Showing posts with label مرد گھٽ، مريض وڌيڪ، ننڍڙي ڪھاڻي، ارشاد شيخ،. Show all posts
Showing posts with label مرد گھٽ، مريض وڌيڪ، ننڍڙي ڪھاڻي، ارشاد شيخ،. Show all posts

Tuesday, May 31, 2022

مرد گھٽ، مريض وڌيڪ - ارشاد شيخ

مرد گھٽ، مريض وڌيڪ

ننڍڙي ڪھاڻي

ارشاد شيخ



ورھاڱي کان اڳ ھندو مسلمان منهن تي ٻن اکين وانگر ھوندا ھيا.

لکنئو ۾ ميونيسيپل ڪارپوريشن جي اليڪشن ٿي. ناچڻي دلربا جان ھدايت، وارڊ مان فارم ڀرايو. اتي نيڪ، شريف ۽ ھوشيار حڪيم، شمس الدين رھندو ھو.

سنگت ساٿ ايلاز ڪري، ھن جو فارم دلربا جان جي مخالفت ۾ ڀرايو. وڏا رنگ رچي ويا. سٺو زمانو. نفرت جو نانء نشان ڪو نه. شام جو دلربا جان چوڪ تي نچي، نعرا لڳي وڃن. ھوڪرا. خوشين جا خزانا سندن پيرن ۾. اصل مزا ھجن. دلربا واري ڌر نعرو ٺاھيو: