Tuesday, September 2, 2025

نئون کاتو - جيفري آرچر- انجنيئر عبدالوھاب سھتو

نئون کاتو

(برطانوي افسانو)

ڪھاڻيڪار: جيفري آرچر

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو


جڏھن اگنائيٽس اگربي کي نائيجيريا جو خزاني جو وزير مقرر ڪيو ويو ته ڪنھن به ڪو خاص ڌيان ڪو نه ڏنو. مايوس ماڻھو چوندا ھيا ته؛ ”اھو سترھن سالن جي عرصي منجھ سترھون خزاني جو وزير آ.“

پارليامينٽ اندر، پنھنجي پھرئين پاليسي بيان ۾ ھن واعدو ڪيو ته؛ ”رشوت کائڻ کي ۽ بدعنوانيءَ کي ٻنجو ڏيندس.“ ھن شھرين کي خبردار ڪيو ته ”ڪو به عھديدار، پاڻ کي محفوظ سمجھي نه سگھندو، جيستائين ھو بي داغ زندگي نه گذاريندو.“ ھن پنھنجي تقرير پوري ڪندي چيو؛ ”مون ملڪ مان گندگي ختم ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آ.“



وزير صاحب جي تقرير جو اثر اھو ٿيو جو مشھور روزنامه لاگوس ٽائمز، تذڪرو ئي نه ڪيس.

شايد اخبار جي ايڊيٽر جو خيال ھجي ته جيئن ته اڳين سورھن وزيرن جون تقريرون تفصيل سان ڇپجي چڪيون آھن، تنھن ڪري پڙھندڙ سمجھندا ته ساڳيون ڳالھيون ورائي ورائي ورجايون پيون وڃن، جيڪي اڳي به ٻڌي چڪا آھيون.

جيتوڻيڪ اگنائيٽس، ان ڳالھ کان بددل ٿيڻ وارو ھيو ته مٿس ڀروسو نه ڪيو ويو. پر ھو پنھنجي ڪم ۾ پوري جوش جذبي سان جنبي ويو. پنھنجي تقرير کان ٿورڙن ڏينھن اندر، خوراڪ جي وزير جي ھڪڙي ملازم کي جيل موڪلرائي ڇڏيائين. ڇو جو انھيءَ، ٻاھران اناج گھرائڻ وارن ڪاڳرن ۾ ھيرڦير ڪئي ھئي. سندس صفائيءَ جي اڳيان اچڻ وارو ٻيو شخص ھڪڙو لبناني سيڙپڪار ھيو، جنھن کي ناڻي جي مٽا سٽا واري قانون جي خلاف ورزيءَ ۾، ڏيھ نيڪالي ڏني وئي. ھڪڙي مھيني کان پوءِ ھڪڙو اھڙو واقعو رونما ٿيو، جنھن کي اگنائيٽس پاڻ به پنھنجي لاءِ ذاتي معرڪو سمجھندو ھيو. اھو واقعو ھيو؛ پوليس جي سربراھ جي رشوت جي الزام ۾ گرفتاري. انھيءَ ناجائز آمدنيءَ کي، لاگوس جا رھاڪو، ان عھدي جي لاءِ معمولي ڳالھ سمجھندا ھيا. جڏھن چئن مھينن پڄاڻان، پوليس جي سربراھ کي ڏيڍ سال جي سزا ڏئي جيل اماڻيو ويو ته نيٺ لاگوس ٽائيمز کي وزير خزانه جي خبر، آڏو واري صفحي تي ڏيڻي پئجي وئي ۽ وچين صفحي تي اخبار، اگنائيٽس جي صفائي-مھم جي عنوان سان ايڊيٽوريل لکيو. اگنائيٽس جي مشھوري ڏينھون ڏينھن وئي وڌندي. معاشري جي صفائيءَ جي مھم ھلندي رھي ۽ ھڪ پٺيان ٻيو بدعنوان، گرفتار ٿيندو ويو. وزير موصوف کان ھر مجرم ڀَوَ ۾ رھڻ لڳو. حتانڪ شھر ۾ اھا بي بڻياد خبر پڻ گشت ڪندي رھي ته ملڪ جو سربراھ جنرل اوٽوبي پڻ پنھنجي وزير خزانه جي پڇا ڳاڇا ھيٺ آ.

وزير خزانه ھاڻ ڏھن ڪروڙن جي ماليت کان مٿي وارن سمورن غيرملڪي معاھدن جي پنھنجي سر پاڻ پڙتال ڪندو ھيو ۽ منظوري ڏيندو ھيو. جيتوڻيڪ سندس مخالف، سندس فيصلي جي چڱيءَ طرح ڇنڊ ڇاڻ ڪندا ھيا، ليڪن سندس نالي سان ڪو به اسڪينڊل ٺھي نه سگھيو.

جڏھن اگنائيٽس جو انھيءَ عھدي تي ٻيو سال شروع ٿيو ته نااميد ۽ مايوس شھرين پڻ سندس ڪارنامن جو اعتراف ڪرڻ شروع ڪيو. ان وقت تائين ملڪ جو سربراھ جنرل اوٽوبيءَ جو مٿس ڪافي اعتماد جُڙي چڪو ھيو. انھيءَ اگنائيٽس کي غير رسمي طور، صلاح مشوري لاءِ گھرائي ورتو.

ملڪ جي سربراھ، خزاني جي وزير کي فوجي بيرڪ ۾ خوش آمديد ڪيو ۽ پنھنجي ڪمري ۾ ويھڻ لاءِ، آرامده ڪرسي پيش ڪيائينس. انھيءَ ڪمري منجھان پريڊ گرائونڊ جو منظر چٽو نظر ايندو ھيو.

اگنائيٽس! مون ھاڻ ھاڻ بجيٽ جي تازي رپورٽ پڙھي آ. رپورٽ جو نتيجو، جيڪو تو لکيو آھي، تنھن مون کي ڇرڪائي ڇڏيو آھي. قومي خزاني کي اڃا به سال تي لکين ڊالرن جو نقصان ٿي رھيو آھي، جنھن جو سبب غير ملڪي ڪمپنين طرفان ايجنٽن کي ڏنل رشوت جون ڳؤريون رقمون آھن. ڇا تون ڪجھ ٻڌائي سگھين ٿو ڪھڙن ماڻھن جي کيسن ۾ اھا دولت وڃي پئي؟ مان اھو ڄاڻڻ چاھيان ٿو.“

اگنائيٽس، پنھنجي جاءِ تي اڀو ٿي بيٺو ۽ سندس نگاھون مسلسل، سربراھ مملڪت منجھ کُتل ھيون.

”مون کي شڪ آ ته ان دولت جو ڳچ حصو، سوس بينڪ جي نجي کاتن ۾ ڪٺو ٿي رھيو آھي. ليڪن في الحال مون لاءِ، ثبوت پيش ڪرڻ ممڪن ناھي.“

”ته پوءِ مان تو کي ھر اھو واڌو اختيار ڏيڻ لاءِ تيار آھيان، جنھن جي تو کي ضرورت ھجي ته جيئن تون حقيقتون معلوم ڪري سگھين.“ جنرل اوٽوبيءَ چيس؛ ”انھن ملڪ دشمن ماڻھن جي نشاندھيءَ جي لاءِ، جيڪو طريقو وڻئي سو اختيار ڪر. ڀل منھنجي ڪابينا جي موجوده ۽ اڳوڻن ميمبرن کان پڇا ڳاڇا شروع ڪر. اھي ڀلي ڪھڙي به عھدي تي ويٺا ھجن ۽ ڪيڏا ئي بااثر ڇو نه ھجن، تو کي نه کانئن ڊڄڻ گھرجي ۽ نه ئي سندن پاسو کڻڻ گھرجي.“

”جنرل صاحب! ان قسم جي مشن ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ، مون کي اوھان جي صحيءَ سان جاري ٿيل خصوصي اختيارنامو کپندو.“

”اھو اختيارنامو، اڄ شام ڇھين بجين تائين اوھان جي ميز تي ھوندو.“ سربراھ مملڪت چيس.

”ٻيو خصوصي سفير جو درجو، جڏھن مان ملڪ کان ٻاھر وڃان.“

”منظور!“

”مھرباني!“ اگنائيٽس چيو ۽ اھو سمجھي ڪرسيءَ تان اٿيو ته انٽرويو پورو ٿي چڪو آ.

”تو کي ھِن جي به ضرورت پئجي سگھي ٿي.“ جنرل چيس ۽ ٻئي ڄڻا دروازي ڏانھن رڙھڻ لڳا. سربراھ، اگنائيٽس کي ننڍڙي سائيز جو ھڪڙو خودڪار پسٽول ڏيندي چيو؛ ”ڇو جو مون کي انديشو آ ته ھاڻ تنھنجا دشمن، لڳ ڀڳ مون جيترا آھن.“

اگنائيٽس، فوجيءَ جي ھٿئون پسٽول ورتو ۽ پنھنجي کيسي ۾ وڌائين ۽ پنھنجو وات ڀڪوڙي سندس شڪريو مڃيائين. ٻنھي جي وچ ۾ ٻي ڪا ڳالھ ٻولھ ٿيڻ کان سواءِ، ڪار اگنائيٽس کي سندس وزارت طرف کڻي وئي.

اسٽيٽ بئنڪ نائيجيريا جي چيئرمين کي ڄاڻ ڏني بغير ۽ ڪنھن سول سرونٽ جي مداخلت کان سواءِ، اگنائيٽس وڏي جوش خروش سان پنھنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. ھو رات جو اڪيلي سر تحقيق ڪندو ھو ۽ ڏينھن جي وقت، ڪنھن کي به پنھنجا نتيجا نه ٻڌائيندو ھيو. ٽن مھينن پڄاڻان، ھو لامارو ڏيڻ لاءِ تيار ھيو.

خزاني جي وزير، اڳواٽ پروگرام کان سواءِ، ٻاھرئين ملڪ وڃڻ لاءِ آگسٽ جي مھيني جي چونڊ ڪئي. ھيءُ اھو وقت ھيو، جڏھن گھڻا تڻا نائجيريائي، موڪلن تي وڃي چڪا ھيا. تنھن ڪري سندس غير حاضريءَ تي ڪا چؤپچؤ ڪا نه ٿيندي. ھن پنھنجي سيڪريٽريءَ کي چيو ته؛ ”اورلينڊو جي اڏام لاءِ منھنجي زال، منھنجي ٻن ٻارن ۽ منھنجي پنھنجي سر لاءِ سيٽون بڪ ڪراءِ ۽ ڀاڙو منھنجي ذاتي حساب مان ادا ڪجانءِ.‘

فلوريڊا پھچي، ھو ميريٽ ھوٽل ۾ وڃي ترسيو. ھن پنھنجي زال کي بنا ڪنھن وضاحت جي ايترو ٻڌايو ته مان ٿورن ڏھاڙن لاءِ ڪم سان نيويارڪ ويندس. جنھن کان پوءِ باقي موڪلون گڏ گذارڻ لاءِ ھتي موٽي ايندس.

ٻئي ڏھاڙي صبح جو اگنائيٽس، پنھنجي آڪھ کي ڊزنيءَ جي حيرت ڪدي ۾ ڇڏي، پاڻ ھوائي جھاز ۾ نيويارڪ ڏانھن ھليو ويو. لاگرڊيا ھوائي اڏي تان ٽيڪسي پڪڙي، ھو ڪينيڊي ايئرپورٽ پھتو. اتي لٽا ڪپڙا مٽايائين. موٽ جي ٽوئرسٽ ٽڪيٽ خريد ڪيائين ۽ سوس ايئر جي ذريعي، جنيوا جي لاءِ چپ چپات ۾ جھاز ذريعي ھليو ويو.

سوس جي گاديءَ واري ھنڌ پھچي، اگنائيٽس ھڪڙي غير معروف ھوٽل ۾ وڃي ترسيو. اتي پھچي، ھو بستري تي اٺن ڪلاڪن تائين ڏاڍي گھري ننڊ ۾ ستو رھيو. ٻئي ڏھاڙي صبح جو نيرن تي ھن بئنڪن جي فھرست جو جائزو ورتو، جيڪا ھن نائيجيريا ۾ تحقيق دوران تيار ڪئي ھئي. ھر نالو، ھن پنھنجي قلم سان ٿلھن اکرن ۾ لکيو ھيو. اگنائيٽس، ھڪڙي بئنڪ جي چونڊ ڪئي، جنھن جي عمارت، ھوٽل جي بيڊروم مان نظر پئي آيس. ھن فون ملائڻ کان اڳ، دربان کان نمبر جي پڪ ڪئي. چيئرمين، ٻارھين بجي، ملاقات جو وقت ڏنس.

ھڪڙو پراڻو کُٿل بريف کنيون، اگنائيٽس مقرر ٿيل وقت کان چند منٽ اڳي پھچي ويو، جيڪو ڪنھن نائيجيريائيءَ جي معمول جي خلاف ھيو. ھن سوچيو ته نوجوان شخص، جنھن کي سليٽي رنگ جو سمارٽ سوٽ، ساڳئي رنگ جي سلڪي ٽاءِ ۽ اڇي شرٽ پاتل اٿس سو ماربل ھال ۾ سندس ئي انتظار پيو ڪري. ھن جھڪي وزير خزانه کي پنھنجو تعارف، چيئرمين جي پرسنل اسسٽنٽ طور ڪرايو. ان ٻڌايس ته ’چيئرمين جي آفيس تائين مان ساڻ ھلندس.‘ وزير موصوف کي ساڻ ڪري، ھو لفٽ ۾ سوار ٿيو. ٻنھي ڄڻن، يارھين منزل تي پڄڻ کان پھرين ھڪ لفظ به نه ڳالھايو. بئنڪ جي ملازم، چيئرمين جي دروازي تي ھورڙيان ھٿ ھنيو، جنھن تي کين اندر وڃڻ جي اجازت ملي وئي.

”نائيجيريا جا وزير خزانه صاحب جن تشريف آور ٿي چڪا آھن، سر!“ پرسنل اسسٽنت، اندر گھڙندي ئي چيو.

 چيئرمين، پنھنجي ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ ٻه چار وکون اڳتي وڌي، مھمان جو آدر ڀاءُ ڪيائين. اگنائيٽس ڏٺو ته چيئرمين کي به سليٽي رنگ جو سوٽ، سليٽي رنگ جي ريشمي نيڪ ٽاءِ ۽ اڇي رنگ جي قميص پاتل آ.

”صبح بخير!“ چيئرمين، وزير سان مخاطب ٿيندي چيو؛ ”اوھان ويھڻ جي تڪليف نه ڪندئو؟“ چيئرمين، ڪمري جي ٻئي پاسي ننڍين ٽنگن واري شيشي جي ميز ڏانھن، جنھن جي چؤڌاري آرام-ڪرسيون پيون، ويندي چيس؛ ”مون پنھنجي ۽ اوھان جي لاءِ ڪافي گھرائي آ، جيڪڏھن اوھان پيئڻ پسند ڪيو ته!“

اگنائيٽس، ھاڪار ۾ ڪنڌ-ڌوڻ ڪئي. پنھنجي پراڻي بريف ڪيس، پنھنجي ڪرسيءَ جي ويجھو فرش تي رکيائين ۽ شيشي جي وڏي فريم واري دريءَ مان ٻاھر ليئو پاتائين. ھن انتھائي خوبصورت ڦوھاري واري سھڻي نظاري بابت ٿورا ساراھ وارا جملا چيا. انھيءَ وچ ۾، ھڪڙي نوجوان عورت، ٽنھي کي ڪافي ٺاھي پيش ڪئي. جڏھن اھا نوجوان عورت، ڪمري مان ھلي وئي ته اگنائيٽس ڪم جي ڳالھ چوري.

”مون کي منھنجي ملڪ جي سربراھ چيو آ ته مان توھان جي بينڪ ۾ وڃي، ھڪ غير معمولي درخواست ڏيان.“ ھن ڳالھ ٻولھ جو مُنڍ ڪڍندي چيو.

چيئرمين يا سندس پرسنل اسسٽنٽ جي چھري تي حيرانيءَ جو ڪو سَرُ به نه پيو.

”مون کي صدر مملڪت طرفان اھو اعزاز بخشيو ويو آھي ته معلوم ڪيان ته اھي ڪھڙا ٻه نائيجيريائي شھري آھن، جن جا اوھان جي بينڪ ۾ ڳجھ ڳوھ ۾ کاتا کوليل آھن.“

اھو اطلاع ٻڌندي، چيئرمين چپ چوريا؛ ”مون کي، اھو ظاھر ڪرڻ جي آزادي مليل ناھي....“

”مون کي ڇڏيو ته مان پنھنجي ڳالھ پوري ڪري وٺان.“ وزير، پنھنجو اڇو ھٿ مٿي ڪندي چيو؛ ”پھرين ته مان اھا چِٽائي ڪرڻ چاھيندس ته مان پنھنجي حڪومت کان سڀ اختيار وٺي اوھان وٽ آيو آھيان.“ ٻيو ڪو لفظ چوڻ کان اڳ، اگنائيٽس پنھنجي اندرئين کيسي مان ھڪڙو لفافو ڪڍي، ھوا ۾ لوڏيو. ھن لفافو چيئرمين کي ڏنو، جنھن منجھانئس خط ڪڍي، آھستڙي پڙھڻ شروع ڪيو.

خط پڙھڻ پڄاڻان بئنڪر پنھنجي نڙي صاف ڪندي چيو؛ ”سائين منھنجا! مون کي افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته ھن خط جي منھنجي ملڪ ۾ ڪا به قانوني حيثيت ڪانھي.“ ھن خط ورائي لفافي ۾ وجھي اگنائيٽس کي موٽائي ڏنو ۽ ڳالھائڻ وارو سلسلو جاري رکندي چيائينس؛ ”البته مون کي ان ذمري ۾ ٽڪي جو به شڪ ناھي ته اوھان کي اوھان جي صدر طرفان بطور وزير ۽ سفير مڪمل اختيار حاصل آھن، ليڪن ان سان بئنڪ جي رازداريءَ واري اصول تي ڪو به اثر نه ٿو پوي. اسان ڪنھن به حالت ۾ پنھنجي کاتيدارن جا نالا، سندن اجازت کان بغير ظاھر نه ڪندا آھيون. مون کي افسوس آ جو مان ان سلسلي ۾ اوھان جي ڪا به مدد نه ٿو ڪري سگھان، ليڪن اھي بئنڪ جا اصول آھن ۽ اڳتي به رھندا. چيئرمين اھو سمجھي اٿي بيٺو ته ملاقات پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھچي چڪي ھئي، ليڪن ھن اگنائيٽس جھڙي پاڪ باز مھم جُوءَ سان ڪا سودي بازي نه ڪئي ھئي.

”منھنجي ملڪ جي سربراھ، اوھان کي ٻڌائڻ لاءِ مون کي اھو اختيار ڏنو آھي، منھنجي ملڪ ۽ سوئيزرلينڊ جي وچ ۾ ٿيندڙ سموري ڏيتي ليتي اوھان جي بئنڪ جي معرفت ٿيندي.“ اگنائيٽس پنھنجي لھجي ۾ نمايان طور تي نرمي پيدا ڪندي چيس.

”اسان کي اوھان جي اعتماد تي فخر آ.“ چيئرمين، بيٺي بيٺي ورندي ڏنس؛ ”ليڪن مون کي پڪ آ ته اوھان سمجھي ويا ھوندئو ته اسان پنھنجي کاتيدارن جي رازداريءَ واري اصول کي ڀڃڻ جي قابل ناھيون.“

اگنائيٽس، اھو ٻڌي به ھمت ڪا نه ھاري؛ ”انھيءَ صورت ۾ مسٽر گربر مون کي افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته اسان جنيوا ۾ پنھنجي سفير کي ھدايتون جاري ڪنداسين ته اھو اوھان جي وزارت خارجه کي احتجاجي ليک لکي موڪلي ته اوھان اسان جي ھم وطنين جا ڪوائف نه ڏئي عدم تعاون جا ڏوھدار ٿيا آھيو.“ پنھنجي لفظن جو اثر وجھڻ جي لاءِ ھو ٿورو ترسيو ۽ وري چوڻ لڳو؛ ”البته اوھان انھيءَ ڏکي ۽ پريشان ڪندڙ صورتحال کان بچي سگھو ٿا جيڪڏھن اوھان مون کي گھربل ڪوائف ٻڌايو. اوھان کي پڪ ٿو ڏياريان ته اسان پنھنجي اطلاع جو ذريعو، ھرگز ظاھر نه ڪنداسين.“

”اوھان دل خوشيءَ سان ان قسم جو احتجاجي ليک موڪلي ڏيو. منھنجا سائين مون کي پڪ آ ته اسان جو وزير خارجه، اوھان جي سفير کي سفارتي ٻوليءَ ۾ تمام سھڻي نموني سان ٻڌائيندو ته سوس قانون تحت وزارت خارجه ان قسم جي انڪشاف جو مطالبو ڪرڻ جي اھل ناھي.“

”جيڪڏھن اھڙي صورتحال آھي ته پوءِ مان پنھنجي وزارت خارجه کي ھدايت جاري ڪري ڇڏيندس ته سوس جي رھاڪن جي نائيجيريا سان ھر قسم جي ڏيتي ليتي تيستائين بند ڪري ڇڏين، جيستائين اسان جي کاتيدارن جا نالا ظاھر نه ٿا ڪيا وڃن.“

”سائين منھنجا! اھو اوھان جو اختيار آ.“ چيئرمين، پنھنجي موقف تي پير کوڙي چيس.

”ٻيو ته اسان انھن سمورن معاھدن تي نظر ثاني ڪري سگھون ٿا، جن تي اوھان جا ھم وطني نائيجيريا ۾ ڳالھيون ٻولھيون پيا ڪن. ان کان علاوه مان ذاتي طور تي ان امر تي ڌيان ڏيندس ته پينلٽيءَ وارين شقن جي پرواھ نه ڪئي وڃي.“

”ڇا؟ اھو فيصلو ڪرڻ ۾ اوھان گھڻي جلد بازي نه ٿا ڪيو پيا؟“

”مسٽر گربر مان اوھان کي پڪ ٿو ڏياريان ته انھيءَ فيصلي ۾ ھڪڙي منٽ جي به دير ڪا نه ڪئي ويندي.“ اگنائيٽس ڳالھ وڌائيندي چيس؛ ”اگر اھي نالا ڄاڻڻ لاءِ مون کي اوھان جي ملڪ کي گوڏن ڀر ڪيرائڻو به پيو ته به مون کي تَرَسُ ڪو نه ايندو.“

”ائين ئي ٿيڻ ڏيو، وزير صاحب!“ چيئرمين ورنديءَ ۾ چيس؛ ”ليڪن مان ھاڻ به بئنڪ جي رازداريءَ واري اصول ۾ ڦير ڦار نه ڪري سگھندس.“

”جيڪڏھن صورتحال ساڳي ٿي رھي ته مسٽر! مان اڄ ئي پنھنجي سفير کي ھدايتون جاري ڪندس ته جنيوا ۾ سفارتخانو بند ڪيو وڃي ۽ لاگوس ۾ سوس سفير کي ناپسنديده شخصيت قرار ڏني وڃي.“

پھريون ڀيرو، چيئرمين جي نرڙ تي حيرت جا سَرَ چٽا ٿيا.

”ان کان وڌيڪ مان لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس گھرائيندس.“ اگنائيٽس، پنھنجي ڳالھ جاري رکندي چيس؛ ”سڄي دنيا جي پريس کي خبر پئجي ويندي ته منھنجي ملڪ جي صدر، ھن بئنڪ جي رويي تي ناپسنديدگيءَ جو اظھار ڪيو آھي. مون کي پڪ آ ته اھڙي بدناميءَ کان پوءِ ڪيترا ئي کاتيدار پنھنجا کاتا بند ڪري ڇڏيندا. ڪيترا کاتيدار پنھنجا کاتا ٻين بئنڪن ۾ وڃي کوليندا.“

وزير جھٽ سوا انتظار ڪيو پر چيئرمين، ڪنھن به قسم جو ردعمل نه ڏيکاريو.

”اوھان مون لاءِ ٻيو ڪو رستو ڇڏيو ئي ناھي.“ اگنائيٽس، پنھنجي ڪرسيءَ تان اٿندي چيس. چيئرمين پنھنجو ھٿ اھو سمجھي اڳتي وڌايس ته نيٺ وزير پنھنجي وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آ. ليڪن جڏھن اگنائيٽس پنھنجي ڪوٽ جي کيسي ۾ ھٿ وجھي ننڍڙو پسٽول ڪڍي ورتو ته چيئرمين به سُنُ ٿي ويو. جڏھن نائيجيريا جي وزير خارجه اڳتي وڌي، پسٽول جو نال چيئرمين جي لوندڙيءَ تي رکيو ته سوس بئنڪ جي ٻنھي آفيسرن جو خون ڀَؤَ تتئون رڳن ۾ ڄمي ويو.

”مسٽر برگر! مون کي انھن نالن جي ضرورت آ ۽ ھن وقت تائين تو کي معلوم ٿي وڃڻ کپي ھا ته ان کان گھٽ تي مان نه مڃيندس. جيڪڏھن تون ھاڻ جو ھاڻ، اھي نالا آڏو نه ٿو آڻين ته مان تو واري کوپڙي اڏائي ڇڏيندس. سمجھيئي؟!“

چيئرمين، آھستڙي سان ڪنڌ ھاڪار ۾ ڌوڻيو. سندس نرڙ تي پگھر جا ڦڙا، ٽمڻ لڳا.

”ٻيو ته تو وارو اسسٽنٽ، منھنجو ايندڙ شڪار ھوندو.“ اگنائيٽس، نوجوان اسسٽنٽ ڏانھن منھن ڪندي چيو، جيڪو ٻه ٽي وکون پرڀرو چپ چاپ بيٺو ھيو. اگنائيٽس، نوجوان ڏانھن ڏسندي، نرم لھجي ۾ چيو؛ ”مون کي ھر انھيءَ نائيجيريائيءَ جو نالو ڏي، جنھن جو بئنڪ ۾ کاتو کليل آ، ور نه ته تو واري چيئرمين جي کوپڙي اڏائي ڇڏيندس ۽ ھن نرم ۽ قيمتي قالين تي وکيري ڇڏيندس.“ سندس لھجو وري سخت ٿي ويو.

نوجوان اسسٽنت، چيئرمين ڏانھن ڏٺو، جيڪو ھاڻ ڪنبي رھيو ھيو، ليڪن ان چٽيءَ طرح چيس؛ ”پيٽر! اھو ناممڪن آ.“

”اوھان صحيح ٿا چئو.“ اسسٽنٽ، سرٻاٽ ۾ چيو.

”اوھان اھو نه ٿا چئي سگھو ته مون اوھان کي ھر قسم جو موقعو نه ڏنو.“ اگنائيٽس، ھٿ پوئتي ھٽائيندي چيس. ھاڻ ته پگھر، چيئرمين جي چھري کان ھيٺ ڳڙڻ شروع ٿي ويو. نوجوان اسسٽنٽ پنھنجيون نگاھون ڦيري ڇڏيون، ڇو جو ھو ڊپ واري حالت ۾، پسٽول جي فائر جي انتظار ۾ ھيو.

”تمام زبردست!“ اگنائيٽس، چيئرمين جي کوپڙيءَ تان پسٽول ھٽائيندي چيو ۽ پنھنجي جاءِ تي ويھي رھيو. ٻئي بئنڪ جا آفيسر، اڃا تائين ڀؤ ۾ ڪنبي رھيا ھيا ۽ ڳالھائڻ جي سگھ نه پئي ساري سگھيا.

وزير صاحب، پنھنجو کُٿل بريف ڪيس، ڪرسي جي ڀر مان کنيو ۽ پنھنجي اڳيان واري شيشي جي ميز تي رکي ڇڏيو. ھن ٻنھي پاسن جا بڪل دٻايا ۽ بريف ڪيس جو ڍڪ کلي مٿي ھليو ويو.

بئنڪ جي ٻنھي آفيسرن ھيٺ ڏٺو، جتي سؤ سؤ ڊالرن وارا نوٽ، سليقي سان قطارن ۾ رکيل ھيا. بريف ڪيس جو ھر انچ نوٽن جي تختين سان ٽٻ لڳو پيو ھيو. چيئرمين، ھڪدم پنھنجي مغز ۾ اندازو ھنيو ته سموري رقم، لڳ ڀڳ پنجاھ لک ڊالر ھوندي.

اگنائيٽس چيس؛ ”مسٽر! منھنجو، اوھان وٽ کاتو کولڻ ڪيئن رھندو؟“

 

(پيروز بخت قاضي لاھور واري جي اردو ترجمي تان کنيل)


No comments:

Post a Comment