Tuesday, December 8, 2020

نوجوان ساٿيءَ ڏانهن - جمال رند

نوجوان ساٿيءَ ڏانهن

جمال رند



پيارا ساٿي، شال جـُڙيو رهين!

ڪراچيءَ مان ڪوهاٽ وڃڻ جي تار ڪري پنهنجي انجام کي پاڙيئه، ڏاڍي خوشي ٿي. گاڏيءَ اچڻ کان اڳ ئي اسان پليٽفارم تي پهچي تنهنجو انتظار ڪرڻ شروع ڪيو. پليٽفارم تي ڏاڍي رش لڳي پئي هئي. ڪي سامان آڻيو پيا رکن، ڪي پنهنجن ٻارن ٻچن سان گاڏيءَ جي اچڻ جو انتطار پيا ڪن، ته ڪي وري اسان وانگر پيا هيڏانهن هوڏانهن جون ڦيريون پائين – شايد انهن کي به پنهنجن دوستن سان ملڻ جو انتظار ڪرڻو هو. گهورڙين به طرح طرح جا آواز بدلائي، ٻارن ۽ وڏن جون دليون ڪجهه خريد ڪرڻ لاءِ پئي هرکايو ڇا ڪن، هنن جو ته گذران ئي ائين ٿيندو آهي.


ٽيشن تي رش سان گڏ رونق به گهڻي هئي. جيڏانهن نهار، ڪنهن نه ڪنهن نوجوان نينگرِ جي سنهڙن سريلن ٽهڪن جا پڙلاءَ پئي ڪنن کي سيبايا، چئني پاسن، پري پري تائين، آواز جو ڄڻ هڪ وسيع ڄار وڇايل هو. هرڪو ماڻهو انهيءَ ڄار جي ڪنهن نه ڪنهن خاني ۾ گرفتار پئي ڀاسيو. کل هئي، مـُرڪ هئي، خوشيءَ جي اٿاهه ساگر جون اڻکـُٽ موجون ۽ مستيءَ ڀريل چوليون هيون. آءٌ مٿي ٽيشن ٽپڻ واريءَ پل تي بيٺو هوس. نظارا ئي نظارا هئا. احساس جي هڪ عجيب ڪيفيت منهنجي دل مان گذري رهي هئي. پري پري جا منظر اچي نگاهن ۾ سمايا هئا. سيمنٽ جي اوچيءَ چمنيءَ مان، اَڇي پَٽ جڙو اَڇو دونهون، گهُنڊ هڻندو، مٿي چڙهندو، وري ٿوريءَ ٿڌ لڳڻ ڪري هٺتي ٽڙندو پکڙندو پئي ويو. انهيءَ دونهين جون ڪي لنمبيون لاٽون، گلن جي هار جيان، مزورن جي پورهيي ڀريل سڳنڌ کڻي، هيڏانهن ٽيشن ڏانهن پئي اڳتي وڌنديون آيون. دونهين جي ورن وڪڙن ۾ ڪا عجيب هلچل هئي، خوشي ۽ محبت هئي – معصوم ٻارن جي، زالن توڙي مردن، جوانن ۽ ڪراڙن جي، جي ا ُتي مزور هئا، ۽ پنهنجي ملڪ جي خوشحاليءَ لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪري رهيا هئا.

دوست، اهو دونهون پوءِ ايندي ايندي ريل جي پٽن تي وڇانئجي ويو. اها پورهيتن جي پونجي به ڄڻ توتان نڇاور ٿيڻ آئي هئي، تنهنجو استقبال ڪرڻ آئي هئي؛ جنهن ريل تي تون چڙهي پئي آئين، انهيءَ کي زمين تي بيهڻ کان اڳ پنهنجي نرم ۽ نازڪ سيني تي سوار ڪرڻ آئي هئي. ويچارا مزور، الائي ڪهڙيون ڪهڙيون ڳريون ڇپون پنهنجن سينن تي ڌريو گهمندا وتن،.... هي ته انهن لاءِ فخر جو موقعو هو جو سندن ديس جو هڪ نوجوان،  سندن ۽ سندن ديس جي بچاءَ۽ آزاديءَ کي برقرار رکڻ لاءِ فوج ۾ وڃي رهيو هو!

دوست، انهيءَ دونهاٽيل هوا ۾ سيمنٽ جي رَک يا ڇار جي بدبوءِ ڪا نه هئي، پر هڪ عجيب قسم جي خوشبوءِ ۽ سرهاڻ پئي محسوس ٿي. جا سڄي وايو منڊل کي واسيو بيٺي هئي – ڄڻ ته ڪنهن کٿوريءَ جي د ُنگ ليٽائي وڌا هجن. منهنجون نگاهون انهيءَ مسرت ڀرئي ماحول ۾، پري پري جي کليل فضائن ۾، سير جي سواد وٺڻ ۾ مصروف هيون. ڏسندي ڏسندي، نظر وڃي گنجي ٽـَڪر تي بيٺي. گنجو ٽڪر، جيڪو اسان جي هڪ اڻلِکيل ننڍڙي تاريخ آهي – ياد ڪرڻ جهڙي، دل ۾ سانڍڻ جهڙي، جنهن کي اسان جي قومي شاعر ڳايو آهي. مٿس ا ُڀريل ننڍڙا ننڍڙا ٻوٽا ۽ سنهڙو سنهڙو چهچ گاهه، پري کان ڪنهن ننڍڙي ٻار جي جهَنڊ جيان پئي ڏٺو. مون کي دل ئي دل ۾ ائين ڀاسيو، ڄڻ ته هوا جي ڇوهي سان نوڙندڙ، پنهنجن انهن جهنڊولن وارن سان، گنجو ٽڪر توکي پنهنجي سڪ جي سلامي ڏيئي رهيو هو. ها، منهنجا دوست، سنڌ جي تاريخي عظمت توڏانهن تڪي رهي هئي. اهو گنجو ٽڪر به توڏانهن، پنهنجي ديس جي نوجوان سپاهيءَ ڏانهن، تمام بيچينيءَ سان ڏسي رهيو هو – ڄڻ ته هو به توکي پنهنجي اَڏول سيني سان ملائي کڻي موڪل ڏيندو. دوست، گنجي ٽڪر جي يادگيري توکي هميشه بهادريءَ ۽ پهلوانيءَ جو سبق ڏيندي رهندي. هو پنهنجي فولاد کان زياده سخت ۽ مضبوط سيني کي ائين تاڻيو بيٺو هو، ڄڻ ته موڪلائڻ مهل توکي ائين ئي چوندو: ’پنهنجي ديس جا بهادر پاسبان! ڏس، مون ڏانهن ڏس، آءٌ هزارن سالن کان هتي بيٺو آهيان؛ اڪيچار انڌو ڪاري طوفان آيا، بيشمار برساتيون ۽ ٻوڏون ٿيون، ليڪن منهنجي سيني تي انهن جي تباهيءَ جو رتيءَ برابر به اثر ڪونهي، ڪو نشان ڪونهي: مون کي تو مان به اهي ئي اميدون آهن .... تو به ته منهنجي ئي پاڇي ۾ پروش پاتي آهي!‘

اوچتو شرناين ۽ دهلن جو ٽاهوڪو ڪنين پيم. ڇاپري هيٺ ڪا ڄڃ اچي گڏ ٿي هئي.  گهوٽ – ڪنوار وچ ۾ بيٺا هئا. ڪن ماڻهن کي ڪنڌ ۾ گلن جي پنکڙين سان ڀريل جهوليون هيون. سڄو ئي وقت ڄڻ آڪاش مان گلن جي ورکا ٿي رهي هئي. ڪن ماڻهن جي هٿن ۾ گلابدانيون هيون، ۽ گلاب جو خوشبودار عرق پئي ڄاڃين مٿان ڇڻڪاريائون. خبر اٿئي، گلاب سان ڪهڙي پاڻيءَ جي ملاوت هئي؟ حيدرآباد ۾ جَري پاڻي تي هوندو ئي ڪونهي، هتي ته ڇـُڙيو پاڻي هوندو آهي. ها، اهو پاڻي سنڌوءَ جو هو – مهراڻ جو مٺڙو ۽ سڳنڌي پاڻي! اهو ئي پاڻي اسان جي جياپي جو آڌار آهي. مون کي ائين محسوس ٿيو، دوست، ڄڻ مهراڻ به موج ۾ اچي، ڪنهن ٽاهڙ ڪنواريءَ جي ڇاتيءَ جيان اڀري، تنهنجن پيرن ۾ پالوٽ ڪرڻ آيو هو. خوشيءَ ۽ خوشبوءَ جي انهيءَ واچوڙي ۾، گهوٽ ۽ ڪنوار روشنيءَ جي مناري جيان چپ چاپ بيٺا هئا. هي دهل ۽ دماما، هي موج ۽ ميڙو انهن ئي ٻن هستين جي وجود سان وابسته هو. ڪيڏي نه وڏي سوچ آهي انهيءَ ۾! هر ڪنهن قوم ۽ ملڪ کي پنهنجون پنهنجون ريتيون رسمون ٿين ٿيون. صدين جي سلسلي سان، ريتن رسمن مان قومن ۽ ملڪن جون پنهنجون پنهنجون تهذيبون جڙن ٿيون. مختلف قومن جون خوبيون ۽ خصلتون، فرق ۽ اختلاف، انهن ئي تهذيبي روايتن مان معلوم ڪري سگهبا آهن. خير، دوست اهي ريت پريت جا معاملا تمام وڏا آهن... ۽ توکي ته انهن جي پوري پوري خبر آهي.

توکي خبر آهي، اسان ۾ هيءَ عام ريت آهي ته گهوٽ ۽ ڪنوار، لانئن لهڻ کانپوءِ، چئن ڀاڳوانن کي وڃي پيرين پوندا آهن. خوشيءَ جي هن وڏي موقعي ۽ حياتيءَ جي هن اهم ڏينهن تي سڀاڳن جي پيرن ڇهڻ جي منشا هوندي آهي ته خدا شل نئين جوڙي کي به انهن جي نيڪ نقش قدم تي هلڻ جي توفيق بخشي. اڄ هتي به گهوٽ – ڪنوار، ريشمي ڪپڙن ۾ ويڙهيل، موڙن ٻڌل، مينديءَ رتن هٿن سان، مهڪندڙ خوشبوئن جي وچ ۾ بيٺل هئا. هنن به ڪنهن ڀاڳوند جا قدم چمڻ  ٿي گهريا، سندس ئي نقش قدم تي هلڻ جو عهد ڪرڻ ٿي چاهيائون. ڏونڪو ڦريو، ۽ جهمر سان ’جمالو‘ شروع ٿي ويو. جمالو – جهُمر، اسان جي قومي جهمر آهي. ”منهنجو کَٽي ايندو خير سان، .... هو جمالو!“ جهمر هڻندڙن جي زبان مان اهي لفظ ائين پئي ڪريا، جيئن ڪنهن ٻار جا ننڍڙا مٺڙا ٽهڪڙا، رانديڪي کي هٿن ۾ ڪڏائيندي، سندس موتين جهڙن کيرن ڏندن جي وٿين مان ڇڻي نڪرندا آهن. سڀئي پئي جمالي جي جهيلار تي جهوميا ۽ نچيا.. منهنجي دل ائين ٿي ڄاتو، منهنجا نوجوان ساٿي، ڄڻ هي سڀ سانگ تولاءِ رچايا ويا هئا،.... هي گهوٽ ۽ ڪنوار به تنهنجا ئي قدم چمڻ آيا هئا! هڪ محب وطن نوجوان کان وڌيڪ، ڪير آهي، جنهن ۾ اميدن جا انبار ڏسڻ ۾ اچن؟ نوجوان ئي ته وقت جي نازڪ ۽ زور آور واڳن کي هٿن ۾ سوگهو جهلي، پنهنجيءَ مرضيءَ مطابق موڙي سگهن ٿا. پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي قسمت کي ونڊڻ ورڇڻ وارو، نوجوان کانسواءِ ٻيو ڪير ٿي سگهي ٿو؟

..... جڏهن لکڻ تي ويهندو آهيان، تڏهن پنهنجن خيالن جي دنيا به مون کي عجيب پيئي لڳندي آهي. انهيءَ عجيب دنيا ۾ ڪيتريون ئي سهڻيون سهڻيون، نازڪ ۽ لطيف شيون ڏسندو ۽ محسوس ڪندو آهيان؛ پوءِ دل چاهيندي آهي ته اهي سڀئي شيون هن ئي لکڻيءَ ۾ سمائي ڇڏيان – پر مجبوراً ڪي ڇڏڻيون به پونديون اٿم. ڏٺئه،.... ڄڃ ۽ جمالي جي ڳالهين ڪندي الائجي ڪٿي وڃي پهتو آهيان! ڪريان به ڇا؟ - دلي امنگن ۽ جذبن کي ٻوليءَ جي صورت وٺائڻ ڪا سولي ڳالهه ته ڪانهي. اها ئي ڪوشش پيو ڪريان ته جيڪي ڪجهه ڏٺو هوم، سو سڀ توکي لکي موڪليان.

ها، سو آءٌ مٿي پـُل تي بيٺو هوس؛ ۽ ٻيا دوست هيٺ پليٽفارم تي تنهنجي انتظار ۾ هئا. پليٽفارم تي هاڻي اڳي کان به گهڻي رش ٿي ويئي هئي. اڃا گاڏيءَ جي اچڻ جا آثار نٿي ڏٺا. آءٌ پنهنجي خيالن جي دنيا ۾ الائي ڇا جو ڇا سوچي رهيو هوس. خيال ڪيم، جيئن ئي تون گاڏيءَ مان هيٺ لهين ته پهرين آءٌ ئي توکي ڀاڪر پائيندس. خيالن جي مهاساگر ۾ تڙڳندي، ڪجهه وقت لاءِ ته ڄڻ بنهه غير موجود ٿي ويو هوس- الائي ڇا ڏٺم، ڇا سوچيم، خيالن جو سلسلو ٽـُٽو، ته قلعي جي بلند قامت ديوار منهنجين اکين اڳيان هئي. سنڌ جي عظمت جو عظيم يادگار! هڪ لمحي لاءِ منهنجو ڪنڌ فخر وچان مٿي کڄي ويو؛ پر ٻيءَ گهڙيءَ، خودبخود، اندر مان ڪو اهڙو احساس اڀري آيو، جنهن منهنجي فخر ۽ غرور جي سموري سرمايي کي افسوس ۽ ارمان ۾ بدلائي ڇڏيو. سر زمين سنڌ جي هڪ تاريخي دور جو هي تاريخي نشان، هڪ ئي وقت، مون کي بيحد قريب ۽ بيحد دور معلوم ٿي رهيو هو:  قريب ان ڪري جو هي منهنجي تهذيبي ڪردار جو مثال بڻيو بيٺو هو؛ ۽ دور ان ڪري جو هن سان منهنجي وابستگي، رفتي رفتي، زائل ۽ زبون ٿي رهي هئي. ديوار جا ڀڳل حصا، ڪنهن مسڪين جي ڦاٽل ٽٽل ۽ ليڙن ٿيل چولي جيان پئي ڏٺا، جنهن مان وقت جون ستمگريون ۽ ناانصافيون نروار ٿي رهيون هيون. يڪايڪ، منهنجي ذهن تان وقت جا پڙدا کڄي ويا. هوا ۽ فضا، ماحول ۽  منظر – سڀ بدلجي ويا. ائين ئي، منهنجن ڪنن ۾ ٽهڪن جو پڙلاءُ پيو. سنهڙا سنهڙا، پيارا پيارا، ماکيءَ جي لار کان وڌيڪ مٺڙا ٽهڪ! راڳ جا آلاپ هئا، پيئڻ پيئارڻ جا هوڪا هئا، ساز ۽ سنگيت جي راڄڌاني هئي. خيالي پردي تي نيٺ اها شڪل به آئي... هڪ پڪي محب وطن ۽ اَرڏي سولجر جِي. مون ٻڌو، کيس ’هوشو شيدي‘ جي نالي سان پئي ڪوٺيائون: ڪاري رنگ ۽ پيلپائي جهڙي مظبوط بدن وارو، قدآور، قوي هيڪل، ڪوپو جوان! اکين مان ڄڻ رت جي ڌارا پئي ڪرِيس. گولين جي وسڪار ۽ توبن جي ڌڌڪار ۾ مون کي اڪيلو ئي هوشو نظر آيو. هيٺ گورن جو بي اندازو لشڪر، لڙائيءَ جي جديد هٿيارن سان ليس، قلعي کي سڀني پاسن گهيريو بيٺو هو. مون ڏٺو، اڪيلي هوندي به هوشوءَ جي منهن تي مايوسيءَ جي لهر ئي ڪا نه هئي. وار سان وار جو جواب پئي ڏنائين. سندس توب سان جڏهن گورن جي فوج ۾ ٽاڪوڙو ٿي پيو، ته هو وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کليو ٿي؛ ۽ وري وڃي ٿي ٻيءَ توب جي بارود کي باهه ڏنائين. ’مرويسون،... ! مرويسون،....!‘ اها ئي سندس صدا هئي. هو آخر مري ويو – شهيد ٿي ويو – هوشوءَ جي قبر به انهيءَ قلعي ۾ آهي، جنهن تي گورن هي لفظ لڳائي ڇڏيا آهن: ”هيءَ آهي انهيءَ ٻلوان ۽ سورهيه سورمي جي مزار، جنهن تي سنڌ جيترو به ناز ڪري، گهٽ آهي. هن جو نالو هوشو هو. هيءُ ئي هڪ دلير هو، جنهن اڪيلي سر اسان سان مقابلو ڪيو....“

قومون پنهنجن سورمن جي ڪارنامن تي فخر ڪنديون آهن، انهن کي زندهه رکنديون آهن، ۽ پنهنجن انهن محسنن جا يادگار قائم ڪنديون آهن. قومن جي زندگيءَ جو اهو به هڪڙو ثبوت سمجهيو ويندو آهي. ليڪن، دوست، ڇا ٻڌايانءِ، هن لاثاني سورمي جي معمولي حڪايت به اسين پنهنجن ذهنن ۾ ورجائي نه سگهيا آهيون. سندس قبر جي ڪَتبي کي گندي پاڻيءَ جي وهڪ آهستي آهستي بنهه ميساري ڇڏيندي، - ۽ اسان جا ايندڙ نسل پنهنجي ڪردار جي هڪ بهترين مثال کان محروم ٿي ويندا!

ها، دوست، هو ڏس، اهو ئي ساڳيو هوشو، اڄ به قلعي جي ڪـُنگرين کان اوچو ڳاٽ کنيو، ساڳئي رعب تاب سان، ساڳين ٻرندڙ اکين سان، پنهنجي پهاڙ جهڙي سِيني کي تَنجيو، تنهنجي آجيان لاءِ بيٺو آهي.... ۽ ها، جڏهن تون هتان اڳڀرو ويندين، ته توکي هڪ ٻيو سورمو ملندو. هو به تنهنجي انتطار ۾ هوندو. دوست، تون هن جو بيحد احترام ڪج! هو اسان جي تاريخي ڪردار جو هڪ ٻيو بهترين مثال آهي. تو سمجهيو ته آءٌ ڪنهن ڏانهن ٿو اشارو ڪريان؟ اهو اٿئي راجا پورس، قديم سنڌ جي ا ُترئين حصي جو راجا، جنهن يونان جي مغرور بادشاهه سڪندر جومقابلو ڪيو هو. سڪندر، جنهن کي هڪ محب وطن جي مقابلي ۾ اسين سڪندر اعظم ڪوٺيون ٿا! هر ٻاهرئين فاتح کي اسان اعظم ۽ معظم جي خطاب سان پئي نوازيو آهي. ڪيڏا نه وسيع دل آهيون اسين....!

اڙي، آءٌ ته تنهنجي اڳيان تاريخ جا دفتر کولي ويٺو آهيان! تون گهٻرائجي ته نه ويو آهين؟ دوست، منهنجا ساٿي، اڄ جو حال، سڀاڻي جو ماضي ٿيڻو آهي؛ ۽ مستقبل جون پاڙون ماضيءَ ۾ پيوست هونديون آهن. تون نوجوان آهين. ماضي ۽ حال، حال ۽ مستقبل – تنهنجي نظر تاريخ جي سموري سلسلي تي هئڻ گهرجي.

خيالن جي دنيا منتشر ٿي ويئي. گاڏي اچي پليٽفارم کي اوڏي پهتي هئي. آءٌ تڪڙو تڪڙو هيٺ لهي آيس. تون ته ڪو پوئين گاڏي ۾ هئين! ڊوڙي اچي توکي لڌم. توکي ياد هوندو، پهرين  مون ئي اچي توکي ڀاڪر پاتو هو. پوءِ ٻين سڀني ساٿين توکي گلي ملي کيڪاريو هو. خوشيءَ جو وقت ڏاڍو مختصر معلوم ٿيندو آهي. واسينگ جيان شوڪارو هڻي، گاڏي هلڻ لڳي. تون دروازي تي بيٺو هئين. گاڏي ويئي تيز ٿيندي،.... ۽ نيٺ اکين کان اوجل ٿي ويئي. گهوٽ – ڪنوار مون کِلندي ڏٺا – ڄڻ ته توکي پيرين لڳي، ڀاڳ سهاڳ ٻئي پائي چڪا هجن. گنجي ٽَڪر تي سج جي روشني وڌيڪ گهري ٿي ويئي هئي. چمنيءَ جو دونهون هاڻي سڌو آسمان جي ر ُخ تي وڃي رهيو هو. قلعي جي ديوار به مون کي هينئر زياده بلند ۽ زياده مضبوط معلوم ٿي رهي هئي. گاڏي هلي ويئي. اسين به گهر موٽياسين. ٻاهر ٽيشن جو بورڊ ڏٺم – ”حيدرآباد سنڌ جنڪشن“. ائين محسوس ڪيم، ڄڻ انهن لفظن جي منشا ئي اها هئي ته منهنجا نوجوان فوج ۾ ويندا رهن، ۽ اسين هتي هميشه مـُرڪندا ۽ مـُشڪندا رهون.

گاڏي توکي ڪوهاٽ ڏانهن کڻي رمندي رهي. اسين سڀ اچي جيپ ۾ ويٺاسين. ننڍڙن ننڍڙن ٻارن جو جلوس، ”پاڪستان زنده باد“ جا نعرا هڻندو پئي ويو. اسان به ’پاڪستان زنده باد‘ جا نعرا لڳايا. بيشڪ پاڪستان اسان جو آهي، ۽ اسين ئي ان جا محافظ ۽ معمار آهيون.

دوست، خط ڪافي ڊگهو ٿي ويو آهي. ميل ملاقات جو اهو به هڪڙو طريقو آهي. جواب ضرور ڏج!

چڱو، ساٿي، سدائين ڪَٺا!

تنهنجو پنهنجو، .......

 

(ٽه-ماھي مھراڻ ۴-۱۹۵۹ع تان ٿورن سان کنيل)

No comments:

Post a Comment