Saturday, June 4, 2022

ڀنگيءَ جو پٽ - رزاق سهتو

ڀنگيءَ جو پٽ

(ننڍڙي ڪهاڻي)

رزاق سهتو



رحمان روئندو پٽيندو گاريون ڪڍندو گھر ۾ داخل ٿيو ته سندس ماءُ اڱڻ ۾ ويٺي هئي. جوان پٽ کي جو بيحال ڏٺائين ته پريشان ٿي وئي. ڊوڙي وڃي پٽ کي ڀاڪر ۾ ڪيائين کائونس پڇڻ لڳي؛

“پٽ رحمو! خير ته آهي؟! ڪنهن ماريو ٿي جو روڄ راڙو ڪندو ٿو اچين؟”

“امان ـــ چوڪ تي بيٺو هيس ته ڪجھ ماڻهن اچي مونکي گھٽ وڌ ڳالهيو ۽ چيائون ته ڀنگيءَ جو پٽ آهين.”

“امان ٻڌاءِ مان ڀنگيءَ جو پٽ آهيان!؟”


“نه ابا اسان ڪيترين پيڙهين کان پڪا مسلمان. ماڻهن جو مٿو ڦريو آهي ڇا جو تو کي ڀنگيءَ جو پٽ ٿا چون. ڪمينا ڪنهن جاءِ جا. ڀيڻا ڳالهه جو پيرو نه کر اسان ڪو ناليون صاف ڪيون گهٽيون ٻهاريون ڪي گٽر صاف ڪيا جو هنن ڏٺو جو چون ٿا ڀنگيءَ جو پٽ آهين خدا جي ڪا مار پوندن نه روئو پاڻ کي پريشان نه ڪر اندر پڻهي ڪوٺيءَ ۾ ويٺو آ، هلي ٻڌائينس ته ڪهڙا ماڻهو هيا ڪرائيندن سڌو ٽائون ڪميٽي جي صدر کان هو پڻهي جو يار آهي.”

ائين چئي ماءُ پٽ کي گھليندي ڪوٺيءَ ۾ وٺي آئي جتي مڙسنس گل محمد المعروف گلو، ٽي وي تي ڊرامو حُسنا پوپري پئي ڏٺو. جوڻس داخل ٿيندي ئي رڙ ڪري چيس؛

“ٻڌين ٿو. ماڻهن جو پيٽ ڀرجي ويو آهي جو منهنجي ٻچڙي کي روئاري گھر موڪليو اٿن.”

گل محمد ڪروڌ ڪندي چيو؛

“ڌيجان ڊرامو به سڪون سان ڪو نه ٿي ڏسڻ ڏين ڇا تي ڌمچر لاتو ٿي.”

“ڌمچر مون ڪونهي لاتو ماڻهن جو مٿو ڦريو آهي جو اسان جي لاڏلي پٽ کي چون ٿا ته ڀنگيءَ جو پٽ آهين.”

“ڇا..!!”

“ها. ڏسين نه ٿو رحموءَ جا پيءَ! پٽڙي روئي روئي ڪهڙا حال ڪري ڇڏيا آهن.”

گلو سوچ ۾ پئجي ويو ته جوڻس چيس؛  

“ڇا پيو سوچين!؟ اٿ! وجھ ڪهاڙيءَ ۾ هٿ! ڪر انهن مئن ماڻهن کي پورو! اسان کي ٿا ڀنگي چون. ڪڍين وات مان ڪاڪڙو، بيهودا ڪنهن جاءِ جا.”

گلو کيس چيو؛ “ڪاوڙ ڍري ڪر ٿڌي ٿي.”

گلو پٽ ڏانهن نهاريندي چيو؛ “پٽ رحمان تون ٻاهر وڃ”

رحمان ٻاهر هليو ويو ته گل محمد زال ڏانهن ڏسندي چيو ته؛ “رحموءَ جي ماءُ ماڻهن کي خبر پئجي وئي ڇا؟”

“ڇا جي خبر!”

“تو کي ڄاڻ آهي ته ٽائون ڪميٽيءَ جو صدر منهنجو دوست ۽ سياسي ماڻهو، هلندي پڄندي سرنديءَ وارو آهي سو ڪجھ ماڻهو ڀنگين جي جاءَ تي ڀرٿي ڪيائين، جن ۾ منهنجو نالو به آهي. گھر ويٺي پئي پگھار ملي. اسان به پئي عياشي ڪئي. ڳالهه ته ڳري ٿي پئي.”

“ڳالهه ڳري رڳو ڪا نه ٿي.. پول پڌرا ٿيا ٿي. تو اصل ماري وڌو ڪيڏو ڪڌو ڪم ڪيو ٿي.”

“مال تي منهنجي به دل هرکي پئي، پوءِ ڇا ڪيان هان.”

“مئا! ان لڄائي مارڻ کان ڀڙوو ٿي هان، ڀنگي ته نه ٿي هان.”

 

(رزاق سھتو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۴ جون ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment