Sunday, October 5, 2025

پوھ جي رات - منشي پريم چند - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

پوھ جي رات

(ريخته ڪھاڻي)

ڪھاڻيڪار: منشي پريم چند

سنڌيڪار: انجنيئر عبدالوھاب سھتو



(۱)

ھلڪوءَ ايندي ئي زال کي چيو؛ ”شھنو آيو آ! کڻي آءُ جيڪا روڪڙ رکيل آ. کيس ڏيون ته ڪا جان آجي ٿئي.“

نونھڻس مُنيءَ، ٻھاري پئي ڪڍي. پوئتي مُڙي چوڻ لڳس؛ ”ٽي ته روپيڙا آھن، سي ڏيونس ته پوءِ کٿو ڪٿئون ايندو. مانگھ پوھ جي رات، ٻنيءَ ۾ ڪيئن گھارجندي. کيس وڃي چؤ ته فصل لٿي تي کيس پئسا ڏينداسين. ھاڻ نه!“

ھلڪو، جھٽ سوا ته تپرس ۾ بيٺو رھيو. وري پنھنجي دل ۾ سوچيندو رھيو ته؛ ’پوھ ته سر تي اچي ويو آ. کٿي بنا ٻنيءَ ۾، رات جو ته ڪو نه سمھي سگھندس. مگر شھنو مڃيندو به ڪو نه! ويتر ڇڙٻون ڏيندو.‘ اھو سوچيندي، ھو پنھنجو ڳؤرو بت، جيڪو سندس نالي جي ابتڙ ھيو، لوڏيندو، پنھنجي زال وٽ آيو ۽ خوشامد ڪندي چيائينس؛ ”کڻي آ! ڪنھن نموني جان ته آجي ڪيان. کٿي لاءِ ڪا ٻي سوچ ويچار ڪندس.“



مني، وٽانئس پري ھٽي وئي ۽ اکيون ڪُرڙيون ڪندي چيائينس؛ ”ڪري ڇڏيائين ٻي سوچ ويچار! ڀلا ٻڌان ته ڪھڙي سوچ ويچار ڪندين؟ ڪير ڏيندئي کٿو خيرات ۾. خبر ئي نه ٿي پوي اڃا ڪيترو قرض مٿئون آ، جيڪو لھي ئي نه ٿو. مان ٿي چوانءِ ته ٻني ڦٽي ڇو نه ٿو ڪرين. مري جھري ڪم ڪر. پيداوار ٿئي ته منجھانئس قرض لھي ته چئون ادا جان ڇٽي. ڄڻ اسان ڄاوا ئي قرض لاھڻ لاءِ آھيون. اھڙي ٻنيءَ کان ڀڄ پري. مان پئسا نه ڏئي نه ڏيندس.“

ھلڪوءَ ڏکارو ٿي چيس؛ ”ته پوءِ ويھي گاريون جھليان؟“

منيءَ چيس؛ ”گاريون ڇو ڏيندو؟ ڪو سندس بادشاھي آ ڇا؟“ مگر اھو چوندي ئي سندس تاڻيل ڀروون، ڍرا ٿي ويا. ھلڪوءَ جي ڳالھ ۾ جيڪا دل کي ڌوڏڻ واري سچائي ھئي، سمجھ ۾ پئي آيو ته اھا، ڏانھنس ٽِڪَ ٻڌي تڪي رھي ھئي. ھن ڇپٽيءَ تان ڏوڪڙ کنيا ۽ آڻي، ھلڪوءَ جي تريءَ تي رکيائين. مٿئون چوڻ لڳس؛ ”تون ھاڻ به ٻني ڇڏي ڏي! مزوريءَ مان سک سان ھڪڙي ويلي جي ماني کائڻ لاءِ ته ملندو. ڪنھن جي دٻڙ دئونس ته ڪو نه ھوندي. واھ جي پوک آ! مزوري ڪري ڪمائي اچ، سو به اچي منجھس اڇل. مٿئون وري دٻڙ دئونس.“

ھلڪُوءَ پئسا ورتس ۽ ائين ٻاھر ويو، ڄڻ پنھنجي دل ڪپي ڏيڻ پيو وڃيس. ھن پئسو پئسو پاڇي ڪري، ٽي روپيڙا کٿي لاءِ ڪٺا ڪيا ھيا. سي به اڄ نڪتا پيا وڃنس. وک وک سان، سندس مغز پنھنجي مسڪينيءَ جي ٻوجھ کئون ٻُٽجندو پئي ويو.

(۲)

پوھ جي اُماس رات. اُڀَ تي تارا به ڄڻ ٿڙڪندا پئي محسوس ٿيا. ھلڪُو پنھنجي ٻنيءَ جي ٻاھرئين ٻني تي، ڏِير جي پَنِ مان ٺھيل ننڍڙي پيھيءَ ھيٺئون بانس جي کٽوليءَ تي، پنھنجي پراڻي چادر اوڍيون، ڪنبيو پئي. سندس ساٿي ڪتو ’جبرو‘ پيٽ ۾ ٻوٿ ھنيون، سيءَ کئون، ڪئون ڪئون ڪري رھيو ھيو. ٻنھي مان ڪنھن ھڪ کي به ننڊ نه آئي ھئي.

ھلڪُوءَ، گوڏا ڳچيءَ سان چنبڙائيندي چيس؛ ”ڇو جبرا؟ سيءُ ٿو ٿيئي ڇا؟ چيو ته ھيومانءِ ته گھر ۾ پال تي ليٽي پئو. تون ھتي ڇا وٺڻ آيو ھئين؟ ھاڻ سَھُ سيءُ! مان ڇا ڪيانءِ؟ سمجھيئي پئي ته سيرو پوري کائڻ پيو اچان سو تون به ڊوڙي اچي اڳيان ٿي پئين. ھاڻي ويھي روءُ پنھنجي نانيءَ جي نانءَ کي.“ جبروءَ، ليٽئي پڇ لوڏيو ۽ ڪر ڀڃي، ڇڙھ ٿي ويو. شايد ھو به سمجھي ويو ھيو ته سندس ڪئونءَ ڪئونءَ تي، سندس ڌڻيءَ کي ننڊ نه ٿي اچي پئي.

ھلڪُوءَ ھٿ ڊگھو ڪري، جبروءَ جي ٿڌيءَ پٺيءَ تي ڦيريندي، چيس؛ ”سڀاڻي کان مون سان ساڻ نه اچجانءِ، نه ته ٺري ٺڪر ٿي ويندين. ھيءَ لُري رَنَّ به الائي ڪاٿئون برف کنيون پئي ٿي اچي. اُٿان، حقو ٺاھيان، ڪيئن نه ڪيئن ڪري، رات ته ڪٽجي. اٺ حقا ته ڦوڪي چڪو آھيان. اھو ٻنيءَ جو مزو آ ۽ ھڪڙا ڀاڳ ڀريا اھڙا به آھن جن وٽ اگر سيارو وڃي ته اتي جي گرمي ڏسي، گھٻرائجي اتان ڀڄي نڪري. ٿلھا گاديلا، سوڙيون، ڪمبل ۽ کٿا! مجال آ سياري جي جو اتان پاسو ڏئي به لنگھي. تقدير جا رنگ آھن. مزوريون اسان ڪيون، عياشيون ٻيا ڪن.“

ھلڪُو اٿيو ۽ چُلھڙيءَ مان ٿورا ٽانڊا ڪڍي، حقي جي ٽوپي ڀريائين. جبرو به اٿي ويھي رھيو. ھلڪوءَ حقو ڇڪيندي چيس؛ ”ڇڪيندين حقو؟ ھن سان سيءُ ڪاٿي ٿو لھي! بس رڳو دل کي آٿت ملي ٿو.“

جبروءَ، پيار ڀرين نگاھن سان ڏانھنس ڏٺو. ھلڪُوءَ چيس؛ ”اڄ اڃا ٿورو سيءُ سَھُ! سڀاڻي تو لاءِ ججھو پلال وڇائيندس. منجھس اندر گھڙي ويھجانءِ، سيءُ نه لڳندءِ!“

جبروءَ پنھنجا اڳيان پير، سندس گوڏن تي رکيا ۽ پنھنجو ٻوٿ، سندس ٻوٿ آڏو اچي جھليائين. ھلڪُوءَ کي سندس ٻاھر نڪتل ساھ جي ھوا گرم لڳي. حقو ڇڪي، ھلڪو وري آھلي پيو. ۽ دل ۾ اھو ٽليائين ته ڇا به ٿي پوي ھن ڀيري سمھي ئي پوندس. ليڪن جھٽ کن ۾ سندس ھيانءُ ٿڙڪڻ لڳو. ڪڏھن ھن پاسي پيو ليٽي ته ڪڏھن ھُن پاسي. سيءُ ڪنھن ڀوت وانگي، سندس ڇاتي ڀڪوڙيون بيٺو ھيو.

جڏھن ڪنھن به نموني ڪجھ نه ٿي سگھيو ته جبروءَ کي ھوريان ھوريان ٿڦڪيون ڏئي جاڳايائين ۽ وري سندس مٿي تي ٿڦڪڙيون ھڻي، پنھنجي ھنج ۾ سمھاري ڇڏيائينس. ڪتي جي بت مان خبر ناھي ڪھڙي ڌپ پئي آئي، تنھن ھوندي به کيس پنھنجي ڀاڪر ۾ ڀريون اھڙو سک محسوس پئي ٿيس جيڪو کيس مھينن کان نه مليو ھيو. جبرو شايد ان خيال ۾ ھيو ته بھشت اھو ئي آھي ۽ ھلڪُوءَ جو روح اھڙو پاڪ ھيو جو کيس ڪتي کان بلڪل ڪِرڀ نه پئي آئي. ھو پنھنجي غريبيءَ کئون پريشان ھيو، جنھن جي ڪري ھو ھن حالت تي اچي پڳو ھيو. اھڙي انوکيءَ سنگت، سندس روح جا سمورا دروازا کولي ڇڏيا ھيا. سندس لونءَ لونءَ، حقيقي روشنيءَ سان چمڪي پئي ھئي. انھيءَ اپرانڌ، جبروءَ ڪنھن جانور جي اچڻ جو کڙڪو ٻڌو. سندس مالڪ جي انھيءَ خاص روحانيت، سندس دل ۾ ھڪڙي نئين طاقت پيدا ڪري ڇڏي ھئي، جنھن لُريءَ جي ھيانءَ چيريندڙ لھرن کي به ڪجھ نه پئي سمجھيو. ھو نَرو ڏئي اٿيو ۽ مَنَھِڙيءَ کان ٻاھر نڪري ڀؤنڪڻ بيھي رھيو. ھلڪوءَ گھڻو ئي ٻُچڪاريس پر ھو وٽس نه آيو ۽ ٻنيءَ ۾ چئني ڏسائن ۾ ڊڪي ڊوڙي ڀؤنڪندو رھيو. گھڙيءَ سوا لاءِ جي آيو به پئي ته وري ساڳين پيرن تي ڀڄندو پئي ويو. فرض جي ادائيگيءَ، کيس بيچين ڪري ڇڏيو ھيو.

(۳)

ھڪڙو گھنٽو گذري ويو. سيءُ وڌڻ لڳو. ھلڪُو، اٿي ويٺو ۽ ٻئي گوڏا ڇاتيءَ ۾ ڏئي مُنھن کي مونن منجھ لڪايائين. پوءِ به سِيئاندو جھڪو نه ٿيس. ائين پئي لڳو ڄڻ سڄو رت ڄمي ويو ھجيس. ھن اٿي اُڀَ ڏانھن تڪيو ته اڃا رات ڪيتري آ. اھي ست تارا جيڪي قطب تاري جي چوڌاري ڦيرو ڏيندا آھن، تن اڃا پنھنجو اڌ چڪر به پورو نه ڪيو ھيو. جڏھن اھي منجھند کي ايندا ته پوءِ وڃي ڪو سُنجھندو ٿيندو. پوئتي ٻن پھرن کان به رات، گھڻي باقي آ.

ھلڪُوءَ جي ٻنيءَ کان وٿيرڪو ھڪڙو باغ ھيو. پن ڇڻ شروع ٿي چڪي ھئي. باغ ۾ پنن جو ڍير لڳو پيو ھيو. ھلڪُوءَ دل ۾ ٽليو ته؛ ’وڃي اھي پن ميڙي اچان ۽ ٻاري، جان سيڪيان. رات ڌاري، پن ميڙيندي ڪو مون کي ڏسندو ته سمجھندو ته جن ڀوت آ. ڪنھن کي ڪھڙي خبر ڪو جانور لڪيو ويٺو ھجي. مگر ھاڻ ته ويھڻ به نه ٿو پڄي.‘

ھن ڀر ۾ بيٺل موٺ جي پوک مان وڃي چڱا ٻوٽا پاڙان پٽيا ۽ منجھانئن مُوئو ٺاھي، ھٿ ۾ ٻرندڙ اُماڙي ڪري، باغ ڏانھن ھلي پيو. جبروءَ جو کيس ويندي ڏٺو ته سو به ڪڍ اچي پڳس ۽ ڀر ۾ بيھي پڇ لوڏڻ لڳس.

ھلڪوءَ چيس؛ ”ھاڻ ته ويھي نه ٿو سگھجي. ھل ته باغ منجھان ڇڻيل پن ميڙي اچي لڱ سيڪيون، ٽاٽ ٿياسين ته پوءِ موٽي اچي سمھنداسين. اڃا ته رات گھڻي پئي آ. جبروءَ به پيرن تي ٻوٿ رکي، ڪئون ڪئون ڪري ڌڻيءَ جي رضا تي راضپو ڏيکاريس ۽ اڳيئون ٿي، باغ ڏانھن ھلڻ لڳو. باغ منجھ، گُھپ اوندھ لڳي پئي ھئي. وڻن جي پنن تان ماڪ ڦڙا، ٽِميا پئي. اچانڪ ھوا جو ھڪڙو ڇوھو مينديءَ جي گلن جي ھٻڪار کنيو آيو.

ھلڪوءَ چيو؛ ”ڪھڙي نه ڀلي ھٻڪار آ جبرو! تو واري نڪ ۾ به ڪا سرھاڻ اچي پئي ڪن نه!؟“

جبروءَ کي ڪاٿي زمين تي پيل ھڏو ملي ويو ھيو. اھو ته ان کي چٻڻ ۾ پورو ھيو.

ھلڪوءَ اُماڙي ڌرتيءَ تي رکي ۽ پاڻ پن ميڙڻ لڳو. ٿوري دير ۾ پنن جو ڍڳ ٿي ويو. ھٿن کي ڏڪڻيءَ ورتس پئي. اگھاڙا پير، ٺرندا پئي ويس ۽ ھيءُ پنن جو پھاڙ ڪٺو ڪرڻ ۾ لڳو پيو ھيو. جن جي آڙاھ ۾سيءَ کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيندو.

ٿوريءَ دير ۾ آڙاھ ٻري اٿيو. جنھن جون ڄِڀيون، مٿان واري وڻن جي پنن کي لھساٽي پئي لنگھيون. ان ڀڙڪندڙ باھ جي شعاع ۾ باغ جا سھڻا وڻ ائين پئي لڳا ڄڻ اھي ان اڻ کُٽ اوندھ کي پنھنجي ڪلھن تي کنيو ويٺا ھجن. اوندھ جي انھي اونھي عميق ۾ اھا روشني، ھڪڙيءَ ٻيڙيءَ مثل لڳي رھي ھئي.

ھلڪُو، آڙاھ آڏو ويھي، لڱ سيڪي رھيو ھيو. ھڪڙي منٽ اندر ھن پنھنجي چادر اُرھ ۾ ڏني ۽ پنھنجا ٻئي پير پساري ڇڏيائين. ڄڻ ھو سيءَ کي للڪاري چوندو ھجي؛ ”جو جيءَ ۾ اچئي، سو وڃي ڪر!“ سيءَ جي انھيءَ اٿاھ طاقت تي سوڀ ماڻي، ھو پنھنجي سرھائيءَ کي لڪائي نه پئي سگھيو.

ھن جبروءَ کي چيو؛ ”چئو جبرا! ھاڻ ته سيءُ ڪو نه ٿو لڳئي نه؟“ جبري ڪَئون ڪَئون ڪري ڄڻ چيس؛ ”ھاڻ سيءُ ڇا جو لڳندو؟“

”اڳي اھا ٽل ڪا نه سُجھي، ور نه ته ايڏو سيءُ ڇو جھليون ھا!“

جبري، پڇ لوڏيو.

”چڱو اچ! ھن آڙاھ کي ٽپي پار ٿا پئون. ڏسئون ٿا ته ڪير ٿو پار پوي. جيڪڏھن سڙي پياسين ته پُٽَ دوا ڪو نه ڪرائبي.“ جبري ڀوائتين اکين سان آڙاھ کي تڪيو. ”منيءَ کي سڀاڻي اھو نه چئجانءِ ته رات ڏاڍو سيءُ لڳو ھيو ۽ لڱ سيڪي سيڪي رات ڪڍيسين. ور نه ته جھيڙو ڪندي.“ اھو چوندي ھن ٽپو ڏنو ۽ اھو آڙاھُ، آرام سان اورانگھي ويو. پير ۾ ٿوري نُھنڊ آيس، پر اھا ايتري ڪا وڏي ڪا نه ھئي. جبرو، آڙاھ جي پاسي کان ڦري اچي، ساڻس گڏ بيٺو.

