Sunday, May 29, 2022

ڌنڌلائجي ويل اکيون (نثري نظم ۾ ننڍڙي ڪھاڻي) غفار سومرو

ڌنڌلائجي ويل اکيون

(نثري نظم ۾ ننڍڙي ڪھاڻي)

غفار سومرو



شهر جي چوڪ وٽ

نم جي ڇانو ھيٺ

فوٽ پاٿ تي لڳل اسٽال

ڪتاب ٿي ڦلهوڙيم

کوڙ سارن نون پراڻن ڪتابن جا ناءُ پڙھندي

”سنڌو منهنجي ساھ ۾“ کڻي ورق ورائڻ لڳس

ڀرسان  هڪ سهڻو سيبتو ڳڀرو جوان پنهنجي پسند جا ڪتاب ڳولهي رهيو هو.


هن وڏي چاھ وچان

گهڻن ئي ڪتابن هيٺان هڪڙو پراڻو ڪتاب ڇڪي ڪڍي ورتو

ڪتاب کولي فرسٽ پيج تي نيري بال پين سان لکيل لفظ پڙهندو رهيو, مرڪندو رهيو.

مون اک ٽيٽ ڪري ڏٺو

لکت پڙهندي ڇرڪ نڪري ويم

هي ته اهو ئي ڪتاب هو جيڪو ڪيترا سال اڳ ڪاليج ڪينٽين تي تنهنجي ڪپ ۾ بچيل چانھ جو آخري ڍُڪ ڀريندي پيار جي پهرين سوکڙيء طور پيش ڪيو هوم!

هڪ سرد آھ ڀري

پاڻ تي ضبط رکندي

مون ڌنڌلائجي ويل اکيون کڻي ڇوڪري ڏانهن مرڪي ڏٺو

جيڪو هوبهو تنهنجي مهانڊي هو!!

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۲۴ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment