Wednesday, December 2, 2020

ڍونگ - رشيد آخوند

ڍونگ

رشيد آخوند



سج جو تکو پاڇو رڙهندو رڙهندو دروازي جي اندر داخل ٿيو، ۽ هوءَ جمالٻي جي قميص ڌوئي سڪائڻ لاءِ اٿي. هن سهاري لاءِ حوض جي ديوار تي هٿ رکيو. ديوار جي مٽي ڀري هيٺ ڪرڻ لڳي. هٿ ٿورو ترڪيو، ۽ اهي داغ جيڪي سندس گهر جي ديوارن ۽ ڇت جي زينت هئا، هن جي اکين آڏو اڀري آيا. هن اکيون پاڻيءَ جي موريءَ تي وڌيون، جنهن جي چوڌاري صابڻ جي گجي گڏ ٿي وئي هئي. آهستي آهستي موري چٽي ٿيڻ لڳي؛ پر وري ٿوري وقفي کان پوءِ، جئن ظاهر ٿي هئي، تيئن ميٽجي ويئي، ۽ ان جي جاءِ تي هڪ پور پيدا ٿي ويو. هن پور کي غور سان ڏٺو. پور وڏو ٿيڻ لڳو_ايتريءَ حد تائين، جو هن پنهنجي وجود کي به ان ۾ گم ٿيندو محسوس ڪيو. هن چاهيو ٿي ته هوءَ هميشه انهيءَ حالت ۾ رهي. اتي ڏک ۽ ڏاکڙا وسري ويا ٿي؛ جمالي کي کارائڻ لاءِ محنت ۽ مزدوري ڪرڻ به ياد نٿي رهيو؛ اتي ڪو دنيا جو غم نه هو، ۽ نه ئي وري ڪا ذهني مونجهه ۽ پريشاني هئي؛ اتي ڪنهن جي سڌ نه هئي، خود پنهنجي هيڻي ۽ بيمار جسم جي سڌ به نه. پر تلخ حقيقتن کان ڪو گهڻيءَ دير تائين منهن موڙي نه سگهندو آهي... ۽ هوءَ به پاڻ کي وڌيڪ ڌوڪو ڏيئي نه سگهي. حوض جي هرڪا شي وري ظاهر ٿيڻ شروع ٿي_ ۽ ان سان گڏ جسماني ڪمزوري ۽ مصيبتن جو احساس به ذهن جي ڌنڌ مان نڪري آيو.


صحن ۾ اچي هن قميص کي سڪائڻ لاءِ رسيءَ تي ٽنگيو، ۽ نحيف آواز سان جمالي کي سڏ ڪيو. جمالي اڃان ماني نه کاڌي هئي، پر هو گهر ۾ ڪونه هو. ماڻس پڪ ڄاتو ته گهٽيءَ ۾ راند ڪرڻ ويو هوندو. جمالي جو گهٽي ۾وڃي ٻين ڇوڪرن سان راند ڪرڻهن جي پريشانين جي ويتر وڌڻ جو باعث ٿي بنيو. جمالو اڃان ڇهن سالن جو ٻار هو، جنهن کي وڏا ڇوڪرا، جڏهن به منهن سامهون پين، ستائيندا رهندا هئا. ڪڏهن چهنڊڙين پائڻ ۽ ڪڏهن ڪا شي ڦري وٺڻ ۾ هنن کي رونشو ٿي لڳندو هو، جڏهن هو روئي ماءُ کي اچي دانهن ڏيندو هو، ته هوءَ ويچاري ڪجهه ڪري نه سگهندي هئي. هن جي پاڙي وارن کي پرواهه نه هئي_رن زال جا هئي، جنهن جو ٻيو ڪو والي وارث جو نه هو! جمالي جي وهيءَ جا ٻار کيس ماريندا هئا؛ ۽ جيڪڏهن هن به ڪنهن کي ورائي ڌڪ هنيو، ته پوءِ هنن جون مائون نه فقط جمالي جا ڳل چماٽن سان ڳاڙها ڪنديون هيون، پر ماڻس کي به مهڻا ۽ ڇڙٻون ڏينديون هيون. انهن ڇڙٻن ۽ مهڻن جي جواب ۾ جمالي جي ماءُ وٽ هڪڙي خاموشي هئي..... ۽ لاچار سور سهيو مڙيوئي وقت پيئي ٽاريندي هئي.

جمالي کي گهر ۾ نه ڏسي، هوءَ دروازي وٽ آئي. ٻاهر گهٽي سڄي گپ سان ڀري پيئي هئي، گهرن جي اڳيان جيڪي گندي پاڻيءَ جا حوض هئا، تن مان پاڻي اٿل کائي رستي تي وهڻ لڳو هو. ڇوڪرن اهڙي ڪني ماحول ۾ راند ڪئي پئي. انهن ۾ جمالو به هو. جڏهن ماڻس در تي اچي هن کي ڪوٺيو. تڏهن هن راند نٿي ڪئي، پر هڪڙي ڇوڪري سان جنگ جوٽڻ جي تياري پئي ڪيائين، ڇوڪري چيس پئي:

”هل هل.... آءُ توکي راند نه ڪرائيندس_ اٽي ڏڪر ته منهنجو آهي........!“

”پوءِ تون هن خميسي کي ڇو ٿو راند ڪرائين؟“

”منهنجي مرضي...... خميسو مون کي کٽمٺڙا کارائيندو آهي، ۽ تون ته ٽول لڪائي پاڻ کائي ويندو آهين. ان ڏينهن مون تو کان اڌ بسڪوٽ گهريو، تو ڪو مون کي ڏنو!

پوءِ آءُ توکي راند ڇو ڪرايا؟“

”۽ ٻچو، اڄ اسين هڪڙي هنڌ شربت پئڻ وينداسين. توکي ڪونه وٺي هلنداسين.......

ڪيئن حميد؟“ خميسي خوش ٿيندي اٽي_ڏڪر جي مالڪ ڏانهن نهاريو. هن خميسي جي حامي ڀري. پوءِ ٻئي شرير نظرن سان جمالي کي ڏسڻ لڳا.

”هونهه... نه وٺي هلو ته نه وٺي هلو. مون کي جهڙي طبر نه آهي_اما ٻڌايو هو ته اڄ سيٺ هاشم امامن جو شربت ڪيو آهي!“ جمالي مرڪيو ۽ هو ٻئي شرمائجي ويا. پر جمالي جي مرڪ گهڻي دير تائين قائم رهي نه سگهي. هڪڙي وڏي ڇوڪري جمالي کي ٻڌي چيو:

”ها ڙي ڇورا، ماڻهين ڪيئن نه ٻڌائيندي روکي.هن کي سڄي جهان جون خبرون آهن. سڄو ڏينهن ماڻهن جي گهرن کي نوسيندي آهي.....!“ جمالي کي خار ته گهڻا آيا، پر مخالف کانئس عمر ۾ گهڻو وڏو هو. تنهنڪري دل ٺارڻ ڪاڻ هن چپن ئي چپن ۾ هڪڙي ڳري گار وڏي ڇوڪري کي ڏيئي ڪڍي.

”جمالا، آءُ توکي چوان ٿو.......اسان جي راند مان هٽي وڃ!“ حميد کي ڪاوڙ اچڻ لڳي. ”نٿو هٽان.......تون ڇا ڪندين؟“ جمالو ضد تي هو. حميد ڏڪر کنيو. جمالو به سنڀري بيٺو، پر ان وچ ۾ جمالي کي ماڻس در تي اچي سڏ ڪيو، ۽ معاملو اتي ئي رهجي ويو، جمالو، ٻرندڙ نگاهن سان حميد کي ڏسندو، گهر ۾ گهڙي ويو.

گهٽيءَ ۾ ميونسپالٽيءَ جي تين ٻرڻ ۾ اڃان ڪجهه دير هئي، هوءَ ٻنپهرن کان جيئن جمالي کي امان جا مور کارائي ليٽي هئي، تيئن شام تائن پيئي رهي. سخت تپ اچي وڪوڙيو هئس ۽ کنگهه به زور وٺي وئي هيس. هن ۾ ايتري طاقت نه هئي، جو ڪمبل پاسيرو ڪري جمالي کي اٿي ڏسي، جيڪو وري خبر نه ڪيڏانهن گم ٿي ويو هو. تنهن کان سواءِ اڄ سندس ستا سور به جاڳي اٿيا هئا. هن گهڻي ڪوشش ڪئي ٿي ته نا اميدين ۽ حسرتن جي هيٺ دٻيل، خشڪ ۽ ويران زندگيءَ مان چند سڪون جا لمحا، چند خوشيءَ جا بهانا يا ڪي خود فريب ڳالهيون سوچي، پر هر نئينءَ ڪوشش هن جي ذهن جي آڏو تصوير جو فقط هڪ رخ آندو ٿي، جنهن ۾ ساڳين ئي نا اميدين، حسرتن ۽ غمن جي جهلڪ هئي. خوشيءَ جو رڳو هڪ اڻ لکو احساس وڃي طبيعت ۾ باقي بچيو هو. وقت جي ڪارسازيءَ ۽ زماني جي بي مروتيءَ هن جي طبيعت کي غم_پسند بڻائي ڇڏيو هو.

هن کي شاديءَ جي پهرين رات ياد آئي، جڏهن هن جي نس نس مان خوشيءَ جو رس ڦٽيو ٿي. ان خوشيءَ ۾ هڪ عجيب بيچيني هئي_هڪ دٻيل دٻيل خوف هو،پر هاڻي ان خوشيءَ جي يادگيري به غم ۾ ٻڏي چڪي هئي.

۽ هن  کي اهو ڏينهن به ياد آيو، جڏهن هن جمالي جي پيءَ جو ڪفن مان نڪتل بيجان چهرو ڏٺو هو. ڪافور جي بوءِ چوطرف ڦهليل هئي، ان ڏينهن هن ڪيترو نه رنو هو! ڏئي جي لاٽ ته وسامي چڪي هئي، پر فقط ڏئي جي منهن مان نڪرندڙ ميري دونهين کيس رئاڙيو پئي_جيڪو آخر خلا ۾ جذب ٿي وڃڻو هو.

پر اڄ هن کي ان دل_ڏاريندڙ منظر رئاريو نٿي. هوءَ غم سان هري ويئي هئي_ ۽ جڏهن ماڻهو غم سان هري ويندو آهي ته غم جي شدت به گهٽ ٿي ويندي آهي. هن گوريا جمالي کان به وڌيڪ، غم کي پنهنجي حيات جو سرمايو سمجهيو هو. هن کي پڪ هئي ته هوءَ جمالي جون خوشيون ڏسي نه سگهندي.، ان کان اڳ مري ويندي، اهو احساس سندس دل ۾ گهر ڪري چڪو هو، هوءَ هاڻي اڪثر ڪري تضوراتي داغ ڏسندي هئي؛ ۽ هن زرد چهري جو داغ: زندگيءَ جو ست ڀري پيو هو. انهيءَ هوندي به هوءَ مرندي جهرندي جي مرڻ کانپوءِ ٻيو ڪو آسرو نه هوس. کيس اڪيلي سر پاڻ لاءِ ۽ جمالي لاءِ گذران پيدا ڪرڻو هو. پهرين هوءَ پاڙي وارن جي گهرن ۾ وڃي ٻهاري ڪڍندي هئي، باسڻمليندي هئي، بازار جو ننڍو وڏو ڪم ڪري آڻي ڏيندي هئي. پر پوءِ هوءَ بيمار ٿي پئي، ۽ هن کي سلهه جي بيماري هئي. ۽ هاڻي هوءَ رڳو پاڙي وارن جا ڪپڙا آڻي گهر ۾ ڌوئندي هئي، اڄ هوءَ جمالي جي هڪڙي قميص کان سواءِ پاڙي وارن جا ڪپڙا ڌوئي نه سگهي. سخت بخار اچي ورايو هوس. سڄو ڏينهن کٽ تي کنگهندي گذاريو هئائين، ۽ آخر اٿي ان مهل، جڏهن گهٽي ۾ جمالي جون رڙيون ٻڌائين. هوءَ بخار جي شدت کان سهڪندي در تائين ويئي، پوءِ هڪدم در کولي ٻاهر نڪري آئي. هن جمالي کي گندي پاڻي ءَ جي حوض ۾ ڪريل ڏٺو هو. جمالو ماءُ کي ڏسي ويتر زور سان اوڇنگارون ڏيڻ لڳو. ماڻس اچي هن کي حوض مان ڪڍيو.

”امان، حميد مونکي حوض ۾ ڪيرايو آهي“، جمالي سڏڪا ڀريندي چيو.

”مون ڪٿي ڪيرايو؟“ حميد پنهنجي ماءُ جي ڀر ۾ بيهندي چيو.

”ها ها، حميد ڪونه ڪيرايو. هي ويچارو ته بنهه منهنجي اکين سامهون هينئر گهر مان نڪتو آهي!“ حميد جي ماءُ صاف ڪوڙ ڳالهائي ويئي.

”ڏس حميد جي ماءُ! هڪڙي پاڙي ۾ رهي، توکي اهي ڳالهيون سونهن نٿيون، پنهنجي پٽ کي جهلين ته نٿي، مرڳو پاسو پئي کڻين.......“

”اي لئي ٻڙي، مون کي نه ڌمڪاءِ... هي پنهنجون ڦوٽن جيڏيون اکيون ٻين کي ڏيکارج. تو جهڙيون گهڻيون فقيرياڻيون منهنجي در تي اچي پن جو تڪر وٺيو وڃن_ مئي رن زال، هلي آهي مون کي چوڻ.....ڏيڻ ڪٿي جي....!“

غصي کان هن جي ڪنن جون پوپٽيون ٻرڻ لڳيون. هوءَ فقيرياڻي نه هئي. ڪنهن جي در تي وڃي ٽڪر ڪين گهرندي هئي. اڳي هوءَ صبر سان هنن جا مهڻا ٻڌندي هئي، پر هاڻي جيئن پوءِ تيئن پاڙي وارا سر تي چڙهندا پئي ويا. هوءَ غريب هئي ته ڇا ٿيو؟..... عزت هن کي به هئي. هوءَ ڪجهه چوڻ تي هئي، ته هڪڙيءَ ٻيءَ مائيءَ حميد جي ماءُ جي ڳالهه کي ٽيڪر ڏني:

”ها امان تون سچي آهين_هيءَ ڇنال ڏيڻ آهي ڏيڻ! اچڻ سان مڙس کي ماريائين، جي ٿورا سال ٻيا ان پاڙي ۾ رهي ته الاجي ڪهڙو قهر ڪندي_آءُ پنهنجن ٻارن کي هن ڪامڻ_ڪٽيءَ جي منهن تي اچڻ به نه ڏيندي آهيان.......... مئي اکين ۾ کايو وڃي..........!“

هوءَ وڌيڪ سهي نه سگهي، پر اڃان ٻه لفظ چيائين مس، ته کنگهه اچي ورتس. جمالي هن جي ٻانهن جهلي رنو پئي، ۽ هن گهٽيل آواز سان کنگهيو پئي. کنگهه زوري وٺندي ويئي، ۽ حميد جي ماءُ وڏي واڪي سان ٻنهي ماءَ پٽن کي پٽيندي ويئي. هن مشڪل سان، ”ڪنگال“ ”ڇنال“ ۽ ”ڪارڄڀي“ جا ٻه ٽي لفظ ٻڌا، ۽ جڏهن هن ٿورو ساهه کنيو، ته اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيس ۽جمالي کي رڳو ايترو چئي سگهي،

”مئا نپٽا.... هل گهر..... تون منهنجي جان جلائي ڇڏي آهي.“

رات جو هڪ ٿيو هو، گهٽي سڄي ويران پيئي هئي. ايتري وقت گذري ويندي به هن جي کنگهه بند نه ٿي، ڪڏهن اٿندي ۽ ڪڏهن پاسا ورائيندي. هن درد ۽ قرب جي عالم ۾ کنگهيو پئي، کنگهڻ جو آواز فضا جي مڪمل سڪوت کي چيريندو ويو پئي، سندس ان لاڳيتي شور پاڙي وارن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. پهرين ته هو صبر سان اکيون کولي ڇتين کي گهوريندا رهيا، ته من ڪا ماٺ ٿئي؛ پر جمالي جي ماءُ جي کنگهه بند نه ٿي سگهي، تنهن کانسواءِ هن زور زور سان اوڪارا به ڏنا پيئي. پاڙي وارن سمجهيو ٿي ته هوءَ اجايو ڍونگ پئي ڪري، ته جيئن هنن جو سک ڦٽي. آخر حميد جي ماءُ کان رهيو نه ٿيو،  ۽ دريءَ مان منهن ڪڍي چيائين؛

”اي جمالي جي ماءُ، اهو تال تيتال بس ڪر! ٻڙي اسان کي ٻه گهڙيون سکسان سمهڻ به نٿي ڏين، چئو ته پاڙو توکي  ڏيئي اسين وڃي ڪو ٻيو ماڳ ڪريون!“ هڪڙيءَ کي ڳالهائيندو ڏسي ٻيءَ کي به ريس ٿي، ۽ اچي بالڪنيءَ تي بيٺي_

”ٻاڪاري ائين پئي جهڙو موت ٿو اچيس. پر مئي مري به ته نٿي، جو اسان جي جند آزار مان آجي ٿئي. مئو عزرائيل به ڪميڻيءَ وٽ اچڻ کان ڊڄي ٿو....!“  هن بالڪنيءَ تان چيو.

”لئي امان، هيءَ ڏيڻ آهي ڏيڻ...... ڏيڻين وٽ ملڪ ڪو نه اچن. هن ڌوتيءَ کي ڪو جن ڀوت مارڻ ايندو!“ هيءَ شام واري مائي هئي. ايتري ۾ ٻين گهرن جون دريون کليون، ڪي بالڪنين تي اچي بيٺا، ۽ ڪن بتيون ٻاريون، سڄو پاڙو جاڳي پيو هو، ۽ هنن مان ڪنهن کان ايترو نه پڳو، جو کڻي ان غير معمولي شور جو سب دريافت ڪن. پر سبب معلوم ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. هنن کي پڪ هئي ته هي سڀ هن جو ڍونگ آهي، پاڙي وارن کي ستائڻ لاءِ..... سندن ننڊون ڦٽائڻ لاءِ........

هاڻي آواز آهستي آهستي گهٽبو ويو. اوچتو وري هڪ وڏي اوڪاري جو آواز آيو.

پوءِ هڪدم خاموشي ڇانئجي ويئي، پر هيءَ خاموشي به عارضي ثابت ٿي_شايد ماءُ جي ٿڪجي پوڻ کانپوءِ جمالي جو وارو هو، جيڪو هينئر ڪيڪون ڪندو رنو پئي.

”ماءُ ڍونگ ڪري ٿڪي آهي، هاڻي پٽ ٿو ڦاٽي........“ حميد جي ماءُ دريءَ مان منهن ڪڍيو ۽ جمالو هن جي ڦٽڪار جي پرواهه نه ڪندي روئندو رهيو.

آخر پاڙيوارن تنگ ٿي دريون بند ڪري ڇڏيون. بتيون به وسامي وئيون ۽ رڳو جمالي جو روڄ راڙو گهٽيءَ جي ويرانيءَ ۾ رلندو رهيو. جمالي جي آواز ۾ خوف هو. هو سمجهي نٿي سگهيو ته هن جي ماءُ سندس ”امان! امان!“ ڪري سڏڻ ۽ روئڻ جي باوجود به اٿي ڇو نٿي؟_ ۽ پوءِ هو به ٿڪجي پيو، ۽ ننڊاکڙين اکين سان ماءُ کي ڏسي، هن جي ڇاتيءَ تي مٿو رکي سمجهي پيو..

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۴-۱۹۵۶ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment