Tuesday, December 1, 2020

ٽِڪري - ”بشير“ مورياڻي

ٽِڪري

”بشير“ مورياڻي



ڏتي ڪپڙي جو سينهو ٺاهي مٿي تي رکيو، ۽ ان تي ڇٻو رکي، تاجوءَ جي جوئا واريءَ ٽـِڪريءَ ڏانهن هلڻ لڳو.

ٽـِڪريءَ جو اڌ حصو کليل ميدان هو. ڪٿي ڪٿي پڪين سرن جا گــُندڙا ٺهيل هئا، جن ۾ نم جون چڪيون لڳايون ويئون هيون- هڪ ڪَنڊيءَ جو وڻ هو ۽ ٻيو گدامڙيءَ جو، جن هيٺان کٽون پيئون ئي رهنديون هيون.


ٻئي اڌ حصي ۾ هـِڪَ ته وڏي در واري ڪوٺي هئي، جتي سياري جي راتين ۾ جوئا ٿيندي هئي. انهيءَ ڪوٺيءَ سان لڳ ٻي ننڍڙي ڪوٺي به هئي، جتي پاڻيءَ جو نل لڳل هو. هڪ ننڍڙو باغ به هو. هڪ ٻه کجيءَ جا ننڍا وڻ، هڪڙي نئين ٻير، ڪجهه وليون ۽ ٿوري ڇٻر- ڏينهن جو اُتي جي ڇانوري ۾ جوئا لڳندي هئي. چوڌاري گنب جو لوڙهو ڏنل هو، جنهن جي مٿان ڪنڊا ۽ ٻُوڙا ڄمائي رکيا ويا هئا. لوڙهي جي دڳ وارين ٻن ڪـُنڊن تي سدائين ٻه پهريدار بيٺا هوندا هئا.

ڏتو ڇٻو کڻي ٽڪريءَ ۾ پهتو. ان وقت سچ لهڻ جا سانباها ڪري رهيو هو، ۽ زرد نٻل اُس شهر جي اوڀر واري حصي جي گهرن تي پويان پساهه کڻي رهي هئي. ڏتي ڇٻو موڙي تي رکيو ۽ پنهنجي ويهڻ لاءِ سراٽو ڳولڻ لڳو.

”يـَر، هي سراٽا روز روز الائي ڪهڙو . .. . . . . ٿو کڻي وڃي. روز ٿو ٻاهرون کڻي اچان، ٻئي ڏينهن ڏس ته لهي ئي نه!“

هو ڀڻ ڀڻ ڪندو رهيو. نيٺ ٻاهران هڪ پڪي سر کڻي آيو ۽ اُن تي ويهي ”آ گل ڇڪا“ ۽ ”تري“ جا آواز ٻڌڻ لڳو. هو ڪن خيالن ۾ محو ويٺو رهيو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جوئاريءَ وڏو داءُ پئي کٽيو، ته واڪو پئي ڪيائين. ڏتي جو ڇرڪ نڪري ٿي ويو. هر داءُ کٽندڙ هن کي وڏي واڪي پئي سڏيو:

”چاچا ڏتا! آني جا ڇولا ته کڻي آءُ.“

”چاچا ڏتا، ٻين آني کن جا ڇولا ۽ ٻه ڍٻلان. رس مڙئي سرس آڻجانءِ!“

سج لهندي لهندي ڏتي جو مال کپي ويو. هن خالي ڇٻو اندرئين ڪوٺيءَ ۾ رکيو، ۽ سانجهيءَ جي نماز پڙهڻ لاءِ ڀر واريءَ مسجد ڏانهن هليو ويو. ڏتو روزانو نيراني بازار مان ڍٻلون، چڻا، ۽ مند آهر پٽاٽا  ۽ ڪچالو وٺي ايندو هو. اڌ ڏينهن تائين مال تيار ڪري، منجهند ٿيندي ئي هو ڇٻو کڻي نڪرندو هو. پهريائين هو ڪن گهٽين ۾ ويندو هو، يا غريب پاڙن ڏانهن. ٻارن ۽ زالن کي چهريون چيزون گهڻو ڪري وڻنديون آهن، تنهنڪري هو گهر گهر اڳيان هوڪو ڏيندو ويندو هو:

”ڇولا ڍٻل . . . . . . . گرم ڇولا ڍٻل!“

ٻار ”ڀائي! ڀائي!“ پڪاريندا، پئسا هٿڙن ۾ جهلي، گهرن مان نڪرندا ايندا هئا. ڪن گهرن جي درن کي ڏنل ٽپڙيوپن لڏڻ لڳنديون هيون، ۽ انهن پٺيان چرپر پيدا ٿيندي هئي. ڪانچ جي ڪنگڻين سان جنجهيل ڪرايون ۽ اڇا هـَٿَ ٻاهر نڪرندا هئا ۽ ڇولا ڍٻل وٺي جهٽ اندر ٿي ويندا هئا.

پوياڙيءَ مهل ڏتو تاجوءَ جي ٽڪڙيءَ ڏانهن رخ رکندو هو. رهيل کهيل مال اتي نيڪال ڪري، سانجهيءَ جي نماز ڀر واريءَ مسجد ۾ پڙهي گهر ورندو هو. اهو ڏتي جي روزانيءَ زندگيءَ جو معمول هو.

سرءُ جي مند هئي. شام اُداس هئي. ڏتو مايوس پئي ڏٺو. ڇٻو ٿورو پريان رکيو هوس، ۽ سندس ساڄي پاسي جوئا گرن جو ٽولو خاموش ويٺو هو. جوئا بند هئي. ٻڌڻ ۾ آيس ته اهو سٽي پوليس انسپيڪٽر جنهن کي ٽڪڙيءَ طرفان مهني سر ٻـَڌي رقم روڪڙ ملندي هئي، بدلي ٿي ويو هو، ۽ جيڪو نئون ماڻهو ان جي جاءِ تي آيو هو، سو سخت هو.

تاجو، ٽڪريءَ جو مالڪ، رکي رکي هٿ مهٽي رهيو هو. اڄ نال جو نه مليو هوس!

هڪڙو جوئاري چوڻ لڳس، ”چاچا تاجل! ڀلا ڇو نه انهيءَ نئين اڦيسر سان ملي ڏسجي.“

”سڀ اڦيسر هڪجهڙا ٿوروئي هوندا آهن! ڏاڍو سخت ٿو ٻڌجي.“

”جهڪي ويهه! پئسي اڳيان هر ڪو پاڻي ٿيو پوي. اڄ رات ئي دستي کڻي، الاهي توهار ڪر. ڏس ته منٽن ۾ ڪم ٿو راس ٿئي نه!“

ٻئي جوئاريءَ، ٻيانيءَ سان زمين ۾ سوراخ ڪندي، ڪنڌ لوڏ ڪري هن جي تائيد ڪئي.

”هئن ڪاروبار بند رهي به ڪيستائين رهندو؟“

”اها ئي ته ڳالهه آهي،“ تاجوءَ چيو. ”چڱو رکو مولا تي، رات وٽس وڃبو.“

ان بعد سڀني تيار ٿيل ”ڦـُلَ“ مان سوٽا هڻڻ شروع ڪيا.

ڏتو ته ڪنهن دنيا ئي ٻيءَ ۾ هو. سوچي رهيو هو، ”ورندي سرءُ اچي سهڙي، پر ڀاڻم جو ناسور نه لٿو!“

هن جو نوجوان ڀاءُ رمضو اُستگيري جو ڪم ڪندو هو. گذريل سال هڪ ماڙي ٺاهيندي گوءِ اچي هيٺ پيئي. هڪ مزور اُڦٽ مري ويو. ڪن استن کي ڌڪ لڳا. رمضو به انهن مان هڪڙو هو. هن کي ساڄي پير ۾ پڪيءَ سر جي هڪ چٿري چڀي ويئي. زخم ٿيو، جنهن پوءِ ناسور جي صورت ورتي. علاج ٿيا؛ شاديءَ لاءِ جيڪي پئسا ڪٺا ڪيا هئائين، خرچ ٿي ويا. ڏتي جي گهر واريءَ جا زيور ۽ نقدي ڊاڪٽرن، حڪيمن ۽ جراحن جي کيسن ۾ هلي ويئي، پر رمضو کٽ داخل ئي رهيو. ڏتو پنهنجي مٿي تي ڇٻيءَ سان گڏ ڀاءُ جي بيماريءَ جو غم به کڻي، گهٽيءَ گهٽيءَ گهمندو رهيو.

ڏتو ائين ويچارن جي وهڪري ۾ وهي رهيو، ته هن کي ڪجهه بيزاريءَ جو احساس ٿيو. آخر هو لاچار، ڀاءُ لاءِ ڪري به ته ڪري ڇا! دوائون دعائون سڀ بيڪار ثابت ٿيون هيون. هو هر نماز کان پوءِ ڀاءُ جي صحت لاءِ ٻاڏائي دعائون پنندو هو، پر انهن ڪو اثر نه ڏيکاريو. ڀاءُ کي پڻ تلقين ڪندو هو ته ڌڻيءَ در ٻاڏائي. ڀاڻس پهرين ته هن جو چوڻ ورتو هو، پر جڏهن سچيءَ دل سان گهريل دعائن جو ڪو نتيجو نه نڪتو، ته هو مايوس ٿي پيو ۽ ائين ڪرڻ ڇڏي ڏنائين. هـِي ان تي ٽوڪيندو هوس، ته تنگ ٿي چوندو هو: ”انهن دعائن مان نه ڪجهه وريو آهي، نه ورندو. بس هن ايذائن ۽ عذابن ڀريءَ حياتيءَ کان هاڻي جند ڇٽي ته چڱو!“

”ائين ته نه چئه . . . . .“ ڏتو هن جي ڪاراٽجي ويل چپن تي هٿ رکندو هو. اکين ۾ بي اختيار ڳوڙها اچي ويندا هئس. ڏتو رڳو انهيءَ ڪري غمگين ٿيو نه ويٺو هو، جو ڀاءُ جي درد جو احساس ٿي رهيو هوس، بلڪ ان کان به وڌيڪ هڪ اهم ڳالهه هن کي جهوري رهي هئي.

صبح پاڙي مان ڏس مليو هوس ته هڪڙو نئون ڊاڪٽر شهر ۾ آيو هو. ٻڌڻ ۾ آيس ته ڦٽن ڦرڙين جي علاج ۾ ماهر هو. سندس هـَٿَ-شفا جو هـُل به هو. ويچارو نيراني ئي وٽس ويو هو ۽ بگي ڀاڙي ڪرائي، ڊاڪٽر گهر وٺي آيو. ڊاڪٽر کي تپاسيندو ڏسي، ڏتي جي گهر واريءَ مڙس جي ڪن ۾ ڀڻڪو ڪيو:

”ڏاهو ٿو ڏسجي، منهنجي ته دل ٿي ٻولي ته ڀاڻهين کي اهو ڇٽائيندو!“

ڏتي هوريان ڪنڌ- لوڏ ڪئي. ڊاڪٽر، رمضوءَ جو ڦٽ چڪاسيو ۽ اُن تان لاٿل شيهي جو ٽڪر پري ڦٽو ڪيائين، ۽ پنهنجي بئگ مان ڪپهه ۽ پٽيون ڪڍي ڦٽ تي ٻڌي ڇڏيائين، ۽ هدايت ڪيائين:

”ڦٽ سان هٿ-چراند نه ڪئي وڃي.“

ڊاڪٽر اٿيو، ته ڏتو بگيءَ تائين ساڻ ويس.

”سائين منهنجا . . . . . . .“

”بابا، ڳالهه ٻڌ،“ ڊاڪٽر وچ ۾ ڪپي چيس، ”ڦٽ ٺيڪ ٿي سگهي ٿو.“

”شل ٻچا جيئنـِوَ!“

”ڏوڪڙ خرچ ڪري سگهندين؟“

”سائين غرب آهيانوَ. پئسو پنجڙ گهر ۾ رکيل ناهي. ڇٻو کڻندو آهيان. مشڪل سان گذر پيو ٿئي.“

”چڱو توکان ايترا پئسا ڪونه وٺبا: پر گهٽ ۾ گهٽ هڪ سؤ رپين جو بندوبست ڪندين، تڏهن ئي اطمينان سان علاج ٿي سگهندو. ڦٽ ڏاڍو خراب ٿي چڪو آهي. ڄنگهه جي مٿئين حصي تائين پـُونءِ آهي. پئسن جو انتظام ڪري، ڏينهن ٻن اندر جواب ڏجانءِ.“

بگي هلي ويئي، ۽ ڏتو جتي جو تتي بيٺو رهيو ۽ غم ۾ غوطا کائيندو رهيو- هڪ سؤ رپيا ته هن کي ٻارهين مهيني به نه بچڻا هئا، سي ڏينهن ٻن ۾ ڪٿان ٿي آڻي سگهيو! هوڏانهن نوجوان ڀاءُ هئس، جيڪو ڏينهون پوءِ ويو ٿي کاڄندو. ذري گهٽ قبر ڪنڌيءَ تي هو. پيءُ جي مـُئي پڄاڻا هن کيس پـُٽڙو ڪري پاليو هو. اولاد به ڪونه هئس، تنهنڪري هيڪاري سڄو پيار ڀاءُ تي پلٽجي پيو هوس. هن جي جوانيءَ جي موت جي خيال کيس ڪنبائي ٿي ڇڏيو. هو ڀاءُ لاءِ سڀڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هو.

هو انهن ئي ويچارن ۾ تاجوءَ واري ٽڪريءَ ۾ ويٺو هو، ته سانجهيءَ جي نماز جي ٻانگ جو آواز ڪن پيس. اڄ پهريون ڀيرو هن محسوس ڪيو ته ڄڻ اهو آواز هن کي سڏي ئي نه رهيو هو؛ پر عادت کان مجبور، زبردستيءَ اٿي مسجد ڏانهن ويو. نماز ۾ به هو بيمار ڀاءُ بابت سوچيندو رهيو. زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هن نماز پڙهڻ کان پوءِ دعا نه گهري. ٽڪريءَ مان ڇٻو کڻي گهر جو رخ ڪيائين. در ۾ پير پائيندو ويو، ته رمضوءَ جي چيچلائڻ جو آواز ڪَنِ پيس. جوڻس ڏير کي ويٺو پکو لوڏيو.

”ڇو . . . ؟“ سوال هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو. ڇٻو هڪ ڪنڊ ۾ رکيائين ۽ زال ڏانهن وڌيو.

”ڇو . . . ؟“

انهيءَ مختصر سوال ۾ هن جي دل جو سمورو درد ۽ اضطراب سميٽجي آيو هو. جوڻس پوتيءَ جي پلوَ سان اکيون اُگهيون، ته ڏتي پنهنجي سيني مان دل ٻاهر نڪرندي محسوس ڪئي. ڪجهه ڪڇڻ پڇڻ بنا هو رمضوءَ ڏانهن وڌيو. هن جون اکيون بند هيون، پر سڄي بدن ۾ ڏڪڻي هيس. لڱ لڱ ڦڙڪي رهيو هوس.

هن سندس پيشانيءَ تي هٿ رکيو، ته رمضو پنهنجي ڏڪندڙ هٿ سان ان کي سوگهو جهلڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.

”ائين وهلور ڇو ٿو وڃين؟“

ڪو جواب نه آيو.

”اڳيئي تڪليف اٿس، تون ڳالهرائينس ته نه!“

زال جي اها صلاح هن کي آئڙي. پوءِ چوڻ لڳو: ”سڀاڻي کان ڊاڪٽر تنهنجو علاج شروع ڪندو، ادا!“

جوڻس، ڏتي جي اکين ۾ ارادي جي چمڪ ڏٺي.

سڄي رات هو سوچيندو رهيو.

اهو صبح هن جي زندگيءَ جو نئون موڙ هو. هو هڪ اهڙو فيصلو ڪري بستري تان اُٿيو، جنهن جو ڪڏهن خواب به نه لڌو هئائين.

”زندگيءَ جي ٽـِڪريءَ ۾ منهنجو ڀاءُ جان جي بازي لڳائي چڪو آهي؛ مان به وڃي جوئا جي ٽڪريءَ ۾ ٿو بخت آزمائي ڪريان!“

هن منهن صاف ڪيو، هڙ ۾ گذريل ڏينهن جي ڪمائي ٻڌي، ۽ هلڻ لڳو.

”اڄ بازار نٿو وڃين ڇا؟“ جوڻس پڇيس.

هن تيز نظرن سان کيس ڏٺو. هوءَ اڳئي حيران هئي، جو صبح نماز پڙهڻ لاءِ پئي اٿاريائينس ته پاسو ورائي سمهي رهيو هو. هن جي روزاني زندگيءَ جي معمول ۾ ايڏو فرق ڏسي، مائيءَ کڻي ڏندين آڱريون ڏنيون، ماٺ کڻي ڪيائين.

ڏتي پهريائين ته هاٿيدر جي هڪ سستيءَ هوٽل تان چانهه جو ڪوپ پيتو، ۽ پوءِ ٽـِڪريءَ طرف هليو- جوئارين هن کي ڇٻي کان سواءِ ۽ ڪمهلو ڏسي، جهٽ لاءِ حيراني ظاهر ڪئي، پر پوءِ پنهنجي ڪرت کي لڳي ويا.

تاجو کٽ تي ويٺو هڪڙي سنگتيءَ کي ٻڌائي رهيو هو ته ڪئـَن اڳينءَ رات نئين صاحب کي خوش ڪري آيو هو. اهو به پئي ٻڌايائينس ته انهيءَ ڏينهن کان ”نال“ رپئي تي آني بدران ڇهه پئسا ڪيو ويو هو، ڇو ته نئين صاحب کي ڳچ پئسا ڏيڻا پيا هئس.

ڏتو هٻڪندي هٻڪندي وڃي جوئا گرن سان ويٺو ۽ راند ۾ ڏاڍي دلچسپي وٺڻ لڳو. هن ڏڪندي ڏڪندي رات ۾ شريڪ ٿيڻ جي اجازت گهري. نازوءَ کلي هڪڙي حريف کي چيو:

”اڙي ڇڏينس ته ڀل هڪ اڌ داءُ لڳائي ڏسي. اڄ يا ته هڙ ڪوسي اٿس يا کـُٽيءَ کنيو اٿس، تڏهن ڇولن ڍٻلن وڪڻڻ بدران جوئا ڪرڻ آيو آهي!“

ٻئي چيو: ”اسان جو ڇا ٿو وڃي – ڀل داءَ رکي.“

ڏتي پهريان ڪجهه داوَ هارايا، پر پوءِ ته ساندهه کٽندو رهيو. چوندا ڪين آهن ته ”شل نه ڪنهن اناڙيءَ کي ڀاڳ لڳي!“ ڏتي جو بخت به اچي کليو. تاجوءَ وڏي نال ملڻ جي اميد تي هن جي پٺي اچي ٺپري. ڏتو جيتي رهيو هو. پنهنجي آسپاس جي سڌ به نه هئس. هو پنهنجي نوجوان ڀاءُ کي موت جي منهن مان بچائڻ لاءِ جيتي رهيو هو . . . ۽ هڪڙو پاڙي وارو هن لاءِ اها خبر کڻي ٽڪريءَ ڏانهن وڌي رهيو هو ته رمضو زندگيءَ جي بازي هارائي چڪو هو!

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۳-۱۹۵۶ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment