Wednesday, January 6, 2021

جهوني ٻير

جهوني ٻير

مختصر ڪهاڻي

سيف نياز



جواني ۾ ھٶ پڪل ٻير ٿي پئي هئي!

اهڙي پڪل ٻير....جهڙي انهن جي ٻني تي بيٺي هئي،جنهن جي هيٺيان ٻارن جو هر وقت ميڙو متل هوندو هو. هر ڪو ان کي پيو ڀتر هڻندو هو...!

ڀتر ته ھن کي به لڳندا هئا....ماڻس هن جي پيء کي چوندي هئي...

“ڇوري اچي جوان ٿي آھي!”

“پڪل ٻير کي هرڪو ڀتر هڻندو آھي!”


“اسان ڪنهن ڪنهن کي روڪينداسين!!”

پيء جوچڙ مان جواب:

“ڇو اچي لڳي اٿئي!”

“اڃا ته ڪچڙي وهي اٿس!”

“اسان جي خدمت چا ڪري وارو ٻيو ڪير آھي!!”

“پٽھين به صبح سان نڪري ٿو ته شام جو گھر ٿو واپس وري!”

“گھر ۾ ڪا ننهن آڻيون ته هن جو بلو به ڪنداسين!!”

ھيء صابرين سڀ احساس اندر ۾ سانڍي جيئندڙ.......!!!

سندس ڀاء جي شادي ٿي....سال کن جي اندر جدا ٿي وڃي ٻيو گھر وٺي ويٺو..!!

هيء  ماء پيء  جي خدمت ڪندي رهي!

پڪل ٻير کي ڀتر لڳندا رهيا....!!

ماء گذاري وئي!

پنج سال پوء پيء به راه رباني وٺي ويو!

سندس جواني جو سج لڙي چڪو....!

هاڻ ڀتر لڳڻ بند ٿي ويا.....اها ٻي ڳالھ هئي ته هاڻي هو ٿوري واء تي به ڇڻڻ لاء تيار بيٺي هئي.....!!!!

No comments:

Post a Comment