Sunday, May 29, 2022

ٻڌِيءَ ۾ طاقت - مير چند اوڏ

ٻڌِيءَ ۾ طاقت

(اوڏڪي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيل مختصر ناصحانہ ڪهاڻي)

ترجمو: مير چند اوڏ



گهڻي وقتا چِي بات ھَي ته هيڪي ماڻسا نُون تِين پُوت ھِلي، جڪو سدائين آپتان ۾ بِڙھتي پَلي. اُونهان چا ٻاءَ نيٺ پوڙها ھُتِي گيلا پر اوڇي پُوت اڃان ڀِي آپتان ۾ بِڙھتي پَلي.


هيڪ ڏِيئو پوڙھَي آپڪي پُوتان نُون ڪيھَلَي ته ”جهنگا مُون اِنڌڻين ڪَتِي آوا.“ جِڏَ او پوڙهي چي پُوت اِنڌڻين ڪَتِي آلي ته اُونهان چي ٻاءَ اِنڌڻين الڳ ڪَتِي ميلَھلَين اَئُون هر هيڪي پُوتا نُون هيڪ اِنڌڻ ڏِتِي ڪيھَلَي ته ”ڀانڃَتِي ڏِيئا.“ پَيھَي او پوڙهي چي پُوتَين هيڪ هيڪ اِنڌڻ الڳ الڳ ڪَتِي ڪُلَين ڀانڃَتِي ڏيکاڻلين.

پَيھَي پوڙهَي ڪيھَلَي ته ”اِمهين اِنڌڻين ڀيڙين ڪَتِي ٻانڌا اَئُون ڀانڃا.“ پوڙهي چي ڪُلَين پُوتَين واري واري سُون زور ڏِلا پر ڀانڃ نه سِگهلي. اِين ڏيکَتِي پوڙهَي ٻاء آپڪي پُوتان نُون سمجهاتِي ڪيھَلَي ته، ”جِڏَ تَمَھِين اِينھان اِنڌڻان ھاڙِي ڪار الڳ الڳ ھُووَها ته هر ڪو تَمھان نُون الڳ الڳ ڪَرھِي پر جي تَمَھِين آپتان ۾ ڀيڙي ھُووَها ته ڪُوڻ ڀِي تَمھان نُون الڳ ڪُونِي ڪر سِگهَي.

 

(اصلوڪي ڪھاڻي عام سنڌي ٻوليءَ ۾)

گهڻو وقت اڳ جي ڳالھ آهي ته هڪڙي ماڻهو جا ٽي پٽ هئا. جيڪي سدائين پاڻ ۾ پيا وڙهندا هئا. سندن پي هاڻي پوڙهو ٿي ويو هو. پر پٽ اڃان به پاڻ ۾ وڙهندا رهندا هئا. هڪ ڏينهن پوڙهي پنهنجن پٽن کي چيو ته؛ ”جهنگ مان ڪاٺيون ڪري اچو.“

جڏهن ڪاٺيون ڪري آيا ته سندن پي ڪاٺيون الڳ ڪري رکيون ۽ هر پٽ کي هڪڙي ڪاٺي ڏئي چيو ته؛ ”ٽوڙي ڏيکاريو.“

هڪڙي هڪڙي ڪاٺي الڳ الڳ سڀني ٽوڙي ڏيکاري.

پوء پوڙهي چيو ته؛ ”هاڻي ڪاٺيون گڏ ڪري ٻڌو ۽ ٽوڙيو.“

سڀني واري واري سان زور لاٿا پر ٽوڙي ڪو نه سگهيا.

پي سمجهائيندي چيو؛ ”جڏهن توهين هنن ڪاٺين وانگر الڳ ٿيندئو ته هر ڪو توهانکي الڳ ڪندو پر جيڪڏهن پاڻ ۾ گڏ هوندا ته ڪو توهانکي الڳ ڪري ڪونه سگهندو.“

 

(ميرچند اوڏ جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۲ مئي ۲۰۲۲ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment