Sunday, May 29, 2022

چڱيون ڇوڪريون - غفار سومرو

چڱيون ڇوڪريون

ننڍڙي ڪهاڻي

غفار سومرو



ڇوڪرين ليکي استاد سائين ڪلاس جي هڪ ننڍڙي ٻار کان سبق ٻڌڻ ۾ مصروف آھي. هو ٻئي ڄڻيون ڪتاب هڪ پاسي رکي پاڻ ۾ ويجهو ٿي، منهن منهن ۾ ڏيئي، هوريان آواز ۾ ڳالهائي رهيون هيون.


استاد جيئن ئي ڪلاس جي آخري ننڍڙي ٻار جو سبق ٻڌي ورتو ته ننڍڙي ڇوڪري جي نڪ مان وهي ايندڙ لم صاف ڪرڻ لاءِ کيس ٻاهر نلڪي تي وڃڻ جو چيائين. پاڻ ٽيبل جي خاني ۾ رکيل موبائل کڻي، ڊيٽا آن ڪندي، نوان اسٽيٽس پڙھڻ لڳو.

تنهن مهل ڇوڪرين واري پاسي کان سندس ساڄي ڪن سان هڪ ڇوڪريء جو آواز ٽڪرايو؛ ”عيد لاء مون گلابي رنگ جو غرارو ورتو آ, مئچنگ سينڊل ۽ پرس به ورتو اٿم!”

ٻي ڇوڪري؛ ”مان به سڀ شيون ورتيون آھن. بس رڳو سينڊل رهي ٿو. ابو کي پگهار ملي ته پوءِ وٺنديس!”

“ڀلا ميندي به ورتي اٿئي؟”

“هاڻ رسيس ۾ وٺي آئي آهيان. پر لڳائيندس چنڊ رات جو!”

“مان به رسيس ۾ شيشي جون ڳاڙھيون ۽ گلابي رنگ جون چوڙيون ورتيون آھن.” پهرين ڇوڪريءَ جو خوشيون ڀريو آواز آيو.

“مان ته ٻه مينديون ورتيون آھن!” ٻي ڇوڪري به خوش ٿي چيو.

“اڙي ٻه ڇو؟ تنهنجي لاءِ ته هڪڙي کوڙ آھي!”

“ها پر هڪڙي ميندي پاڙي ۾ رهندڙ مسڪين ڇوڪريءَ کي ڏينديس!”

پهرين ڇوڪري ڪجھ دير سوچيندي رهي. پوءِ ٿيلهي جي زپ کولي هٿ وجهي، هڪ ڳاڙھي رنگ جي چوڙين جو سيٽ ڪڍي هن جي هٿ تي رکندي چيو؛ ”منهنجي طرفان هي چوڙيون به ان مسڪين ڇوڪريءَ کي ڏيئي ڇڏجان!”

“الا! تون ڪيڏي سٺي آھين!” ٻي ڇوڪريء پهرين ڇوڪريءَ کي ڳراٽڙي پائيندي چوڻ لڳي. تنهن وقت استاد مرڪندي سندن پڪچر سيو ڪري ورتي!!

 

(غفار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۹ اپريل ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment