Sunday, May 29, 2022

ننڍڙو چور - امداد سهتو

ننڍڙو چور

مائڪرو ڪهاڻي

امداد سهتو



شام جا پويان پاڇا، آهستي آهستي سرمائي چادر ۾ ويڙهبا پئي ويا. ڳوٺ جي آخري ڇڪڙو بس ڪنهن غريب جي ڇنل بوٽ جهڙي ڪاري تيل جي مک ڏئي ٺاهيل روڊ تي، کڏن کوٻن مٿان پنهنجي وت آهر ڊوڙي رهي هئي. اوچتو مالهو خان ڊرائيور جي نظر هڪڙي جوانڙي تي پيئي، جيڪا ڏانهس نهاري چپن ۾ مسڪرائي رهي هئي. مالهو خان سندس دل جو چور پڪڙي ورتو ۽ شيشي مان نهاريندي شهپرن تي هٿ ڦيري ڏانهس کلي ڏٺائين. کيس ائين لڳو ڄڻ ته هن موٽ ۾ انهي جوانڙيءَ جي اوڌر لاهي ڇڏي آهي. هن جي دل جي ڌڙڪنن جي رفتار سندس ڇڪڙي بس کان تکي ٿيڻ لڳي. جنهن ۾ انهي مسڪراهٽ جو امتزاج به شامل ٿي ويو.. مائيءَ سان گڏ ويٺل مرد جيڪو سيٽ تي ويهندي ئي گهري ننڊ ۾ سمهي پيو هو، انهيءَ مهل استاد کي مائيءَ جي حرڪتن کان بي خبر اهي کونگهرا به وڻڻ لڳا. ڳالهه کي وڌائڻ لاءِ هن جي اندر ۾ اڻ تڻ مچڻ لڳي. نيٺ هن ٻه ٽي ڪيسيٽون ڪڍيون ۽ انهن مان چونڊي هڪڙي ڪيسيٽ کي هٿن سان ٺپي ٽيپ ۾ لڳايو. ڪيسٽ لڳندي ئي بس جي اندر گانو هلڻ لڳو؛


”اس دنيا ۾ سب چور چور

ڪوئي ڇوٽا چور ڪوئي بڙا چور

ڪوئي دل ڪا چور“

گانو هلندي اوچتو ستل مرد ڪوڙِي ننڊ ڇڏي تيزيءَ سان بس ۾ اٿي بيٺو ۽ ور مان پستول ڪڍي رڙ ڪري چيائين؛

”استاد گاڏي روڊ تان هيٺ لاهي بيهار“

”پر تون آهين ڪير؟“

استاد مالهوءَ عجب مان پڇيس.

”اسين به ننڍڙا چور آهيون.“

ائين چوندي ٻئي زال مڙس ۽ ٻه ٻيا انهن جا ساٿي باز وانگر مسافرن تي چڙهي ويا ۽ ٿوري دير ۾ مسافرن جا کيسا خالي ڪري بس مان لهي ويا.

 

(امداد سھتو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۹ مئي ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment