Friday, January 1, 2021

اِلھو ٻِلھو - انجنيئر عبدالوھاب سھتو

اِلھو ٻِلھو

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ڏڪندي ڏڪندي، گوڏ جي پلوَ مان ڏوڪڙ ڇوڙيائين. ڇُڙندي ئي، هٿ مان هليا ويس. نِوِڙي کنيائين ۽ ڏڪندڙ ھٿن سان ڪاغذ جي وٽيل نوٽن کي سڌو ڪندي، ڊاڪٽر صاحب کان پڇيائين؛ ڏاڪدر صاحب! اوھان جي ڦِھي گھڻي ٿيندي؟

“ڏساڻي ٽيھه روپيا. سئي ۽ دوا، جيڪا ڏني اٿم، ان جا ويھه روپيه. ٻيو موٽر سائيڪل جو تيل آ. سو به ڏهين روپئي کن جو ٿيندو. ڊاڪٽر صاحب، اسٽور تان ٻيون دوائون وٺڻ لا پرچي هٿ ۾ ڏيندي، چيس؛ ٿين ته گھڻا ٿا پر تون پنجونجاهه ڏي.


وٽيل نوٽن کي، سڌي ڪرڻ کانپوءِ، ٽي دفعا ڳڻيائين. ٽئي گھمرا ستٽيھه روپيا ٿيا. هيا ئي ايترا ته وڌن ڪيئن. منھن لھي ويس. چپ خشڪ ٿي ويس. خشڪ نڙيءَ کي ڳيت سان ۽ خشڪ چپن کي زبان ڦيرائڻ سان آلو ڪندي، ٻنھي ھٿن ۾ ستٽيھه روپيا جھلي، ڊاڪٽر صاحب کي التجا ڪيائين؛ ڏاڪدر صاحب! اسان گريب آھيون. توھان کي الله ججھو ڏنو آ. مون وٽ آھن ئي اھي، اڃا هجن ھا ته پنجونجاه ٿو چئين، مان سؤ به ڏيانءِ ھا. ڇا ڪيان! گريب ٿي پيو ھان! الله تو کي به گنج ڏيندو. مون گريب سان رعايت ڪر.

اھو ته دوا، سئيءَ ۽ پيٽرول جو خرچ مس آھي، باقي مان هيترا مريض سيڙائي تو وٽ آيو آھيان، سو منھنجو ڪو حق ڪونھي؟ وزٽ تي آيل ڊاڪٽر صاحب ٻوٿ ڪِنو ڪندي چيس؛ ڪٿي ڏس! گھر ۾ ڪنھن ڳنڍ ٻنڍ ۾ ٻڌل ھوندئي؟ يا قرآن جي پوتيءَ ۾ رکيل ھوندئي؟ وڃي کڻي آ.

باقي جي ڪنھن کي ھڪ دفعو پئسا ڇڏ ته وري آئندھ لاءِ فقيرن وانگر کڻي لانڍ ٺاھيندو. چوندو؛ اڄ پئسا گھٽ آھن. صبحاڻي وري اھي به نه ھوندا. گھٽ في ڏسي، پنھنجي منھن ڀِڻ ڀِڻ ڪندي، وري چوڻ لڳس: نه بابا انھن ۾ ائين نه ٿيندو. باقي جي ڇوڪري کي تون سرڪاري اسپتال ۾ کڻين اچين ھا ته پوءِ پئسا به گھٽ لڳني ھا ۽ دوا به مفت ملئي ھا. اھا به اهڙي دوا نه ملئي ھا، قطار ۾ بيھين ھا ته خبر پوئي ھا. ٽانگو ڀاڙي تي ڪرائي، ڇوڪري کي کڻي اچين ھا ته خبر پئجي وڃئي ھا.

ڏاڪدر صاحب! بس منھنجي لڄ رک! عارب، مٿي تي ٻڌل بوڇڻ لاھي، ڊاڪٽر صاحب جي پيرن تي رکيو ۽ چيائينس؛ مان ڪٿان نه ڪٿان پٽي سٽي تو کي پئسا ضرور ڏئي ويندس. رڳو اڄ جي مھلت ڏي. هينئر بسم اللھ ڪري هي کڻ. الله ۾ اميد ته شام تائين تنھنجا پئسا تو کي پَھتو ٿيندا.

