي نظرن کان اوجھل نه ھيو. بلاشڪ! ھوءَ سونھن ۾ اڳي کان به اڳري ٿي پئي آھي، ڪنھن شراب وانگر. شراب به پراڻو ٿيڻ سان نشو آڻيندڙ ٿي پوندو آھي. فرض ڪيو، مان جي ساڻس ملاقات ڪيان ته ڇا چوندوسانس؟ ھاڻ مان ساڻس ڪھڙي موضوع تي ڪچھري ڪندس.... ڇا منھنجي ان ڪوشش تي کيس چڙ ايندي؟ ۽ ھوءَ مدد لاءِ پنھنجي مڙس کي سڏيندي.... ڇا کيس مون سان گھاريل ڏينھن ياد ھوندا؟ ڇا کيس اھا آخري مار به ياد ھوندي! اف! مون کيس ڪيڏو نه بڇڙي انداز ۾ موچڙا ھنيا ھيا. مون کي، کيس ائين مارڻ ڪٽڻ نه کپندو ھيو. ھوءَ ڪيڏي نه نازڪ بدن واري آھي. مون ساڻس ڏاڍائي ڪئي. آخر ھڪڙي ڪوشش ڪرڻ ۾ ڪھڙي اربعا خطا ٿي پوندي! ليڪن اھو مون لاءِ ڪيڏو نه نئون ۽ حيران ڪن تجربو ھوندو؟!... مان ساڻس پڪ ڳالھائيندس ۽ ڪير ٿو چئي سگھي... ممڪن آھي....

گاريل، فيصله ڪن انداز ۾ پنھنجي ڏھاڳيل ڏانھن وڌيو. ھوءَ ھاڻي پنھنجي نئين مڙس جي ڪري ’مادام ڊي چانٽيور‘ سڏرائيندي آھي. ھوءَ ھاڻ ڪرسيءَ تي آھليو، مطالعي ۾ محو ھئي.

”مادام! ڇا مان اوھان جو ٿورڙو وقت وٺي سگھان ٿو؟“ گاريل، نرم لھجي ۾ چيس.

مادام چانٽيور، تڪڙ ۾ منھن مٿي ڪري ڏٺو ۽ ستت پنھنجي مخاطب کي سڃاڻي ورتائين. سندس واتئون ھلڪڙي چيخ پڻ نڪري وئي ۽ ڪرسيءَ تان اٿي، ڀڄڻ جي ڪيائين. گاريل، انتھائي سنجيده انداز ۾، ھٿ جي اشاري سان، ويٺو رھڻ جي تلقين ڪيس؛ ”اوھان کي، مون کان ڊڄڻ ۽ خوف کائڻ جي ضرورت ناھي، مادام!“ گاريل سنجيدگيءَ سان چيس؛ ”ھاڻ مان اوھان جو مڙس ناھيان.....“

”ٻيو ته موسيو گاريل اھو تو کي سونھي نه ٿو. تو کي مون سان ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪرڻ نه کپي. ڇا ايترو جلد، تون سڀ ڪجھ وساري ويٺو آن؟“ مادام چانٽيور چيس.

”ان ڳالھ جو دَھو ئي نه ٿو پوي ته مون کي ڇا ڪرڻ گھرجي ۽ ڇا نه ڪرڻ گھرجي. ليڪن ھاڻ به جڏھن مون تو کي ڏٺو، پاڻ کي آپي ۾ رکي نه سگھيس.“

”ليڪن مون کي تو سان ڳالھائڻ وڻي ئي نه ٿو. مڄاڻ ھن وقت جون ۱۹۷۳ع تي مون سان ملڻ ۾ تنھنجو مقصد ڪھڙو آھي. مگر اھڙو مرد، جيڪو عورت تي ھٿ کڻي سگھي ٿو، سو ڇا نه ٿو ڪري سگھي؟“

”مون کي پنھنجي ڪِئي تي شرمساري آ مادام! ليڪن تو کي به اھو نه ٿو روائي ته تون مون کي وري وري ساڳيو واقعو ياد ڏياري، شرمندو پئي ڪر. ليڪن منھنجو خيال آھي ته تو کي ھڪ طرح سان منھنجو شڪر گذار ٿيڻ گھرجي.“

”شڪر گذار؟ سو ڇو؟“ مادام چانٽيور، حيرت مان پڇيس.

”ان لاءِ ته منھنجي ان حرڪت جي صدقي، تو کي باقي حياتي پنھنجي پسند جي مڙس سان گھارڻ جو موقعو مليو. مون کي پڪ آ ته تون پنھنجي وَرَ سان خوش ھوندينءَ ۽ ساڻس گھڻي محبت ڪندي ھوندينءَ.“

”مھرباني ڪري، مون کي اڪيلو ڇڏي ڏي! مان تو سان پنھنجي ذاتي معاملن تي ڳالھائڻ نه ٿي چاھيان.“

”اگر مان ان ڏھاڙي، ڪاوڙ جي انڌ ۾ تو تي ھٿ نه کڻان ھا ته تون اڄ توڻي، مون سان ڏکن ڀري زندگي پئي گذارين ھا.“

”بيشڪ! مون کي ان لحظي جو پورو پورو احساس آھي.“ مادام چانٽيور چيس.

”پوءِ مان چڱي سلوڪ جو حقدار آھيان ۽ تنھنجو ھاڻي وارو سلوڪ انصاف جي تقاضائن جي نفي ٿو ڪري. ھر شخص کي پنھنجي محسن سان ڀلو سلوڪ ۽ ورتاءُ ڪرڻ گھرجي.“

”اھو درست آ! ليڪن اسان کي ھن دنيا ۾ اھي سڀ شيون ملن ئي نه ٿيون جن جا اسان مستحق آھيون. مون کي تنھنجي شڪل کان ئي نفرت آ.“

”افسوس! ھوند مان به ائين چئي سگھان يا محسوس ڪري سگھان.“

”مان نه ڇڙو تنھنجي بي ترس فطرت کان نفرت ٿي ڪيان بلڪ تنھنجي چاپلوسيءَ سان پڻ نفرت ٿي ڪيان.“

”ان جو مون کي ڏاڍو افسوس آ. ڇو جو ھاڻي مون کي ٻه چار ٿڦڙون ٺوڪي، تنھنجا خيال مٽائڻ جو حق حاصل ناھي. ان ڪري منھنجي آڏو صرف ھڪ ئي رستو بچيو آھي ته ڪوشش ڪري، مان پاڻ کي تنھنجي لاءِ قابل قبول بڻايان. يعني ڪا اھڙي صورت ٺاھيان، جنھن سان تو کي مون سان نفرت نه رھي.“

”اگر تون دل سان ان ڳالھ جي خواھش رکين ٿو ته پوءِ مھرباني ڪري ھتان ٽري وڃ!“

”مان تو کي خوش ڪرڻ پئي گھريو.“ گاريل جي لھجي ۾ تلخي اچي وئي؛ ”ليڪن ان جي به ھڪ حد ھوندي آھي. تو کي خوش ڪرڻ جي خواھش مون کي ان لاءِ ھئي جو مان پنھنجي ڪِئي تي سچ پچ شرمسار آھيان ۽ ان جو ڪفارو ڀرڻ ٿو چاھيان.“

”ڪفارو!“ مادام چانٽيور ٺٺول ڪندي چيس؛ ”ڇو تو ۾ ذرو به عقل ڪونھي؟ ٿوري به انسانيت ڪانھي؟ ھڪ عورت کي بي رحميءَ سان ماري ڪٽي، مٿس لتن مڪن جي وسڪاري کان پوءِ........“

