Wednesday, June 1, 2022

کنڀ ڪو نه لڳندا - آگم منڙو

کنڀ ڪو نه لڳندا

ننڍڙي ڪهاڻي

آگم منڙو



پڪي پلاسٽڪ جو وڏو ٽُڪر، اُن سان اڌ جُڙيل ٻه چار اڻ ڇِليل ڪانيون ۽ ڪجُھ ننڍيون وڏيون لوهي پِنون کڻي هُو اڳتي وڌيو، ”ڪٿي استاد علي بخش به ڪو بهانو ڪري نه ويهي!“

”نجيب جي دل ۾ الائي ڇا هو؟ لڳائڻا ته صرف کنڀ ئي هُئا، پر ايتري ڪم لاءِ به چوي ٿو وقت ڪونهي! ڪٿي نجيب ڪو بهانو ته نه ڪيو آهي؟“ هُن پنهنجي پاڻ کان پڇيو.


”ها پڪو بهانو ئي ته ڪيو اٿس!“ هُن هلندي پاڻ کي پاڻ ئي جواب ڏنو؛ ”ايئن ڪيئن مُمڪن آهي جو ايترو وقت به نه هجيس!؟ ۽ مٿان وري ڏس ڏيندي چوي ٿو وڃ علي بخش وٽ! اُهو ئي کنڀ لڳائي ڏيندئي، مان واندو ڪو نه آهيان!“

”ماڻهو به الائي ڪيئن آهن!؟“ علي بخش جي اَڏي کي ويجهو ٿيندي هُن سوچيو؛ ”عام وهنوار ۾ ته وڏيون ڳالهيون ٿا ڪن پر جڏهن ڪم پوي تڏهن ٿي ڪَل پوي!“

هُو سوچيندو رهيو ۽ هلندو رهيو؛ ”منهنجو چاھ ڏسي چوندو هو، وڏو لغڙباز ٿيندين! ٿوري محنت ۽ هِمت ڪر پر اڄ جڏهن سمورو سامان ۽ اڌورو لغڙ مون وٽ ڏٺائين ته مُنهن کڻي ڪِنو ڪيائين! چيم، هي سِڌو ڪري کنڀ لڳائي ڏي تڏهن وري کُتو جواب ئي ڏئي ڇڏيائين!“ هُن ڪنڌ ڇنڊيو؛ ”حالت آهي ايڏي رِيس؟؟“

علي بخش جو در کڙڪائيندي هُو وري سوچڻ لڳو؛ ”متان ائين ته ڪونهي جو هر لغڙباز سوچيندو هجي ڪنهن ٻئي کي لغڙ اڏائڻ سيکارجي ئي نه؟“

”ها ائين ئي هوندو! نه ته نجيب انڪار ئي ڇو ڪري ها؟“

هُن در کڙڪائڻ بعد، پيرن سان زوردار داڦوڙو هڻي پير ڇنڊيا؛ ”روز شام واندو ئي ته هوندو آهي ۽ ٻيا لغڙباز ٿي پيا ته پوءِ ڀلا هُنن جي لغڙبازي ڪيڏانهن ويندي!؟؟“

علي بخش در کوليندي ٻاهر نڪتو ته هُن سوچيو؛ ”ڪٿي استاد علي بخش به مُنهن پٽي نه وِجهي!“

”پر نه! علي بخش ائين ڪيئن ڪندو؟“ هن پاڻ کي رد ڪيو؛ ”علي بخش ٻين وانگر ڪونهي! آئي وئي جو خيال اٿس ۽ دل جو به اهڙو ڪونهي!“

”ڇا کنيو اٿئي فقير؟“ علي بخش هُن کي ڏسي ٻاهر نڪرندي ئي رڙ ڪئي؛ ”صفا ڪڇ ڀڪوڙيو بغلگير ٿيو بيٺو آهين؟“

”استاد هي پلاسٽڪ آندي اٿم!“ هُن پاسيرو هٿ ڏيندي چيو؛ ”هر پاسي لغڙ ڏسي من ٿيو ڪي لغڙ اڏائجن ۽ کڻي پاڻ به ٿورو لغڙباز ٿِجي! سو مان به ڪجھ سامان هٿ ڪري اڌورو لغڙ ٺاهي کڻي آيو آهيان پر لغڙ ته آهي جيڪو مون کي وٺ ئي نٿو ڏئي!“

”لغڙبازي ڪم اوکو آهي! کڏا، کوٻا، کاهيون ۽ ڇِپون توڙي ڇتيون گهڻا پير ڇِلڻا پون ٿا.“ علي بخش مرڪندي چيو؛ ”ٻيلي شوق ته چڱو پر دماغ جي کپت به گهڻي اٿئي!“

”استاد بس ٿورو واهرُو ٿي! باقي ڪم منهنجو.“ هُن آھ ڀري چيو؛ ”کنڀ ئي لڳائي ڏي باقي ٻيو ڪرڻو ڇا هي؟ رڳو اڏائڻو ئي ته آهي!“

استاد علي بخش پلاسٽڪ جو ڪٽيل ٽڪرو ۽ اڻ ماپيل ڪانيون هُن کان وٺي ڏسڻ لڳو. فقيري استاد جي دل وٺندي چيو؛ ”پهرين استاد نجيب ڏي ويو هئس! پر انهي خالي موٽائي ڇڏيو. چيائين؛ ’لغڙ باز ٿيڻ تنهنجي وس جي ڳالھ ڪونهي!‘ مايوس ٿي استاد تو ڏي وريو آهيان، ٻيلي هاڻ پارت هجئي.“

علي بخش فقيري جي پوري ڳالھ ٻڌي نه سگهيو. پلاسٽڪ پکيڙيندي چيائينس؛ ”هِن ۾ کنڀ ڪو نه لڳندا.“

”کنڀ ڪو نه لڳندا؟؟“ فقيرو پريشان ٿي پيو؛ ”ڇو؟ کنڀ ڇو نه لڳندا؟“

”کنڀن کان ڪم گهڻو آهي!“ استاد نجيب، فقيري کي گھوريندي چيو؛ ”ڪانيون پوري ماپ جون ڪونهن ۽ وري پِنون گهٽ وڌ آهن ته اُهي بِنھ ڪم جون ناهن!“

”استاد مون کي مايوس ته نه ڪر!“ فقيري دل هڻندي چيو؛ ”مان وڏي اميد کڻي تو وٽ آيو آهيان. اڳ ئي استاد نجيب دل ٽوڙي آهي، مٿان تون به نهڪر ٿو ڪرين!؟“

”اُهو ته آهي پر هِن ۾ کنڀ ڪو نه لڳندا.“

”پر کنڀ ڇو نه لڳندا؟“ هن ڄڻ احتجاج ڪيو؛ ”اوهان ايڏا ماهر ۽ تجربيڪار آھيو، هر پاسي اوهان جي نانءُ جو ناماچار هلي ٿو، سڀڪو اوهان کي استاد سڏي ۽ هِن ۾ وري کنڀ نه لڳندا؟“

”ها هِن ۾ کنڀ نه لڳندا!“ علي بخش پلاسٽڪ جانچيندي چيو؛ ”هن کي کنڀ لڳا ته اڏامندو گهٽ، گُهتون وڌيڪ هڻندو ۽  اصل وٺ به نه ڏيندو!“

”پر استاد ڪا مدد ڪا مهرباني!؟ جيئن مان به لغڙباز ٿي سگهان!“

”ٺيڪ آ.... پوءِ هِن کي پُڇ لڳي سگهي ٿو!“ علي بخش فقيري جا ايلاز ٻُڌي سوچيندي چيو؛ ”کنڀن بدران پُڇ لڳڻ سان ئي واھ جو اُڏامندو!“

”پوءِ کڻي پُڇ ئي لڳائينس!“، فقيري هڪدم چيو؛ ”کنڀ نه سهي پُڇ ئي سهي!“

”پر پُڇ لڳائڻ سان ته هي تو کي به ساڻ اُڏائي ڪٿي وڃي ڊاهيندو!“ استاد علي بخش چيو؛ ”يا وري هيڪر جي مٿي چڙهيو ته پوءِ واپس تون به هيٺ نه لهندين!“

”استاد هي لغڙ آهي جهاز ڪونهي!“ فقيري چيو؛ ”اهڙي ڳالھ ڪونهي جو ائين ٿئي! بسم الله ڪري بس تون پُڇ لڳائينس.“

”ٺيڪ آهي! اُڏامڻ لاءِ ته تيار ئي آهي!“ علي بخش فقيري کي گُهوريندي چيو؛ ”رڳو پُڇ ئي لڳائڻ جي دير آهي!“

پلاسٽڪ پٽ تي وڇائي علي بخش پُڇ لڳائيندي فقيري کي ڏسي چيو؛ ”هونئن به اڄ جي دور ۾ کنڀن کان وڌيڪ پُڇ جي اهميت ئي جام آهي!“

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۳۱ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment