Sunday, May 29, 2022

ٽيون ووٽ - غفار سومرو

ٽيون ووٽ

ننڍڙي ڪهاڻي

غفار سومرو



سڄو ڏينهن بنا ڪنهن وقفي جاري رهڻ کان پوء جيئن ئي ووٽنگ جو وقت ختم ٿيو ته اليڪشن عملي دروازو بند ڪري فرش تي رلي وڇائي باڪس کولي جلدي جلدي ڳڻپ جو عمل شروع ڪري ڏنو.


پولنگ اسٽيشن ٻاهران خود اميدوار، سندن سپورٽر، عام ڳوٺاڻن ۽ ڇوڪرن جي رش وڌندي پئي وئي. هرڪنهن کي رزلٽ جو شدت سان انتظار هو.

پهريون ڀيرو بغير ڪنهن پارٽي ٽڪيٽ جي پنهنجي وارڊ تي ڪائونسلر جي سيٽ تي بيٺل آزاد اميدوار جاڙو خان جذباتي به ماڻھن جي ميڙ ۾ اچي ڪنڊ جهلي بيٺو هو. کيس به باقي ٻين اميدوارن جيان وڏي شدٿ سان رزلٽ جو انتظار هو ۽ سوڀ کان پوء گلن جا هار ۽ مبارڪون ملڻ جو اوسيئڙو هو.

هر ڪنهن ماڻهوء جون نظرون بند ڪمري جي دروازي ۾ کتل هنيون. جيئن جيئن اونداهي وڌندي پي وئي اميدوارن ۽ عام ماڻھن جي صبر جو پئمانو لبريز ٿيندو پئي ويو. جاڙو خان جذباتي ته صفا لوھ ٿيندو پئي ويو.

نيٺ ڳچ دير بعد ڪمري جو دروازو کليو.

پرزائيڊنگ آفيسر هڪ هٿ ۾ اڇو پنو کڻي ٻاهر نڪتو ۽ اکين تي چشمو ٺيڪ ڪندي رزلٽ انائونس ڪرڻ لڳو. هو جيئن جيئن رزلٽ پڙهندو ويو هر پاسي جيئي جيئي جا هوڪرا تاڙين جا ٽڙڪا پئجي ويا. سڀ کان آخر ۾ جاڙو خان جذباتي جو نالو پڪاريو ويو جنهن سڀني کان گهٽ رڳو ٽي ووٽ کڻي هارايو هو.

چوڌار ماڻھن جا هوڪرا ۽ ٽهڪ گونجي اٿيا جنهن پهريون ڀيرو اليڪشن وڙهندڙ جاڙي خان جذباتي جون اندر بڪيون ساڙي ڇڏيون. سوڀ جي آس لڳائي بيٺل جاڙو خان جذباتي اليڪشن هارائڻ ۽ ڳوٺ وارن جا هوڪرا، ٽهڪ ٻڌندي ئي وٺي کڙين تي زور رکيو ۽ اچي گهر پهتو.

دروازو اڪري جيئن ئي گهر اندر گهڙيو ته جوڻس وڌي اچي اڳيان بيٺس ۽ هڪدم سوال ڪيائينس؛ “ڏي حال گلو جا پيءُ! اليڪشن کٽي آئين نه!؟”

“پري ٿي بيھ رن! ڪريان ئي نه مٿو جهيرڻو!” جاڙي خان جذباتي ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيس

“آئي ڏسوس ماري جا حال! مئا مان ڇا ڪيومانءِ!؟ جوڻس آڱر وات تي رکي کيس حيرت وچان ڏسندي ٿورو وٿيرڪي ٿي بيٺي.

جاڙو خان جذباتي صفا جذبات ۾ اچي ويو. ڪاوڙ ڪروڌ وچان سندس ڪمزور ڏٻرو جسم ڏڪڻ لڳو، مڇون ڦڙڪڻ لڳس. ڳاڙھون اکيون ڦوٽاڙيندي نيٺ ڦاٽ کاڌائين؛ “رن! هڪڙو ووٽ ته مون پنهنجو پاڻ کي ڏنو. ٻيو ووٽ تنهنجو مليم. هاڻ جلدي ٻڌائي نه ته اُڦَٽُ ٿو ماريانءِ. ڪني رن! اهو ٽيون ووٽ ڪهڙو منهن ڪارو ڏيئي ويو آھي!!”

 

(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۲۰ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

Post a Comment