”نه نه بابا! نه! ائين نه ٿيندو!؟ ڊاڪٽر کتو جواب ڏيندي چيس.

الله کي ڏس! هي ٻانھون ٿو ٻڌان. ٻانھون ٻڌندي چيائينس.

ڊاڪٽر صاحب نِوِڙي وزيٽنگ بئگ کنئي. عارب کيس گھر کان ٻاهرئين در وٽ بيٺل موٽر سائيڪل تائين ڇڏي، ڳؤرن لڱن سان اچي زال ۽ پٽ مٿان بيٺو.

اڙي! ڏاڪدر صاحب دوا ڪيئن چيئه ته پيارينس؟ پٽ جي، روئي روئي اڌ-مئو ٿيل حالت ڏسي، زال کي ياد ڏياريائين.

ھا! ڏاڪدار صاحب چيو ته ٻه گوريون هينئر، ٻه منجھند، ٻه رات پاڻيءَ سان ۽ دوا جا به ٻه وزن. وري سڀاڻي ڏيکارجو. پر پاڻي ته ڀري وٺ، گوري ته وجھانس.

مائي بچيءَ، بل ڏيندڙ علي داد کي پنھنجي ھڪ ٽنگ تي سنئون سمھاري، ٻي ٽنگ مٿان رکي ڀيڪڙ ڏني ته جيئن چري نه سگھي. کٻي هٿ جي چپٽيءَ سان نڪ جون ناسون بند ڪري، سڄي هٿ سان وات پٽيائينس. عارب ھڪ گوري ٻه اڌڙ ڪري، علي داد جي ڦاٽل وات ۾ وڌي ۽ مٿان پاڻي وڌائينس. مائي بچيءَ ناسن مان هٿ ڪڍندي، مٿان رکيل ٽنگ جو بار هلڪو ڪيس ته ننڍڙي ھنيانءَ ڦاڪار ٻوڪاٽ ڪيو ۽ گرڙاٽ سان، گوري ۽ گگ، پاڻيءَ سميت ٻاهر نڪري آيس. مٿئون وري ھڪڙو اُجڪو به آيس، جنھن سان پيٽ ۾ پيل سڀڪجھ ٻاھر نڪري آيس.

ساڳيءَ طرح دسي ٻيءَ گوريءَ جا ٻه اڌڙ وڌائونس. اھي به ائين ئي نڪري ويس. مٿئون ڳاڙھو مڪسچر به چمچن سان دسي وڌائونس سو به کيکراٽ ڪري ڪڍي ڇڏيائين.

عارب ٻئي هٿ مٿي کي ڏئي ويسورن ۾ سوچيندو رھيو؛ ”ڏاڪدر کي منٿون به ڪيم، دوا به ڇوڪر کي نه جِوري.

صبح سان جيئن ئي ننڊ مان اٿيو هئو، تيئن تتي تاءِ، جوڻس اُکين تي کنيو ھئس؛ ”اڪيلي ٻچڙي جي طبيعت ڏاڍي خراب آھي، وڃي ڏاڪدار کي وٺي آ.

ھڪ گھر ۾ پئسو ڪو نه، ٻيو ٻچڙو به ھٿن مان نڪتو پيو وڃي. ڏوڪڙ کانسواءِ ڊاڪٽر به مريض کي هٿ ڪو نه لائي. غريب ماڻھو، در تي رڳو ٻه ڍڳا ۽ ٽين ڳئون. تن جي به گاهه پٺي کان آجائي نه. زمين به ھارپي تي. اڪيلي سر ڪاھي، اڪيلي سر ڳاھي، اڪيلي سر وائري. هر بنجهر، ڪاٺي ڪلي، ڍڳو ڍور، جھار جهرڪي، سڀ شيءِ کي اڪيلي سر منھن ڏيڻ. انھن ڪمن ته هڻي ڪراڙو ڪري ڇڏيو ھئس.

ڍڳا ڇوڙي، پاڻي پيارڻ ويو. پاڻي پياري، موٽائي اچي ڪلي سان ٻڌائين ته جوڻس پڇيس؛ ڍڳن کي اڄ جھنگ چارڻ لاءِ ڪاھي ڪو نه ويندين ڇا؟

”پٽ بيمار آ، تو کي ڍڳن جي لڳي آ.لڙھندي، جواب ڏنائينس؛ ڏسان ٿو، وڃي ڪٿان اوڌر پٽيان؟ ڍڳو کپايان؟ ڇا ڪيان؟

شام ڌاري، ڍڳن لاءِ ٻنيءَ مان بيٺي گاهه مٺ ڪيائين، جو ھاشوءَ ڊوڙندي اچي ٻڌايس؛ ”علي داد جي حالت، وري خراب ٿي وئي اٿئي. ماڻس اسان جي گھر ڊوڙندي آئي ۽ تو ڏي موڪليو اٿائين. ائين چئي مٿئون چيائينس؛ چڱو تون وڃ ڏاڪدرکي وٺي آ. مان ٿو ڍڳن لاءِ گاهه مٺ ڪيان!“

ھاشوءَ جي ڳالھ ٻڌڻ بعد، بي سُت بيٺو رھيو.

”ڏسين ڇا ٿو؟ ڀڄ! ڏاڪدر کي وڃي وٺي آ. ھاشوءَ ڌونڌاڙيندي چيس؛ ”اڪيلڙي پٽ جي ڳڻتي ڪر!“

“ادا! ڇا ٿو پڇين! سڄو ڏينھن رلي رلي بيٺو آھيان، ڪٿان اوڌر ئي نه ملي. ڍڳو اَڌ گيدو کپائڻ جي ڪيم تنھن لاءِ به واپاري نه مليو. صبح به ڏاڪدر صاحب پئسن تي نه پئي ٺھيو. دوا به الائي ڪھڙي ڏنائين جو ڇوڪري جو تپ لھڻ جي بجاءِ وڃي ٿو وڌندو. روئڻھارڪي لھجي ۾ چيائينس؛ ڇا وڃي ڪيان ڏاڪدر کي؟ الله جي شيءِ آ، اھو ئي چاق ڪندس. پئسا نه ھوندا ته ڏاڪدر کي ڦاھي ته نه ڏيندم. ھو پنھنجي مرضيءَ وارو آ! ادا تو اچي ٻڌايو! اھا تنھنجي مھرباني!“

“پئسن جي ضرورت اٿئي؟ مان ٿو ڏيانءِ. ھان! هي وٺ! کيسي ۾ پيل سمورا پئسا، ھاشوءَ ڪڍي ڏنس ۽ دلداري ڏيندي چيائينس؛ ”پورا پنجھٺ اٿئي. سر تي ٿئي. مھل ڪر! موٽائڻ جي ڳڻتي نه ڪجانءِ. ٿيني ته ڏجانءِ.

ٻنيءَ مان نڪري، پنڌ ڊاڪٽر وٽ پھتو ۽ کيس سندس موٽر سائيڪل تي وري وٺي آيو.

ڏاڪدر صاحب، اھا مھل ۽ هيءَ مھل، ننڍڙي جو روڄ ئي بند نٿو ٿئي. ڦيڪاري ڦيڪاري اڌ مئو ٿي پيو آھي.“ مائي بچيءَ ڊاڪٽر صاحب کي، ڇوڪري جي سڄي ڏينھن لوڙڻ واري روداد سان گڏ، بيماريءَ جو علاج ٻڌائيندي چيو؛ اهڙي ڪا سئي هڻيس جو قرار اچيس.“

ھا! اسٽور واري دوا، جيڪا لکي ڏني هئم، سا وٺي پياريَوس؟ انجيڪشن هڻندي ڊاڪٽر پڇيس.

نه ڪو، ايترا ٽڪا رکيا آھن. عارب جواب ڏنس.

جيڪڏھن اھا دوا نه وٺي ڏيندئوس ته پوءِ ڇوڪرو ڪٿان چاق ٿيندو؟” ڊاڪٽر صاحب اسٽيٿو اسڪوپ ڳچيءَ مان ڪڍندي چيس؛ هينئر هل! شھر مان وٺي آ!

ڏاڪدار صاحب! عارب غربت جو اظھار ڪندي چيس؛ ”ايترا ڏوڪڙ به هجن نه؟!

پوءِ دوا وٺڻ ۽ ڀڄ ڀڄان جو ڪھڙو فائدو؟ ڊاڪٽر صاحب ڇينڀيندي چيس؛اصل دوا ته آھي اھا! ۽ ھا ٻڌ! اھا ٻئي دوڪان تان ڪا نه ملندءِ. رڳو مون واري ڪلينڪ جي ڀرواري اسٽور تان ئي ملندءِ!

عارب ڊاڪٽر صاحب کي بئگ کڻائي، پاسيرو ٿي فيءَ جو پڇيو؛ سائين هينئر جا گھڻا پئسا ٿيا؟

”ھاڻ جو ڀلي پنجاه ڏي!“ ڊاڪٽر ياد ڏياريندي چيس؛ باقي ارڙھن صبح وارا اٿئي.

مون وٽ فقط پنجھٺ آ. ڏڪندي ڏڪندي، ڏوڪڙ گوڏ جي پلئه مان ڇوڙي، ڊاڪٽر ڏانھن وڌايائين.

وري به کٽائي ٿو ڏين نه ادا!“ پئسن تي نظر پوندي، ڊاڪٽر ڏند ٽيڙي چيس؛ ھل ادا! تنھنجو ئي ڀت گھاٽو!

ڏاڪدر صاحب! هي ٻانھون! رب جو اسم. ٻانھون ٻڌندي چيائينس.

سئيءَ لڳڻ شرط ڇوڪري کي ننڊ اچي وئي.

اڌ رات ڌاري وڃي اک کليس. اک ڇا کليس! گھر کڻي مٿي تي کنيائين. بُلَ ئي بُلَ ھجنس.

ماريي کي چئي چئي بيٺي آھيان؛ مئا! اھي ڏاڪدر رڳو ڦرڻ کائڻ لاءِ آھن. ڪھڙي ٿا دوا ڏين. ٻه منٽ به نٿي اثر ڪري. هيءُ مئو ڪو ٻڌي ٿو. چئي چئي ٿڪي آھيانس ته؛ سائين جن وٽ هلي چانئٺ چمي اچون. من اتان جي ڪا دعا اثر ڪريس. ڏنل به اتان جو آ ته شفا به اتان ئي ٿيندس. عليداد-ماءُ، پنھنجي منھن اوسارا شروع ڪيا.

ڇوڪري جي هيانءَ-ڦاٽين رڙين ۽ زال جي تبري تي، عارب جي اک کلي وئي ۽ اٿي کٽ تي ويھي رهيو.

ماريا صبح جو هل! ته سائين جن کان ٿي اچون.“ ڪارڻ ٻڌائيندي چيائينس. ڇوڪر کي ڇڪ ٿي آ.

پوءِ اڌ رات جو ڪروڌ ڇو شروع ڪيو اٿئي. پائي ناھي جو سينکيو وٺي کائون. تو کي سائينءَ جن ڏي ھلڻ جي لڳي آ. مٿي نھاري اوسارا ڪندي چيائين؛ ”مران ته ڪو جند ڇٽي.

”ٻچڙي جي سر کان پئسا! اڳي به نه هيئي! پٽ وٺڻ نه پئي هلئين. اڄ به اھا ئي ڪار ڪئي اٿئي. جوڻس اڳيون وقت ياد ڏياريس، جڏھن شاديءَ پنجين سال به ڪا اميدواري نه ٿي ھين. ٽوڻا ڦيڻا ڪرائي ٿڪا هئا. تڏھن جوڻس آٿت ڏيندي چيو هئس؛ ”پئسا ناھني ته مان ٿي ڏيانءِ!

سنبيرڻ بعد، پراڻي اڳڙيءَ جي ڳنڍ ۾ ٻڌل ڏوڪڙ کڻي آڻي ڏنا ھيائينس. ڏاڍي ٽڙي پئي.

اڙي! ھي ڪٿان آيا؟!“ مڙسس پڇيو ھيس.

مون کي ڪو تنھنجا آھن ڇا؟ رليون سبي، ڇيڻا سڪائي، چار ڏوڪڙ ميڙيا اٿم. اولاد جھڙي شيءِ کان مٿي آھن ڇا؟“ کجڪار ڪندي چيو ھيائينس؛ رڳو پٽ ڄمي. ڏس ڪيئن ٿي منڊل ڪيان!“

هتان ئي منڊل منڊل ڪندي هل، هتي شل سائين ريجهي!

رک مولا تي! جيڪو سڻائي ڪندو. ڀلي پار ڏانھن چڱائي ھوندي ته ٻيڙا ئي پار!

سياري جي شروعات ۾، ٽپھري ڌاري وڃي پيرن جي حويليءَ پھتا هئا. رات جو، اڃا اڱڻ ۾ سوڙ وجهي سمھڻ جي موسم ھئي.

دعا گھرائڻ لاءِ، ھيءَ به پير صاحب جي کٽ ڀرسان، تڏي تي ستل ھئي. ٿوري رات گذري ته سائين جي سوڙ ٿوري لھي وئي ھئي. تڏھن سندس نظر وڃي ھن تي پئي. مست ٿي ويو. باز وانگر جھپڙ ڏئي کٽ ڏانھن گھليائينس.

سائين! ڇا ٿا ڪريو؟ هٿ ڇڏائيندي چيائينس.

ھا! تو کي پٽ گھرجي! راضي ٿي، سو ڏيڻ گھرون ٿا.

ائي مائي ڏسو! اتان پنڌ پئي آ پٽ لاءِ. مس مس سائين ريڌو آ ته ھاڻي ٿي ڪسڪي! ڀرسان ستل، ھڪڙي ڪراڙيءَ ڀڻڪو ڪيو ھئس.

ان ڀڻڪي جي ٽيڪ ۽ پٽ جي لالچ ۾ هرکجي پئي ھئي.

دعا سڳو ڪرائي موٽي اچڻ جي ڏھين مھيني، علي داد ڄائو هئس. اڄ، اھو بيماريءَ ۾ روئي روئي اڌ مئو ٿيو آ.

پيرن جو اڳيون پڳر به چڙھيو پيو آ. ڀاڙا ڀتا به سنڀال!؟ قرض جا ڪونر ڪلھن تي چڙھيا پيا آھن.“ عارب اوٻاسي ڏيندي چيس؛ ”ڪيئن ڪيان؟!

”پئسو جو اُلڪو تون نه ڪر!“ مونجھ ختم ڪرڻ لاءِ، جوڻس چيس؛ تون رڳو پنھنجي نيت سچي رک. مدائي اندر مان ڪڍ! منھن موڙيندين ته متان ھو به پنھنجي ڏنل شيءِ موٽائي وٺني.

جيئن تيئن رات گذري. نيرن ڪري، سفري سامان جي ڀڏڪ جوڻس کنئي ۽ ڇوڪرو کيس ڪلھن تي کڻڻ لاءِ چيائين.

ڪلھي تي کڻڻ لاءِ، جيئن جيئن ڇوڪرو مٿي کنيائين، تيئن ئي سندس اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون.

ڇوڪري جي وھڪ جي جاءِ تي ڊگھو ۽ سنھو، سائو مرچ گتل ھو، جيڪو رنگ مٽي پيلو ٿي ويو ھيو. جيئن مرچ ڪڍيائين ته ٻار روئڻ کان ٺاپر ڪئي.

مرچ هٿ ۾ جھليندي، ڇوڪري کي کٽ تي ويھاريائين. پادر ۾ هٿ وڌائين ئي مس ته جوڻس کي پسڻ پئجي ويا ۽ رکيائين کڙين تي زور.

ھوءَ اڳيان، پاڻ پٺيان. گھر ڇڏي، گھٽيءَ ۾ ھاءِ گھوڙا ڪندي، پيڪاڻي گھر ڀڳي.

ڀائن جي گھر ۾، ڦُريا ڦُريا ڪندي گھڙي ۽ سھڪندي رڙيون ڪرڻ لڳي؛ اڙي مئي کي جھليو! خواه مخواه ڇتو ٿيو آ! ماري ٿو! ڇوڪرو بيمار ڪيو آ ته رب! مون ڪيو آ جو مون تي پادر لاھي اُلريو ڀڳو ٿو اچي. سڄي گھٽيءَ ۾، اگھاڙي منھن ڊوڙائيندو آيو آ.“

اڙي، ڇورو هٿ سان بيمار ڪري... پٺيان سھڪندو اچي، چوٽيءَ ۾ هٿ وڌائينس.

”اڙي! تو کي ڏني آھي ته تون سڄي عمر ويٺو ڪٽينس! نڌڻڪي ڏٺي اٿئي ڇا؟ ڇوڪرو بيمار ٿيو آ ته پوءِ علاج ڪرائينس، ڪن ويٺو زال کي ڪُٽ!“ ڀيڻ کي ڇڏائيندي، سالن موچڙن جو وسڪارو لائي ڏنس. عارب، سندن ھٿن ۾ اِلھو ٻلھو ٿي ويو.


No comments:

Post a Comment