”اھو به ٿي سگھي ٿو، اھا عورت واقعي ان سلوڪ جي لائق ھجي. تون ئي ٻڌاءِ! تو مون سان بي وفائي ڪا نه ڪئي ھئي؟ تو منھنجي اعتماد کي ڀڳو نه ھيو؟! منھنجي عزت جون ڌڄيون اڏائي نه ڇڏيون ھيئي؟ اڄ ان سوال جو جواب ئي اھو فيصلو نبيري ڇڏيندو ته تون ظالمانا سلوڪ جي لائق ھئينءَ يا نه ھئينءَ ۽ مان غلطيءَ تي ھيس يا نه......“

”موسيو! تون منھنجو ٽڪو مانُ پيو ڪري!“ مادام چانٽيور، پنھنجي جاءِ تان اٿڻ جي ڪوشش ڪئي.

”مان تو کي درخواست ٿو ڪيان مادام ته جھٽ سوا لاءِ منھنجي ڳالھ ٻڌ!“ گاريل جلدائيءَ ۾ چيس؛ ”مان مڃان ٿو ته مون شديد قسم جي ساڙ جو مظاھرو ڪيو ھيو. ليڪن ڇا ان مان اھو ثابت نه ٿو ٿئي ته مون کي تو سان ڪيتري قدر محبت ھئي. بيشڪ مون پٿر دليءَ جو ثبوت ڏنو ھيو. ان جي باوجود سچي ڳالھ اھا آھي ته مون تو تي ترس کاڌو ھيو. تو کي ان کان به وڏي سزا ملڻ گھرجي ھا!“

”مون کي نه اڳي تنھنجي ترس جي ضرورت ھئي، نه اڄ آ.“ مادام، حقارت منجھان چيس.

 ”ڇا ان لاءِ جو تون بي گناھ ھئينءَ؟ يا ان لاءِ تون ان قدر خوش ھئينءَ جو منھنجي ترس کائڻ تي تون فقط مشڪي پئي سگھينءَ!“

”تو کي جيڪو وڻي سو ويٺو چئه!“

”ٺيڪ آ مان ھاڻ سمجھي ويو آھيان. مون کي اڳي ئي ان ڳالھ جي پڪ ھئي ته تو مون سان بي وفائي ڪئي ھئي، تون ڪڏھن به منھنجي وفادار نه ھئينءَ!“

”اھو مون ڪڏھن چيو؟“

”تنھنجو اھو ئي مطلب آ، تو ھاڻ مڃيو آ ته تو مون سان.....“

 ”مان اھو گندو لفظ ٻڌڻ ئي پسند نه ٿي ڪيان.“

”لفظَ ڪڏھن به گندا نه ھوندا آھن. انھن پويان لڪل عمل گندا ھوندا آھن.“

”ھرگز نه! اھو ڪوڙ آھي.“

”اگر تون اھو ثابت ڪرين ته اھو ڪوڙ آھي پوءِ جيڪا تجويز مان تو آڏو پيش ڪرڻ گھري پئي، تنھن جي افاديت پاڻمرادو ختم ٿي ويندي.“

”ڪھڙي تجويز؟“

”ھاڻ ٻڌائڻ مان ڪھڙو فائدو؟ ھاڻ ته اھو ثابت ٿي چڪو آھي ته تو مون سان بي وفائي ڪئي ھئي.“

”ھل! جھٽ سوا لاءِ اھو کڻي فرض ٿا ڪيون ته مون تو سان واقعي بي وفائي ڪئي ھئي. پوءِ؟!“

”اھو چئي ڇڏڻ ڪافي ناھي. مان تنھنجي ڄِڀَئون باقاعدي اعتراف ٻڌڻ ٿو چاھيان.“

”مان اعتراف ڪيان ٿي.“

”اھو چئي ڇڏڻ به ڪافي ناھي. مون کي ثبوت کپي.“

مون کي تو تي حيرت پئي ٿئي گاريل!... ان کان وڏو ثبوت ٻيو ڪھڙو ٿي سگھي ٿو ته مان پئي چوان ته مون تو سان بي وفائي ڪئي ھئي.“ مادام چانٽيور مشڪندي چيو.

