Wednesday, June 1, 2022

چنڊائي - غفار سومرو

چنڊائي

مختصر ڪهاڻي

غفار سومرو



گهر کان ٿورو اورتي گهٽيءَ جي موڙ وٽ حيران پريشان بلڪ ائين چئجي ته وائڙن وانگر ڏينهن تتي ۾ پگهرون پگهر هيڏانهن هوڏانهن نهاري وري نراڙ تي هٿ جي تري هڻندو ٿي رهيو. چپن ۾ الاءِ ڇا جو ڇا ڀڻڪندو ٿي رهيو.

مون کي ايندو ڏسي، پُٺِ ڏيئي گهر ڏانهن تکو تکو روانو ٿيڻ لڳو. هڪل ڪري بيهاريومانس. سندس ويجهو پهچندي مون ڏٺو ته همراه صفا پورو لڳو پيو هو. ڪلهي تي هٿ رکيومانس ته ڇرڪ نڪري ويس ۽ نهايت معصوم شڪل بنائي ڏسندو ئي رهيو.


“ڇا ٿيو ادا! طبيعت ته ٺڪ آھي نه؟” مون سندس چهرو پڙھڻ جي ڪوشش ڪندي پڇي ورتو.

“ها ها  سڀ خير آھي، توهان خوش آهيو!؟” مٿي مان وهي ايندڙ پگهر اگهندي، وراڻيائين.

“مان ته ٺيڪ آھيان. مون کي ته تنهنجي طبيعت سهي ڪو نه ٿي لڳي يا وري ڪا پريشاني اٿئي. ٻڌاءِ ڇا مسئلو آھي؟!” ڪلهي تي هلڪو زور ڏيئي، آٿت ڏنيمانس.

“ڪجھ ناهي، ڪجھ ناهي! بس ائين ئي ٻاهر جي هوا ٿي جهٽيم. گهر اندر اُڪرس هئي نه تڏھن ٻاهر نڪري آيس!” هن گهر وڃڻ لاءِ وک وڌائي.

“بيھ ته سهي! ڀلا ڏي حال اليڪشن جو. نشان ڪهڙو مليو ٿئي!”منهنجي ايتري چوڻ تي همراه جو اڌ منهن اڳيئي لٿل هو ويتر اڌ ٻيو به لهي ويو. روئڻهارڪو ٿي چوڻ لڳو؛ ”ادا ڇا جي اليڪشن ڇا جو نشان! الائي ڪهڙي چنڊائيءَ کنيو جو مان فارم ڀرائي بيهي رهيس!”

“ڇو!؟”

“يار ڏس نه! ڀلا مان اڪيلو ڪيستائين بيٺو رهان. اڄ هٿ کڻڻ جو آخري ڏينهن آھي، اڃا تائين ڪو به وڏيرو مون کي ويهارڻ لاء ڪو نه آيو آھي!!”هن جي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا.

مون هلڪو ٽھڪ ڏيندي چيو؛ “پٽيا خدا جا! پوءِ بيٺو ڇو هئين، جڏھن تو کي هٿ ئي کڻڻو هو!”

“ادا مان جائيءَ ۾ ٿورو ئي بيٺو هوم. مون ته سوچيو هو؛ ’بيھڻ کان پوءِ ڪو نه ڪو وڏيرو مون کي ويهارڻ لاء ايندو، چار ڏوڪڙ  ڏيندو. ڦوٽا نڪرندا، نالو به ٿيند!‘ پر هاءِ افسوس...“ ٻئي هٿ منهن تي هڻي، هيٺ ڌرتيءَ تي ويهي رهيو ۽ مان؛ ’رو دل رو! پنهنجي نصيب تي رو! تو کي ڪنهن چيو هو!....‘ جهونگاريندو، گهر روانو ٿي ويس!!

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۳۱ مئي ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment