Tuesday, May 31, 2022

پاڻِيءَ مَٿي جهوپڙا، مُورکَ اُڃَ مَرَنِ - حميد ابڙو

پاڻِيءَ مَٿي جهوپڙا، مُورکَ اُڃَ مَرَنِ

(ڪالم ڪھاڻي)

حميد ابڙو



هميشه جيان هن ڀيري به راهه ويندي ملاقات ٿي ته ڪجهه بدليو بدليو نظر آيو. اداسي سندس اکين مان بَکي رهي هئي. پڇيومانس؛ ”ڪنهن ڊگهي مسافت تي ويل هئين ڇا جو ايڏو ڪمزور پيو ڏسجين؟

هن ڊگهو ساهه ڀريو، جنهن ۾ هڪ عجيب قسم جي آهه هئي! ۽ پوءِ چيائين؛ ”سنڌوءَ جي پُڇڙ جو نظارو ڪري آيو آهيان. پاڻيءَ جا دُٻا ڏسي ۽ ٻارن کي درياهه جي پيٽ ۾ ڊوڙون پائيندي ڏسي هنيانءُ ڦِسي پيو آهي. بيوسي نڙيءَ ۾ اٽڪي پئي آهي ۽ روح کي ڄڻ ته لڦون پئجي ويون هجن.“


گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان پاڻي کوٽ جون خبرون پڙهندو رهيو آهيان، مختلف شهرن مان احتجاج به رپورٽ ٿيا هئا ۽ حڪومتي نمائندن توڙي پاڻي ماهرن جا بيان به نظرن مان گذريا هئا، تنهن ڪري صحافتي انداز ۾ چيم؛ ”ها، مجموعي طور پورو مُلڪ پاڻي کوٽ کي مُنهن ڏئي رهيو آهي. جيستائين گليشيئر نه پگهرجندا، پاڻيءَ جي کوٽ برقرار رهندي.“

هن کي توقع نه هئي ته ڪو مان احساس بنا سرسري انداز ۾ پاڻي کوٽ تي تبصرو ڪري وٺندس. هن حيرت مان مون ڏانهن ائين نهاريو، جهڙوڪ مان اوچائيءَ تان هن جي هٿن مان ڇڏائي پاتال ۾ ڪِري رهيو هجان! چيائين؛ ”درياهه مري رهيو آهي، اُن جي وجود کي خطرو آهي. ڪوٽڙيءَ کان هيٺ لڳي ئي نه ٿو ته ڪو هيءُ اُهو درياهه آهي، جنهن جي پاڻيءَ مان پنهنجين نه ڄاڻ الائي ڪيترين پيڙهين اُڃ اُجهائي هئي. کيت کيڙيا ها، ان اپايو هو! ائين ٿو لڳي بس درياهه جي ڪا ياد باقي وڃي بچي هجي. خدا نه ڪري جو موهن جي دڙي جيان ماهر تحقيق ڪندا ڦرن ته هتان به درياهه وهندو هو.“

مون کي احساس ٿيو ته اخباري دنيا اسان کان احساس ڦُري ورتا آهن. هن جيئن درياهه جو دُک محسوس ڪيو پئي، اُن دُک کي مان پنهنجي اندر ۾ ڳوليندو ئي رهيس؛ نه سڏڪو، نه لُڙڪ نه احساس. بس اخباري هيڊنگس جون ڪٽنگس ئي ذهن جي اسڪرين تي ڦرندي ڏٺم. درياهه جي درد کي وڃائڻ واري ندامت جو اڃا اظهار ئي ڪرڻ وارو هوس ته هن چيو؛ ”پنهنجي حالت ته مرشد ٽي سو سال اڳ ٻُڌائي ويو هو،

پاڻِيءَ مَٿي جهوپڙا، مُورکَ اُڃَ مَرَنِ؛

ساهان اوڏو سُپَرِين، لوچي تان نہ لَهنِ؛

دَمُ نہ سُڃاڻَنِ، دانهون ڪن مُٺَنِ جئن.“

چيائين؛ ”ڀلي ته اسين وڙهي نه سگهندا هجون، پاڻي چوريءَ کي روڪي نه سگهندا هجون، پر اسان کي دعائن کان ڪنهن روڪيو آهي؟ اسان جا ٻارڙا، اڄ در در وڃي ڪارڙو ڪنڀارڙو چئي مينهن جون صدائون ڇو نه ٿا ڏين، جيئن پاڻ کي مائرون سيکارينديون هيون. اڄ جي مائرن کان اُهي لوريون ۽ چوڻيون ڇو وسري ويون آهن؟ ڇا مرشد جا فقير تنبوري جي تند ڇيڙي سارنگ جو آلاپ ڏين ۽ مارو مالڪ جي ٻاجهه لاءِ اجتماعي طور دعا لاءِ هٿ کڻن ته، مينهن ڪو پري آهي ڇا؟ ڇا ماضيءَ ۾ اسان جا وڏڙا ائين نه ڪندا هئا؟“

هن جهڙوڪ ننڍپڻ جو زمانو ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي؛ ”جڏهن اسين سڀ ٻارڙا جهوليون جهلي گهر گهر وڃي چوندا هئاسين ته ”ڪارڙو ڪنڀارڙو، ان پاڻي ڏي تي مولا مينهن وسائي!“ خبر ناهي ته اُهي وهم هئا يا اُنهن ۾ ڪا صداقت هئي! پر چار ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اهڙين ڳالهين تي يقين ڪرڻ ڪجهه عجيب ٿو لڳي. پر هن جي مينهن لاءِ اجتماعي دُعا واري ڳالهه سان مون کي ڪو اختلاف نه هو. چيم ته ها، احتجاجن سان گڏوگڏ مسجدن، مندرن ۾ مينهن لاءِ اجتماعي دعائون ضرور ٿيڻ گهرجن. باقي رهي سارنگ جي صدا ته لطيف سائينءَ جا فقير پاڻ صورتحال اکين سان ڏسن ٿا، اُنهن کي چوڻ جي ضرورت ڀلا ڪهڙي آهي؟“

ڪنهن حد تائين مون کي پنهنجي ڳالهين سان سهمت ٿيندو ڏسي، هن کيسي مان اسڪرين ٽُٽل موبائل ڪڍي ۽ اُن مان هڪ وڊيو ڪڍي موبائل منهنجي سامهون جهلي. وڊيو شايد مون اڳ به ڏٺي هوندي، پر هن جي اکين ۾ پاڻيءَ جو احساس ڏسي جڏهن مون غور ڪيو ته ڪاڇي جي نينگري پاڻيءَ جي ميٽالي دُٻي مان پاڻيءَ سان ديڳڙي ڀري رهي هئي. وڊيو ڀريندڙ ڪنهن سنڌ پرست عورت ڏسندڙن کي احساس ڏيارڻ خاطر اُن ٻارڙيءَ کان پُڇيو ته اِهو پاڻي ڇو پئي ڀرين. ننڍڙيءَ خوف ۽ حيرت گاڏڙ احساس مان ٻُڌايو پئي ته پيئڻ لاءِ پاڻي ڀريان ٿي ۽ پوءِ ديڳڙي ڀري اُها گڏهه تي ٽنگيل ڊرمن ۾ پاڻي وجهي رهي هئي.

هن موبائل هٽائيندي چيو؛ ”هيءُ آهي اُن سنڌ جو حال، جنهن هزارين سال اڳ دنيا کي مسافتن جو سبق سيکاريو هو. جنهن چرخي تي سُٽ ڪَتي انگ ڍڪڻ سيکاريو هو. جنهن درياهه جي ڪنڌيءَ ويد لکيا ويا هئا. اڄ اُن ئي ديس جا ماڻهو پاڻيءَ-لپ لاءِ سڪي رهيا آهن. پر خبر ناهي ته اُنهن جي سُڪل چپن مان ڪڏهن وقت جي حڪمرانن خلاف دانهن اُٿندي ۽ ڪڏهن سندن تهذيب جي بطن مان بقا جي پڪار ايندي!“

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۳۱ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment