Monday, May 23, 2022

مڪلي ۾ مرگ ناول جو مختصر جائزو محبوب سنڌي

مڪلي ۾ مرگ ناول جو مختصر جائزو

محبوب سنڌي



اردو ٻولي جي ليکڪ غافر شهزاد جو تخليقي ناول ”مڪلي مين مرگ” post modernism ۽ modernism جي وچ ۾ realism جو سندر اظهار آهي، جيڪو پوسٽ ماڊزم کان اڳتي واري سوچ کي اڀاري ٿو، ۽ محسوس ڪرائي ٿو ته جديديت کي ڪو به معتارف ڪرايل لاڙو ڪراس ڪرڻ ۾ اڳڀرو نه ٿو ٿي سگهي. هيءُ ناول صائما علي، ارسلان منصور، صحافي طارق اسماعيل ۽ بابا مستان جهڙن متحرڪ ڪردارن تي پنهنجو جياپو ظاهر ڪري ٿو. جڏهن ته هن ناول جي ڌرتي گهڻي قدر پنجاب جي شهر لاهور، صوفي اولياءِ اڪرام جي دربارن خاص طور تي خانقاهي تصوف جي انڪاري دربار وارث علي شاھ ۽ بي بي پاک دربار سميت اُچ، قصور ۽ سرائيڪي بيلٽ جي دربارن سلطان باهو ۽ سنڌ جي شهر ڪراچي جي درگاهن ۽ ٺٽي جي مڪلي قبرستان تي بيٺل نظر اچي ٿي. جنهن جو مقصد عمارت ۾ ٿيل دلڪش تعميرات جي فن کان ويندي درگاهن جي اصل سڃاڻپ کي ظاهر ڪرڻ ۽ هڪ ڪلچرلي تصوف ڏانهن اشارو آهي. هن ناول جي نالي کي ذهن تي رکي ناول جو ڇيد ڪبو ته پڙهندڙ محسوس ڪندو ته هن ناول جو ليکڪ مڪلي جهڙي وسيع موضوع ۽ هن جي انفراديت ڀري تاريخ سان انصاف نه ڪري سگهيو آهي، جنهن جي ڪري ناول جو نالو ”مڪلي مين مرگ” پڙهندڙ کي اوپرو ضرور لڳي ٿو.. پر ناول ۾ جهڙي طرح ليکڪ مڪلي ڪانفرنس ۾ ريڊي صاف جو ڪردار کان جيڪو سچ ڳالهرايو آهي، سا ڄڻ ته سنڌ تي ظلمت ڀري هر دور جي زخمي تصوير آهي، جنهن جي زخمن مان اڄ به رت ٽمي رهيو آهي. صفحي نمبر ۱۳۴ کان ۱۳۸ تائين مڪلي جي پسمنظر ۾ سنڌ جي صورتحال کي پيش ڪيو ويو آهي، سا ڪمال جي ڏاهپ هن ناول جو روح بڻجي ٿي. منهنجي خيال ۾ هن حقيقت کي نظر ۾ رکندي ليکڪ هن ناول جو نالو ”مڪلي مين مرگ” رکيو هوندو، ريڊي صاف کان ليکڪ جو مقصديت سان ڀرپور ڳالهايل جملو هيٺ ڏيان ٿو.


“يه معلوم نه هو سڪا ڪه يه اس بستي ڪا پهلا شهيد ريڊي صاف هين، جس ني اپني بستي ڪو غير ملڪي حملي آورون سي بچاني ڪي لئي عملي مزاحمت ڪي. غير ملڪي حاڪم ڪي تشدد ڪا نشانا بنا” پر هن ناول ۾ جيڪا ڪماليت جي فني ۽ فڪري گهڙت آهي سا سچائيءَ سان درگاهن تان عقيدتن جي پڙن کي لاهي حقيقتن کي وائکو ڪيو ويو آهي ۽ هن ناول ۾ ڪتب آندل موضوع پڙهندڙن کي پاڻ ڏانهن مائل ضرور ڪن ٿا.

بابا مستان جي، درگاهن تي ڏيکاريل چرپر يا قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي مختلف ملڪن جي ميچن دوران بابا مستان جي موجودگي مان پڙهندڙ خود اندازو لڳائي سگهي ٿو ته هي ڪردار ڪير آهي ۽ ڪنهن لاءِ ڪم ڪري ٿو پر هن ناول ۾ هي ڪردار صحافي طارق اسماعيل جو سهولتڪار ضرور ٿيو آهي، جنهن جي ڪري دربارن بابت گهڻيون ڳالهيون رپورٽ ڪرڻ لاءِ صحافي طارق اسماعيل کي ملن ٿيون، جيڪي نواڻ سان اخبار جي زينت بڻجن ٿيون. پنجاب جي سرائيڪي بيلٽ ۾ دربار سلطان باهو تي صحافي طارق اسماعيل ۽ بابا مستان جي ملاقات جج جي درگاھ تي مقرر هجڻ کان ويندي دربار بابا فريد جي بهشتي دروازي بابت کوڙ ساريون حقيقتون پڻ هن ناول ۾ ساھ کڻندي نظر اچن ٿيون. دربار بابا فريد پاڪپتن جي بهشتي دروازي واري حقيقت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ديوان صاحب جو ڪردار گهڻو ڪجھ سمجهڻ واري کي ٻڌائي وڃي ٿو. هن ڪردار کي سمجهڻ لاءِ ٿوري ڊگهي نظر جي ضرورت ضرور پوي ٿي. بابا مستان جڏهن صحافي طارق اسماعيل ۽ ڪجھ مهمانن کي ۸ محرم الحرام تي وٺي دربار پاڪ پتن پهچي ٿو. عشاءِ جي نماز کان پوءِ بهشتي دروازو نه کولڻ ۽ ناول ۾ ڏيکاريل هيٺين حقيقت کي ليکڪ ڪجھ ھن ريت پڌرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؛

“بات دراصل يي ٿي ڪي ديوان صاحب قفل ڪشائي ڪي رسم ڪي علاوه عرس سي جڙي هوئي ڪچھ اور رسومات بهي ادا ڪرتي هين. ان تمام رسومات ڪي اخراجات محڪمه اٺاتا هي اور ان اخراجات ڪي مد ۾ ديوان صاحب ڪو سالانا تين لاکھ روپي ادا ڪرتا هي. محڪمه ڪي جانب سي يه ادائيگي قفل ڪشائي ڪي رسم سي پهلي هوجاتي ٿي. اس سال محڪمه ڪي جانب سي تين لاکھ ڪا چيڪ بهيجا گيا ٿا، جسي ديوان صاحب ني اس وجه سي قبول نهين ڪيا ٿا ڪي، تين سال گزرني ڪي بعد منهگائي بهت هو چڪي هي، اور رسومات ڪي ادائيگي مين استعمال هوني والي اشيا خريد ني ڪي ليي زياده پيسي درڪار ٿي. ان ڪا مطالبا ٿا ڪي رقم ۾ ڪچھ اضافا ڪيا جائي. اس معاملي مين محڪمه ڪچھ حيل و حجت سي ڪام لي رها ٿا. محڪمه کا موقف ٿا ڪي يه رقم پهلي پچاس هزار روپي هوتي ٿي جو بار بار ڪي مطالبي ڪي بعد بڙهتي بڙهتي تين لاکھ تڪ آن پهچي ٿي، اور اب اس مين مزيد اضافا ممڪن نهين ٿا. (ص 115)” ديوان صاحب جي پيسن تي ڏيکاريل ناراضگي سبب، ڪجھ دير جنتي دروازو نه کولڻ کان پوءِ پهتل وڏي تعداد ۾ عقيدتمندن ۾ افراتفري شروع ٿئي ٿي. پوليس پاران لاٺي چارج جي ڀڄ ڊڪ جي نتيجي ۾ ماحول خراب ٿئي ٿو ۽ لتاڙجي ۳۴ زيارتي بابا فريد جي اڱڻ تي پنهنجي حياتي کان محروم ٿي وڃن ٿا. هن سڄي صورتحال ۾ ليکڪ وڏو الميو اهو ڏيکاريو آهي ته جانچ دوران هن واقعي جو الزام ڪنهن تي به ثابت نه ٿو ٿئي.

روشن خيالي جي شمع، پنجابي سماج ۾ روشن نه ٿيندي. ليکڪ هن ناول ۾ اظهار راءِ رکڻ لاءِ ڪجھ نامور شخصيتن جي مجسمن کي ڀڃرائي نهايت کي معتبرانا انداز ۾ ڪم ورتو آهي. اهڙي جهالت کي گهڻن پاسن کان ڀيٽي سگهجي ٿو، جن پاسن جو هن ملڪ تي وڏي عرصي کان حاڪميت رهندي آئي آهي. ليکڪ جاهل سماج تان پردو کڻڻ لاءِ تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ، شاعر فيض احمد فيض، انقلابي شخصيت ڪارل مارڪس ۽ انساني حقن جي امين عاصمه جهانگير جي مجسمن کي چورن هٿان رات جي انڌيري ۾ ارسلان جي گهر ۾ داخل ٿي ٽوڙائيندي ڏيکاريو آهي. جيڪا پڻ ليکڪ جي روشن خيالي جي سوڀ آهي.

هن ناول ۾ وارث شاھ جي دربار سان حڪومتي ڌر پاران ناانصافي ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. ان جو سبب ليکڪ اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته عوامي شاعر وارث سان نه ئي مذهبي ماڻهو هو نه ئي خانقاهي تصوف جي پرچار ڪندڙن مان هو، هو ڪلچرلي ماڻهو ھو، جنهن وٽ صوفيت جي تصور ۾ انسانيت جي ڀلائي هئي، انهي ڪري هن جي هير آئيڊيل هئي ۽ هن هير رانجها جي قصي کي نئون جيئدان بخشي، پنهنجي شاعري ۾ ڳايو ته عاشقن جو شاعر وارث شاھ حيات ٿي پيو. اهو ئي سبب آهي جو ٻين صوفين جون دربارون جيڪي خانقاھ ۽ مذهبپڻي جي ويجهيو هيون، اتي تعميراتي ۽ ترقياتي ڪم ٿيندو رهي ٿو پر وارث شاھ ميموريل ڪميٽي ٺهي ٿي مسجد لائيبري ۽ آڊيوٽوريم لاءِ رقم به رکجي ٿي پر ڪم جي شروعات نه ٿي ٿئي، پر بي بي پاڪ جي دربار کي ڄاڻي واڻي وڏو، وسيع ۽ ڪشادو ڪيو ٿو وڃي. جنهن بابت ليکڪ ناول ۾ ڪجھ هن ريت حقيقتون ظاهر ڪري ٿو؛ بي بي پاڪ جي خاندان جو تعلق افغانستان جي ڪنهن قبيلي سان هو، جيڪي هجرت ڪري روزگار سانگي لاهور ۾ اچن ٿا، ۽ افغانستان ۾ ايندڙ ماڻهن جا سهولتڪار رهن ٿا. ليڪن هڪ افغانستاني لٽيرن جي ئي حملي ۾ اجل جو شڪار ٿين ٿا ته انهن جي قبرن تي دربار اڏجي ٿي. اڳتي هلي اها دربار شيعه ۽ سني تڪرار جو سبب بڻجي ٿي. شيعه هن دربار جو تعلق اهلبيت سان جوڙڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا ته دربار تي عقيدتمندن جو انگ وڌي ٿو ته تعميراتي ڪم جون راهون به کلن ٿيون. ليکڪ ڪجھ ھن ريت دربار بابت وضاحت ڪندي نظر آيو آهي؛

حڪومت جي طرف کان دربار بي بي پاڪ کي وڏو وسيع ۽ خوبصورت ڪري ٺاهڻ لاءِ ايم اين اي سيد اسرار علي شاھ جي چوڻ تي بجيٽ وڏي پيماني ڏئي ٿي. دربار جو ڪم تيزي سان شروع ٿي ٿو. صائمه علي کي ڪميٽي جي ميمبر طور شامل ڪيو ٿو وڃي. دربار جي آس پاس ج جا ڪجھ گهر خريد ڪيا وڃن ٿا ۽ قبرستان کي مسمار ڪري دربار کي وڏو ڪيو ٿو وڃي پر جڏهن حڪومت مٽجي ٿي ته دربار جو ڪم به بند ٿي وڃي ٿو. دربار جو ڪم شروع ڪرائڻ هڪ عدالت ۾ پٽيشن لڳائي ٿي وڃي. عدالت دربار جي اصل حقيقت بابت رڪارڊ گهرائڻ جو حڪم صادر ڪرڻ فرمائي ٿي پر دربار جو رڪارڊ ثابت نه ٿيڻ تي پٽيشن خارج ٿي وڃي ٿي. ليکڪ جون اهڙيون سٽون ڪجھ ائين وضاحت ڪن ٿيون؛

“اگلي عدالتي پيشي پر جب رڪارڊ عدالت ڪي سامني رکها گيا تو صورتحال واضح هو گئي اور يون يه پٽيشن بهي خارج هو گئي.” ص ۱۴۷”

پر اڳتي هلي جڏهن عدالت وري پيٽيشنر جي استدعا تي دربار جي ڪم جي اجازت ڏني ته دربار جي مقامي ماڻهن جا حوصلا خطا ڏيکاري ليکڪ لکي ٿو ته؛

“عدالتي ڪاروائي ڪي خبر جس روز اليڪٽرانڪ ميڊيا پر نشر هوئي تو مقامي لوگون ڪو پتا چلا ڪه بي بي پاڪ ڪي تعمير نو ڪا ڪيس عدالت مين دوباره لگ گيا هي. محله بي بي پاڪ ڪي مڪينون پر خبر ڪسي مزائيل ڪي طرح گري تهي، انهين لگا جيسي وه بي گهر هوني والي هين.”

هن ناول ۾ سنڌ جي حوالي سان ليکڪ مڪلي جي قبرستان سميت ڪراچي ۾ سيد عبدالله شاھ غازي سان گڏ قائد اعظم جي مزار کي ڇهندي نظر آيو آهي ته موهن جي دڙي جي ٿيل عمارتي فن کي نظر ۾ رکي ٿو، پر جيڪڏهن ليکڪ صرف مڪلي کي مرڪز بنائي، هن جي تاريخي پسمنظر کي ناول ۾ گهڻي جاِءِ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ها ته ناول جو معيار اڃا وڌيڪ اثرائتو ٿي بيهي ها. سو مڪليءَ جي تاريخي حيثيت سان ليکڪ انصاف ڪندي نظر ضرور اچي ٿو، پر پوءِ به هي ناول موضوعاتي طور گهڻ-پاسائون هجڻ جي باوجود به پنهنجي جماليات ۾ ڀرپور ڪامليت جي فن جي خوبصورت ڪاريگري جو رومانس آهي. اڪثر ڪري ٿيندو ائين آهي ته ڪنهن ڪوڙ کي ليکڪ ڏات جو جبو ڍڪي اهڙو پيش ڪندو آهي جو پڙهندڙ بلڪل سچو سمجهڻ تي مجبور ٿي پوندو آهي، پر هن ناول ۾ ڪجھ ابتڙ آهي. ليکڪ سچ کي فڪشنائيز ڪري ڏيکاريو آهي، جيڪو پڙهندڙ تي مڪمل اثر انداز ٿئي ٿو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۳ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment