Wednesday, January 6, 2021

يادگيرو

يادگيرو

مختصر ڪهاڻي

سيف نياز



اڄ ھڪ اھڙي دوست جي فون آئي.جنھن جي فون اچڻ جو امڪان گھڻا سال اڳ ختم ٿي چڪو ھو ڪو وقت ھو اسين ھميشہ گڏ ھوندا ھئاسين. ٻنھي جو تعلق غريب خاندان سان... پوء به اسان جي آوارگي سڄي سنڌ تائين پکڙيل ھئي.بنا ٽڪيٽ جي ريل جا مزا ورتاسين ته ڪڏھن ڌڪا به گڏجي کاڌاسين.. ميلن جا ميل پنڌ ڪري ميلن ۾ به وڃي پڳاسين.

وقت پاسو مٽايو يار  کي سن ڪوٽا تي نوڪري ملي وئي ته اھڙو مصروف ٿي ويو جو ميسيجز جو جواب نه ٿي ڏنائين،ڪال ڪر ته ٻہ لفظ ڳالھائي مصروفيت جو ٻڌائي ڪال ڪٽي ڇڏي....


ذھين ۽ چالاڪ ته ھو سو ويو اڳتي وڌندو،ھاڻي ته سندس شمار صاحب حيثيت ماڻھن ۾ ھو.

اسان به يار جي مصروفيت  جو سوچي چپ ٿي وياسين.

وقت ويو گذرندو....نيٺ اڄ ھن جي ڪال آئي.پھريون ته ھن جو آواز سمجھ ۾ نه ٿي آيو،منھنجي موبائل خراب ھئي الائي ايڪھٺ ۾ قدم رکندي سمائتن ساٿ ٿي ڇڏيو....

چيائين:

“يار، سفا ڪو درويش آھين.. پوٽي جي شادي جو به نه ٻڌايئي...”

چيم:

“پٽ جي شادي جو ٻڌايو ھيومانء ته نه آئين!”

ٽھڪ ڏيندي چيائين:

“ايڏا حساب ٿو رکين!”

مان چپ رھيس ته چيائين:

“ڪالھ تو وارو آخري نمبر پٽ مليو،مون ته نه سڃاتومانس پر پاڻ ادب سان ملي واقفيت ڪرائيائين،ان کان تنھنجو نمبر ورتم...ڇا ڪجي موبائل جو اھڙو چڪر آهي،جو نمبر ھيٺ مٿي ٿي وڃن ٿا.. ڪيئن آھين!؟”

چيم:

ٺيڪ ٺاڪ آھيان...!

چيائين:

“واھ،پوء ته ھاڻي روز ملبو،خير سان نوڪري جو جھنجھٽ لٿو..ھاڻي رٽائرمينٽ جو مزو وٺبو..چڱو پوء ڳالھايون ٿا...!”

خالي خالي نظرن سان فون کي ڏسندي سوچيم،

يار کي يادگيرو آيو به ته ڪڏھن جڏھن زندگي خود رٽائرمينٽ جي ويجھو آهي......!

No comments:

Post a Comment