ھڪ ئي جنم ۾ ٿڪجي پيل
شخص
مختصر ڪهاڻي
سيف نياز
ھوءَ
اداس
جھڙالي شام به اداس اداس
چھري تي اڻتڻ___بار بار رڪارڊنگ
ٻڌي ٿي.محبوب جو مٺڙو آواز___ھن جي سھيلي سان پيار محبت جون ڳالھيون ڪندڙ.....
سھيلي جو آواز:
“تنھنجي ته منھنجي پياري سھيلي
سان محبت آھي.”
محبوب جو جملو...
“آهي نه...... ھئي!”
“ھؤ ته توسان چرين جيان محبت ڪندي
آهي”
سھيلي جي ٽوڪ تي محبوب جو وڏو ٽھڪ
(ڄڻ تي ڪنھن تکي ڪڪر جي گجگوڙ...سڄي
ڏڪي ٿي وڃي)
ھن ظالم جو آواز:
“ھن جي اھا چرين وانگر محبت نه ٿي
وڻي...ڏينھن ۾ ڏھ دفعا پڇي ٿي..”
“ماني کاڌي اٿئي؟”
“ڪٿي آھين؟”
“ڇاٿو ڪرين؟”
“سفا بيزار ڪري ٿي وجھي!”
“مونکي تنھنجي سمجھ واري محبت وڻي..تنھنجي
محبت ۾ سليقو آهي!”
ٻنھي جا گڏيل ٽھڪ
سھيلي طرفان ڄاڻي واڻي اھا ڪال
رڪارڊ واٽس ايپ ڪيل...
۽
مٿان وٽانئس مسيج:
“ھو ھاڻي تنھنجو ناھي منھنجو
آهي!”
اھي لفظ بار بار دماغ ۾ رمائنيڊ
ٿينس ٿا... مٿي کي زور سان پڪڙي ٿي.
ڪجھ سامت ۾ اچي ڊائري کولي ان
تي وڏي اکرن ۾ وفا لکي ٿي
۽
پوء
عجيب انداز ۾ مرڪي پنو ڦاڙي ردي
جي ٽوڪري ۾ اڇلي ڇڏي ٿي
۽
کليل ڊائري تي منھن رکي روئڻ ۾
پئجي وڃي ٿي........ھن جا ڳوڙھا ان جملي کي چپو ڪرڻ لڳن ٿا.جيڪو گذريل سال ھن جي
سالگرہ تي ھن ظالم لکيو ھيو:
“مٺي مان ھر جنم ۾ تنھنجو آھيان.”
No comments:
Post a Comment