ڌنڌلائجي ويل اکيون
(نثري نظم ۾ ننڍڙي
ڪھاڻي)
غفار سومرو
شهر جي چوڪ وٽ
نم جي ڇانو ھيٺ
فوٽ پاٿ تي لڳل اسٽال
ڪتاب ٿي ڦلهوڙيم
کوڙ سارن نون پراڻن
ڪتابن جا ناءُ پڙھندي
”سنڌو منهنجي
ساھ ۾“ کڻي ورق ورائڻ لڳس
ڀرسان هڪ سهڻو سيبتو ڳڀرو جوان پنهنجي پسند جا ڪتاب ڳولهي
رهيو هو.
