Tuesday, May 31, 2022

مرد گھٽ، مريض وڌيڪ - ارشاد شيخ

مرد گھٽ، مريض وڌيڪ

ننڍڙي ڪھاڻي

ارشاد شيخ



ورھاڱي کان اڳ ھندو مسلمان منهن تي ٻن اکين وانگر ھوندا ھيا.

لکنئو ۾ ميونيسيپل ڪارپوريشن جي اليڪشن ٿي. ناچڻي دلربا جان ھدايت، وارڊ مان فارم ڀرايو. اتي نيڪ، شريف ۽ ھوشيار حڪيم، شمس الدين رھندو ھو.

سنگت ساٿ ايلاز ڪري، ھن جو فارم دلربا جان جي مخالفت ۾ ڀرايو. وڏا رنگ رچي ويا. سٺو زمانو. نفرت جو نانء نشان ڪو نه. شام جو دلربا جان چوڪ تي نچي، نعرا لڳي وڃن. ھوڪرا. خوشين جا خزانا سندن پيرن ۾. اصل مزا ھجن. دلربا واري ڌر نعرو ٺاھيو:


“نبض ڏيکاريو حڪيم کي، ووٽ ڏيو دلربا کي.”

حڪيم صاحب جي ڌر وري نعرا ھڻي:

“دل آ دلربا جي، ووٽ آ حڪيم جو.”

خير. امن امان سان اليڪشن ٿي. حڪيم شمس الدين صاحب خير خوبيء سان کٽي ويو.

الا! الا! ڇا ته مان مريادا ۽ اخلاق ھو.

شام جو دلربا جان گلن جو ھار کڻي، حڪيم صاحب جي مطب تي وئي. ھن کي ھار پارائي، مبارڪون ڏيندي، کلندي چوڻ لڳس: ”حڪيم صاحب! مان اليڪشن ھارائي ويم! باقي خبر پئجي ويم ته؛ اسان جي شھر ۾ مرد گھٽ، مريض وڌيڪ آهن.”


(آدرش/ ارشاد شيخ جي فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)

No comments:

Post a Comment