پوءِ جو پڇتاءُ
(فرانسيسي ڪھاڻي)
موپاسان
انجنيئر عبدالوهاب سهتو
شھر
ڪانز جي مشھور ھوٽل جي لائونج ۾، ھو ھڪڙي آرام ڪرسيءَ تي آھليو، پنھنجي خيالن ۾ گم
ھيو. لائونج ۾، ان وقت ھو اڪيلو ويٺو ھيو. خيالن جو سلسلو روان ھيس ۽ سندس ذھن
عجيب قسم جي مونجھاري ۽ ڪشمڪش جو شڪار ھيو. سوچيائين پئي ته ھاڻ ڪانز جي ھوٽل ۾
نويڪلو ٿيو ويٺو آھيان پر ھڪڙي ٽوھيي ماڻھوءَ وانگر، آھيان آزاد. حالانڪ پيرس ۾ به
ساڳي ڪيفيت ھئي، ليڪن اتي اڪيلائپ جو احساس ائين زور جو به نه پئي ٿيو.
سوچيندي
سوچيندي کيس پنھنجي ڏھاڳ ڏنل زال جو خيال، ذھن تي تري آيو. ٻڌو آھي ته ٻيو پرڻيو
ڪري ڇڏيو اٿائين. ھيءُ سوچي رھيو ھيو ته منھنجو جائنشين، منھنجي موسيءَ سان، مون
کان وڌيڪ پر مسرت زندگي گذاريندو ھوندو؟ يقين سان ٿو چوان ته اھو ڪو احمق ئي ھوندو،
جنھن منھنجي تجربي مان ٽڪي جو سبق نه ورتو ۽ اھڙي عورت سان پرڻيو آھي. ليڪن مون
کيس چونڊڻ ۾ ڪھڙو ڏاھپ جو ثبوت ڏنو ھيو. مان به احمق ھيس. ان جو سبب، غالبًا، اھو
ھيو جو ھوءَ سونھن ۾ سڀني کان سرس ھئي. کيس ڏسي ڀورن وارن جو خيال پئي آيو. ھوءَ
ايڏي سھڻي ۽ سندر ھئي جو مڙس کيس اڪيلو ڇڏي ئي نه سگھي. ڏھاڳ کان پوءِ کيس، مون جھڙو
ڪو ٻيو مرد ملي ويو ھوندو ته اھا به ڪا ڇرڪائيندڙ ڳالھ ناھي. سندس وصَفَ مرد کي
پاڻ ڏانھن موھڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ھوءَ ھڪ مڪمل عورت آھي. منجھس فقط ھي ئي نقص آھن
ته ھوءَ غير ذميوار ھئي ۽ سندس طبيعت سندس قابوءَ ۾ نه ھئي. ھوءَ اخلاقيات جي به
قائل ڪا نه ھئي. انھن مڙني خاصيتن کان بغير ئي ڪنھن جو گھر آباد ٿي سگھي ٿو. وري
جي آباد به ٿيو ته اھو ڪيستائين ٽِڪي سگھندو؟