Showing posts with label سنڌي سماج، پرڏيهي ڪهاڻيون، جائزو، محبوب سنڌي، ستارن پويان ڊوڙندڙ شخص، ڀون سنڌي،. Show all posts
Showing posts with label سنڌي سماج، پرڏيهي ڪهاڻيون، جائزو، محبوب سنڌي، ستارن پويان ڊوڙندڙ شخص، ڀون سنڌي،. Show all posts

Wednesday, June 15, 2022

سنڌي سماج سان ٺهڪندڙ پرڏيهي ڪهاڻين جو جائزو - محبوب سنڌي

سنڌي سماج سان ٺهڪندڙ پرڏيهي ڪهاڻين جو جائزو

محبوب سنڌي



”ستارن پويان ڊوڙندڙ شخص“ پرڏيهي ڪهاڻين جو ڳٽڪو آهي، جنهن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو (ڀون سنڌي) ڪيو آهي. ترجمن سان ئي عالمي ادب سرحدن جي پابندين کان آزاد رهي ٿو. سٺو ۽ معياري ادب ”فروٽ فل“ ٿئي ٿو، پوءِ ڇو نه جو هو ترجمي جي صورت ۾ ملي. سو ڀون سنڌي جي هي محنت سنڌي ادب جي زرخيريءَ ۾ هڪ شاهوڪار وڌارو آهي. هن ڪهاڻين جي ڪتاب کان اڳ به ڀون سنڌي ۱۹۸۵ع ۾ (گوري، گهاگهر ۽ گوندر) جي نالي سان پرڏيهي ڪهاڻين جو ترجمو ڪري چڪو آهي. وري ڪافي وقت کان پوءِ ۲۰۱۵ع ۾ (ستارن پويان ڊوڙندڙ شخص) ڪهاڻي ڪتاب ۾ هن چونڊ پرڏيهي ڪهاڻيون ترجمو ڪري شامل ڪيو آهن. جن جي خاص خوبي اها آهي ته هنن ڪهاڻين جو منهن مهانڊو نج سنڌي پڻي سان ملندڙ جلندڙ آهي، ڄڻ ته اسان جي سماج جا مسئلا اسان جي سامهون گردش ڪندي نظر اچن ٿا ۽ ائين لڳي ٿو ته هيءَ ترجمو نه پر ڄڻ ڀون سنڌي آرٽ جي مصوريءَ سان ادبي ڪئنواس تي سنڌي معاشري جا عڪس چٽيا آهن.