ھلڪوءَ چيس؛ ”ائين صحيح ناھي. وڃ! وڃي مٿئون ٽپو کائي پوءِ اچ!“ پوءِ پاڻ وري ٽپو ڏنائين ۽ آڙاھ جي اورين ڀر پھچي ويو.

(۴)

پن، سڙي چڪا ھيا. باغ اندر وري اوندھ جو راڄ ٿي چڪو ھيو. ڪِرُھ اندر ٿورا گھڻا ٽانڊا باقي ھيا. جيڪي ھوا جي جھونڪي تي ڇار پاسي ٿيڻ تي ٽمڪي پئي پيا. وري ساڳئي لمحي، رَکَ وَرِي پئي آين.

اچانڪ، جبرو ڀؤنڪ ڪري ٻنيءَ ڏانھن وٺي ڀڳو. ھلڪُوءَ کي لڳو ڄڻ جانورن جو ولر، سندس ٻنيءَ ۾ اچي پيو ھجي. شايد گَڊَ ڊنب ڪري پھتا ھجن. سندن ڀڄڻ ۽ ٽپن ڏيڻ جا آواز ڪنن ۾ چٽيءَ طرح پئي ٻُرِيس. پوءِ ائين لڳو، ڄڻ پوک جي ڀيل ۾ لڳي ويا آھن. ھن دل ۾ چيو؛ ”ھونھ! جبروءَ جي ھوندي ڪو جانور، ٻنيءَ ۾ ٽپي ئي نه ٿو سگھي. ڇِني وجھين. مون کي وھم پيو ٿئي. لڳي ٿو ھاڻي يا منھنجي ڪنن تي ٻوڙٽ چڙھي وئي آ يا ڪَنَ مون سان ٺڳي پيا ڏين.

ھن وڏي واڪ سڏ ڪيو؛ ”جبرا! جبرا!“

جبرو ڀؤنڪندو، وٽس اچي پڳو.

جانورن جي ڀيل جو آواز، چرئون چرئون، ٻڌڻ ۾ اچي رھيو ھيو. بلڪ ھاڻ ته پاڻ کي به دوکو نه ڏئي سگھيو. بلڪ ھاڻ ته کيس، پنھنجي جاءِ تان چُرڻ به زھر پئي لڳس. ڪيڏو ته سيڪ وتيو، مزي سان ويٺو ھيو. ھن سيءَ ۽ پاري ۾، ٻنيءَ اندر وڃڻ، جانورن کي ھڪلي ڀڄائڻ، سندن پويان لٺ کڻي پوڻ، کيس جبل پئي لڳو. پنھنجي جاءِ تان نه چُريو. ويٺي ويٺي جانورن کي تڙڻ لاءِ تڙيون، ھڪلون ۽ ھونگرون ڏيندو رھيو؛ ”ھو! ھو! ھور! ھور! ھا! ھا! ھو!“

مگر جبرو وري ڀؤنڪڻ لڳو. جي جانور ڀڄي وڃن ھا ته جبرو ھن وقت تائين موٽي به اچي ھا. نه ڀڳا آھن، بلڪ اڃا تائين پوک ڀيلين ٿا پيا. شايد اھي سمورا سمجھن ٿا پيا ته ھھڙي سيءَ ۾ ڪنھن کي پئي آ جو اسان کي اچي تڙيندو. فصل لاب تي آ ۽ ڪھڙو نه ڀلو فصل ٿيو آ. سڄو ڳوٺُ ڏسي ڏسي، پيو ٿو اندر ۾ سڙي ۽ وري ھيءُ نڀاڳا پيا آھن جو ڀيليندا ٿا وتن.

ھاڻ ھلڪُوءَ کان رھيو نه ٿيو ۽ پڪو پھ ڪري اٿيو ۽ ٻه چار وکون کنيائين. جو اوچتو لڳندڙ لُريءَ جو ٿڌو، چڀندڙ ۽ وڇونءَ جي ڏنگ جھڙو ڇوھو ڇاتيءَ ۾ لڳس ته موٽي اچي اُجھامندڙ باھ مٿان بيٺو ۽ ڪِرُھ کي کوٽھڙو ڏئي پنھنجا لڱ سيڪڻ لڳو.

جبروءَ جي نڙي ڦاڙ ڀؤنڪ جاري ھجي. گڊ، پوک ڀيليندا رھيا ۽ ھلڪو، ڪوسي رَک جي آڏو ماٺڙي ڪيو ويٺو رھيو. غمگينيءَ جي جنجيرن، کيس چؤکنڀو جڪڙي ڇڏيو ھيو.

انت ته اتي ئي چادر اوڍي سمھي پيو.

سوير جو جڏھن سندس ننڊ ڦٽي ته ڏٺائين چؤطرف کيس اسَّ ورائي وئي آ. ۽ مني مٿئون بيٺي چئي رھي ھيس؛ ”اڄ ڀلا ستو ئي پيو ھوندين ڇا؟ تون ھتي مٺڙي ننڊ ستو پيو آھين ۽ ھتي آ جو سڄي پوک ڀيلجي وئي آ. سڄو فصل ڀينگ ٿي ويو! ڀلا ائين به ٿيندو آ ڇا؟“ ھلڪوءَ ڳالھ ٺاھي چيس؛ ”مان مرندي مرندي بچيو آھيان. تو کي وري پوک جي لڳي آ. پيٽ ۾ اھڙي لُوھَ اچي پئي جو ڦيٽون مون کاڌيون آھن ۽ مون کي خبر آ.“

ٻئي پوءِ، ٻنيءَ جي ٻاھرئين ٻني تي آيا. ڏٺائون ته پوک جو نالي کي ڪو تيلو نه بچيو آ ۽ جبرو آ جو مَنھڙيءَ جي ھيٺان ٽنگون ٽيڙيو، ليٽيو پيو آ. ڄڻ بت ۾ ساھ ئي نه ھجيس. ٻئي پوک کي تڪيندا رھيا. منيءَ جي چھري تي مايوسي نروار ھئي پر ھلڪو، خوش ھيو.

منيءَ ڳڻتي کائيندي چيس؛ ”ھاڻ مزوري ڪري، مال جو گاھ پٺو آڻڻو پوندو.“

ھلڪوءَ چريائپ واري انداز ۾ چيس؛ ”رات جو تَھَ سيءَ ۾، ھاڻي ھتي سمھڻو نه پوندو!“

”مان ھن پوک جي ڍل به نه ڀرينديس. اھو ٻڌائي ٿي ڇڏيانءِ! جيئڻ لاءِ پوک ٿا پوکيون، مرڻ لاءِ نه ٿا پوکيون.“

”جبرو! اڃا تائين ستو پيو آ. ايترو ته ڪڏھن سمھندو ئي ناھي!“

”اڄ وڃي شھنا کي چئي ڇڏ؛ پوک جانور ڀيلي ويا! اسان پائي ڪو نه ڏينداسين.“

”رات! وڏي قھر جي ٿڌ پئي ھئي.“

”مان ڇا ٿي چوان! تون ڇا ٿو ٻڌين!؟“

”تون گارين کارائڻ واري ڳالھ ٿي ڪرين. شھنا کي انھن ڳالھين سان ڪھڙو لھڻو ليکو! توھان جي پوک کي توڙي جانور ڀيلي وڃن يا باھ ساڙي وڃين. توڙي ڳڙو پويس. کيس ته پنھنجي بٽئي کپي.“

“ته پوءِ ڦٽي ڪر پوک! اسان اھڙي پوک کان بان ڪئي!“

ھلڪوءَ مايوسيءَ واري انداز ۾ چيس؛ ”ھائو منھنجي دل ۾ به ائين پيو اچي ته پوکي راھي ڇڏي ڏيون. مني تو کي سچ پيو ٻڌايان. مگر مزوريءَ ڪرڻ جو خيال ٿو اچي دل ھَڄي ٿي وڃي. ھاريءَ جو پٽ ٿي ڪري ھاڻ مزوري ڪو نه ڪندس، توڙي ڪيڏي به ڀينگ ٿي وڃي. پوک جو مان، ڪو نه ڪيرائيندس. .... جبرا!..... جبرا!.... اڙي اڃا ستو پيو ھوندين ڇا؟ ھل ته گھر ھلئون!“

 

(ماھوار ھمسري حيدرآباد آن لائين جي آڪٽوبر ۲۰۲۵ع واري شماري ۾ ڇپيل)


No comments:

Post a Comment