”مون کي ان جو ثبوت کپي.“ موسيو گاريل اصرار ڪيس.

”تو کي مون کان ڪھڙي قسم جو ثبوت کپي؟ ھن وقت، مون وٽ اھڙو ڪو ثبوت ناھي.“

”مان وري پنھنجي ڳالھ ورجائيندس ته مون کي فقط ثبوت کپي.“

”منھنجي نظر ۾، منھنجي زبان ئي منھنجو ثبوت آھي. منھنجي اعتراف کان پوءِ، ڪنھن ٻئي ثبوت جي ضرورت باقي نه ٿي رھي.“

”ڇا تون ساک سان ٿي؟“

”مان ساک ٿي کڻان.“ مادام چانٽيور، ھڪ ھٿ مٿي ھوا ۾ اڀو ڪري، چيو.

”ھاڻ مون کي پڪ ٿي.“ گاريل سنجيدگيءَ سان چيو؛ ”ليڪن ڪنھن سان گڏجي....؟“

”منھنجو خيال آ ته اھو سوال، حدون اورانگھي ٿو وڃي.“

”ليڪن اھو ضروري آھي.“

”مان ان جو جواب ڏيڻ کان انڪار ٿي ڪيان.“

”ڇو؟“

”ان لاءِ ته مان ھڪ پرڻيل عورت آھيان.“

”ليڪن ٻڌائڻو پوندئي، ھاڻي ۽ ھن وقت.“

”افوھ!...“ مادام کِٿِ ٿي وئي؛ ”ڪھڙو حرج آ...... اھو ٻيو ڪو به نه ھيو، منھنجو موجوده مڙس ئي ھيو. جنھن سان ملي، مون تو سان بي وفائي ڪئي ھئي.“ مادام چانٽيور مشڪندي چيو.

”اھو نه ٿو ٿي سگھي. اھو ممڪن ئي ناھي.“

 ”ڇو؟“

”ان لاءِ ته،“ گاريل جواب ڏنس ته؛ ”اگر اھو تنھنجي محبوب جي حيثيت سان خوش ھجي ھا ته تو سان ڪڏھن به پرڻجي نه ھا. ڇو جو... خير ڇڏ.. منھنجي ھڪڙي تجويز ٻڌ. ھاڻ اعتراف ڪيو اٿئي ته تون ڪڏھن منھنجي وفادار نه رھي ھئينءَ. ٻين لفظن ۾، مان انتھائي احمق، گڏھ ۽ نااھل ماڻھو ھيس. مون تو کي ٻه چار ٺونشا ھنيا ھيا ۽ لتون ٺوڪيون ھيون، مگر اھا مار منھنجي ان ذاتي تذليل جي مَٽُ ٿي نه ٿي سگھي، جيڪا تو مان سان بي وفائي ڪري، ڪئي ھئي. ۽ نه وري اھا منھنجي خوشين ۽ مسرتن جي انھن لمحن جو معاوضو ٿي سگھي ٿي، جيڪي تو منھنجي بدران ڪنھن ٻئي کي ڏنا. ان لاءِ ھاڻ مون کي ان جو پورو معاوضو ملڻ کپي. ڇو جو ھاڻ مان تنھنجو مڙس به نه آھيان.“

”تنھنجي ڪل ٿڙي وئي آھي. آخر تنھنجو مطلب ڇا آھي؟“

”منھنجو مطلب بلڪل سڌو، صاف ۽ چِٽو آھي. جنھن وقت ۾ مان تنھنجو مڙس ھيس، ان وقت مون کان منھنجي خوشين جا بي بھا پَلَ ڇني، ڪنھن ٻئي جي جھوليءَ ۾ وڌا ھيئي..... نه ڄاڻ ته ڪنھن جي ھنج ۾.“

”تون پاڳل ٿي ويو آھين.“

”ھرگز نه!.. ان وقت تنھنجي سرير، تنھنجي محبت، تنھنجي چمين جي چسڪارن ۽ تنھنجي سيسڙاٽين جي گرميءَ جو حقدار مان ھيس..... تو منھنجو حق تلف ڪيو ھيو. تو منھنجي مسرتن جا اھي پَلَ، ڪنھن ٻئي کي ڏئي ڇڏيا ھيا. مان اڄ تو کان انھن لمحن موٽائڻ جي گھُرَ ٿو ڪيان. پنھنجو وڃايل حق ٿو گھران. ٻيو ته مان تو کي پڪ ٿو ڏياريان ته اھو سڀ ڪجھ رازداريءَ ۾ ھوندو.“

”تنھنجو مطالبو، ناقابلِ قبول آھي.“

”ھرگز نه! ھڪ جائز قرض جي واپسيءَ جو مطالبو، ڪڏھن به ناقابل قبول ٿي نه ٿو سگھي.“

”اگر مان تنھنجو مطالبو مڃيان به کڻي ته پوءِ ڏھاڳ جو فائدو؟“

”محبت جا دٻيل ٽانڊا، دکائي منجھانئن باھ ڀڙڪائڻ.“

”تو کي مون سان ڪڏھن محبت رھي ئي ناھي.“

”تو ڪڏھن ان کي محسوس ڪرڻ لاءِ تڪليف ئي نه ڪئي.“

”اھو ڪيئن؟“

”اھو ڪيئن؟“ گاريل، حيرت منجھان چيو؛ ”جيڪڏھن..... جيڪڏھن ڪو به مرد شدت منجھان اھو چاھيندو ھجي ته سندس وني، نه صرف سندس وني ھجي پر سندس محبوبا پڻ ھجي ته پوءِ ان کان وڌي ڪري سندس......“

”تون مون کي ائين منجھائڻ جي ڪوشش نه ڪر!“ مادام چانٽيور چيو؛ ”ڪنھن عورت سان پرڻجڻ جو مطلب ئي اھو ھوندو آھي ته يا ھو ساڻس محبت ٿو ڪري، يا کيس پنھنجي سمھڻ واري بستري جي سجاوٽ طور آڻڻ جي خواھش اٿس. جيڪڏھن ڪنھن مرد جي دل، انھن ٻنھي جذبن کان خالي ھجي ته پوءِ ھو صرف جانور ھوندو آھي، انسان نه ھوندو آھي. پھرين صورت ۾ اھو مرد، ھڪ محبوب جون سموريون ذميواريون ۽ فرضَ نباھيندو آھي. ٻي صورت ۾ ھو صرف عورت جي نسوانيت منجھان مزو ماڻڻ جو حقدار ھوندو آھي. ھو پنھنجي ڪلھن تي ھڪ محبوب وارو ٻوجھ نه ٿو کڻي، تنھن ڪري ھو ھڪڙي محبوب جو درجو حاصل ڪرڻ جو مطالبو پڻ نه ٿو ڪري.“

”تنھنجو ڏنل دليل بلڪل ڪمزور آ مادام! جڏھن ڪو به مرد ڪنھن عورت سان محبت ڪندو آھي ته پوءِ کيس ساڻس ڪڏھن به وھانءُ ڪرڻ نه گھرجي. ڇو جو ان صورت ۾ اھا عورت ساڻس ڪنھن به حالت ۾ بي وفائي ڪري ٿي، جيئن تو مون سان ڪئي. جڏھن ته ھڪ عورت پنھنجي محبوب ۽ سينڌَي کي اھو سڀ ڪجھ ڏئي ٿي، جيڪو ھوءَ پنھنجي مڙس کي به نه ٿي ڏئي...... تنھن ڪري مان دل سان ان ڳالھ تي يقين رکان ٿو ته اگر ڪنھن عورت سان سدا لاءِ تعلقات رکڻا آھن ته ساڻس ڪڏھن به پرڻو ڪرڻ نه گھرجي..... پرڻو ته ھڪ ڌاڳي وانگر ھوندو آھي، جنھن کي ڪنھن به وقت ڇني سگھجي ٿو. ليڪن آزاد محبت، فولادي زنجير وانگر ھوندي آھي، جنھن کي ٽوڙي نه ٿو سگھجي. اسان ڌاڳو ته ڇني ڇڏيو، مگر مان ھاڻ تو کي زنجير جي پيشڪش پيو ڪيان.“

”تنھنجون ڳالھيون ڏاڍيون دلچسپ آھن، موسيو! ليڪن مان تنھنجي پيشڪش قبول ڪرڻ کان انڪار ٿي ڪيان.“

”ان صورت ۾ تنھنجي مڙس کي، تنھنجي بي وفائيءَ کان آگاھ ڪرڻ، مان پنھنجو فرض سمجھندس.“

”ضرور..... اھو ڏاڍو کلندو.“

”مان کيس ٻڌائيندس ته جڏھن تون منھنجي زال ھئينءَ ته تو مون سان بي وفائي ڪئي ھئي ۽ ھاڻ کيس ھوشيار رھڻ گھرجي، ڇو جو تون ساڻس به ائين ڪري سگھين ٿي.......“

”ان مان فائدو؟“

”ڪجھ به نه! تنھنجي زندگي زھر ٿي ويندي. ھن جي ذھن ۾ شڪ جو ٻج پئجي ويندو ۽ ھو تنھنجي سمورين حرڪتن ۽ چالن جو گھري نظر سان جائزو وٺندو رھندو. تنھنجا لفظَ، لب لھجو، چال چلت، پوشاڪ، ٺاھ ٺوھ، ھيڏي ھوڏي واجھائڻ، پوءِ ڀلي تنھنجون حرڪتون غير اختياري ۽ پويتر ئي ھجن، ليڪن ھو خبر ناھي ته پنھنجي ذھن ۾ انھن جون ڪھڙيون ڪھڙيون معنائون وٺي.....“

”ائين نه ڪجانءِ! گاريل!“ مادام چانٽيور، خوشامدي لھجي ۾، کلندي چيو.

ان وقت ڏاڪڻين تان ڪنھن، مادام چانٽيور کي مَيٿلڊا جي نالي سان سڏيو. ”اوھ! منھنجو مڙس پيو اچي. چڱو خدا حافظ!“ مادام چانٽيور، ھيڻي لھجي ۾ چيو.

”مان چاھيان ٿو ته تون پاڻ ئي ساڻس منھنجو تعارف ڪراءِ ھاڻي. ائين مون کي گھڻي آساني ٿي پوندي.“ گاريل، پنھنجي جاءِ تان اٿندي چيو.

”گاريل! تون ڇو پيو منھنجي زندگي زھر ڪرين؟...... ائين متان ڪرين!“

”ضرور ڪندس، تون ڏسندي رھجانءِ!“

”خدا جي واسطي، ائين نه ڪجانءِ! مان تو کي منٿ ٿي ڪيان!“

”ته پوءِ مون واري زنجير قبول ڪر!.....“

ڏاڪڻين تان وري سڏ ٿيو؛ ”مَيٿلڊا!“

”مون کي وڃڻ ڏي!“ مادام چانٽيور چيو.

”تون ڪاٿي ملندينءَ؟“

”نه!..... اڄ رات...... مانيءَ کان پوءِ!“

”ياد رکجانءِ! مان تو سان محبت ڪيان ٿو.“ گاريل، مَيٿلڊا جي ھٿ تان چمي وٺندي چيو.

مَيٿلڊا، تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي، ڏاڪڻين ڏانھن ھلي وئي.

 

(سنڌي روپ: عظمت الله خان جي ڪيل اردو ترجمي تان)

No comments:

Post a Comment