Monday, June 13, 2022

ڏيپلائي صاحب جي افسانا نويسي ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

ڏيپلائي صاحب جي افسانا نويسي

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ



افسانو/ڪهاڻي جديد نثري صنف آهي، جا پوريءَ دنيا جي ٻولين جي ادب ۾ مقبول ۽ معروف نثر جي صنف طور سڃاپجي ٿي. سنڌي ادب کي به اهو اعزاز حاصل آهي ته سنڌي ادب ۾ بهترين افسانا لکيا ويا آهن. .


سنڌي ادب جي جديد افساني جي شروعات ورهاڱي کان اڳ تقريبن ۱۹۱۴ع کان ٿي. مرزا قليچ بيگ، امر لعل هنڱوراڻي، مرزا نادر بيگ، شيخ اياز، ڏيپلائي صاحب ۽ ٻين افسانا لکڻ شروع ڪيا. هيءَ دور سنڌي افساني جو ابتدائي دور شمار ٿئي ٿو، جنهن ۾ فني گهاڙيٽي کان وڌيڪ حقيقت نگاريءَ تي توجهه هئي، ڏٺو وڃي ته اها افساني جي اهم ترين خوبي آهي. محمد عثمان ڏيپلائيءَ افسانن لکڻ جي شروعات (۲۵-۱۹۲۴ع) کان ڪئي. هن زميندارن وٽ نوڪريءَ ۾ حياتيءَ جي واقعن جا جيڪي مشاهدا اماڻيا سي افسانوي رنگ ۾ پيش ڪيا. سندس لفظن ۾ ته: ’انهن سٺ پنجهٺ ورهين جا ڏنل عبرت ناڪ واقعا، سواءِ ڪنهن کي بدنام ڪرڻ جي آئون افسانوي رنگ ۾ بيان ڪندو رهندو آهيان ۽ ڪندو رهندس. چاهي ڪنهن کي به ناگوار لڳن، پر نڪي ڪڇندا نڪي پڇندا، پر اندر ۾ پيا لڇندا ۽ ڪي ته کلندا به. هو چوندا آهن ته؛ هن ملنگ مڙس کي اسان سان نڪي ذاتي وير آهي، نه ڪنهن مخالف جو هٿيو بنجي لکي ٿو. هن جي اصولن منجهه جيڪو به ايندو آهي، ان کي لُڻي رکندو آهي، پوءِ چاهي سندس ويجهو عزيز ڇو نه هجي.‘



اها ته ڏيپلائي صاحب جي پنهنجي راءِ سندس افسانوي فن تي آهي پر مراد علي مرزا موجب ته: ’هن جي افسانن ۾ مزاح به آهي ته سنجيدگي، ڏک ۽ غم به آهن. جن ۾ سنڌ جي ڏتڙيل ۽ مسڪين عوام جي صدين جي پيڙا جون صدائون ٻڌجن ٿيون. انهن ۾ حاڪم، وڏيري ۽ مُلي جي ازلي ٽڪنڊي جي اٻوجهه عوام جي مٿان لٽڪندڙ ترار ڏسجي ٿي، جنهن هنن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون هيون. هن جي افسانن ۾ اوهان کي ظلم ۽ مظلوم جا ڪردار ملندا. زور ۽ زبردستيءَ جا مثال ملندا، انهن ۾ نه فني مونجهارا آهن نه وري شاعراڻي ٻولي آهي، ڳالهه سڌي سنئين ڪيل آهي. ٻولي عام رواجي آهي. واقعا پنهنجي وقت ۽ زماني جا آهن، ڏيپلائي صاحب اهي افسانا اهم مقصد لاءِ لکيا هئا ته جيئن انهن وسيلي سنڌ جي عام ماڻهوءَ ۾ جاڳرتا پيدا ٿئي. سنڌ ۾ ڦرمار ۽ پرماريت واري سماج جو انت اچي هڪ اهڙو سماج قائم ٿئي، جتي امن هجي، انصاف هجي ۽ خوشحالي هجي.‘

ڏيپلائي صاحب جي لکيل افسانن جي مجموعي مان چند جا عنوان هن ريت آهن. ’گلشنِ عبرت (پهريون مجموعو)، خيبر جون خوبانيون، رنگا رنگي دنيا، مجاهدانِ اسلام، شرڪ ناس، مرشد جون ٽنگون، مرشد جو گهوڙو، مرشد جي ڌيءَ، مرشد جي ڏاڙهي، نٿ جو حج، آخري سبق، مسلمان بادشاهه، ٽيڪياڻي‘ ڪل ۱۳ مجموعا آهن. انهيءَ کانسواءِ ڪهاڻين ۾ ’اورنگزيب جو انصاف، اوليائن جي مار، بزدل نور جهان، بغداد جو ڌاڙيل، اڪيلو منارو، اسپيني شهزادو، پنج گڏيون، پوڙهو اُٺ، ٻئي گدرا، ٺٽي جا ڏاڙهون، جيل جو ڊاڪٽر، چنڊ جو جبل، حق جو رعب، سائنس جو پُٽ، شاهي پروانو، غدار دکن، جيل جو تيل، رڍ بيبي، غيرت جو ٽهڪو، مرشد جي ڪهاڻي، ڪاوڙيل مريدياڻي، مرشد جو اُٺ، گڏهه جو پيءُ، کنڊ جون ڳوڻيون، مصري عامل، نڀاڳي مريدياڻي، نر ماديءَ جو فرق، ووٽن جي پيتي، وڏيري جي رات، ڍڳن جو لشڪر، جيل جي جهڙتي، ڳجهه، ڳابڙو، جيل جو جمعو، ڦلڙي، آفيم جو جبل، يزيد جو ڀيڻويو، راجا هري سنگهه جي درٻار، سيد جو اُٺ، شريف ڪمانڊر، بلوچ جي چماٽ، مصطفيٰ جو قيدي، مجاهد جي اک، سيد ۽ ڪنڀر، بهادر مسلمان ۽ ٻيا.‘ ڪُل سئو يا سوا سئو افسانا آهن. ترجمو ڪيل افسانن ۾ ’درگاهه شريف، تپيدار جي رپورٽ، مرشد جي پڳڙي، هٽلر، مظلوم مهاجر، شينهن مار شيدي، معصوم مجاهدا‘ ۽ چند ٻيا آهن.

ڏيپلائي صاحب هڪ حساس اديب وانگر ڪنهن به موقعي تي ڪنهن به ناانصافيءَ جي ڳالهه يا واقعي کان متاثر ٿيو ته هُن هڪدم انهيءَ کي قلم هيٺ آندو، چاهي اهو ايڊيٽوريل هجي، ڪالم، مضمون، ناول يا افسانو هجي، هُو جيستائين انهيءَ واقعي کي لکي پيش نه ڪندو هو، کيس آرام نه ايندو هو ۽ انهيءَ جا منفي پهلو ڄاڻائي مقصدي نموني پڙهندڙن سان ونڊ ڪرڻ جي ڪري سندس لکيل ادب جو پڙهندڙن تي وڏو اثر پيو، هو غريب ۽ مظلوم جي واهر ڪرڻ لاءِ لکندو رهيو.  جيئن ته ڏيپلائي صاحب فقط افسانا نگار نه هو، هُو هڪ گهڻ رخي شخصيت جو حامل، گهڻو لکندڙ اديب ۽ صحافي هو، سندس تحريرن ۾ مقصديت آهي ته تبيلغ پڻ آهي، ڪي افسانا ڪٿي مضبوط ته ڪٿي ڪمزور پڻ آهن پر اهم خوبي جيڪا آهي سا آهي حقيقت نگاري ۽ مقصديت، ادب ۾ مقصديت ۽ سماجي حقيقت نگاريءَ جي هڪ خاص اهميت آهي، هيءُ افسانا ۱۹۲۸ع کان ۱۹۴۵ع جي دور جا آهن، جنهن وقت سنڌي افسانو شروعاتي دور ۾ هو، ورهاڱي کان اڳ جي ادب (نثر توڻي نظم) ۾ مقصديت تي توجهه هئي، ادبي صنفن جي فني پهلوئن تي آهستي آهستي وڌيڪ توجهه پوءِ ڏني وئي. سو ڏيپلائي صاحب سماج سڌاري لاءِ لکيل افسانن ۾ هن هر سماجي بدعت خلاف لکيو.  

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۳ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment