Tuesday, January 5, 2021

ماڻھو ته ڪي ساڙ سڙيا آهن

ماڻھو ته ڪي ساڙ سڙيا آهن

مختصر ڪهاڻي

سيف نياز



مان ھر وقت آن لائين رھندڙ ھڪ بھترين فيسبوڪ يوزر آھيان.ھر معاملي ۽ ھر خبر تي تي ضرور ڪمينٽ ڪندو آهيان،پر گھڻا ماڻھو منھنجي ان ڳالھ کي پسند نه ڪندا آھن.

تازو مون پنھنجي ھڪ تصوير فيسبوڪ تي رکي ته اچي ساڙ ڀريا ميسيج ڪيائون! تصوير ۾ مان خوبصورت بنگلي جي آڏو ھڪ قيمتي ڪار کي ٽيڪ ڏيون بيٺو ھيس! مونکي مھانگا سن گلاسز به پاتل ھيا. حاسد حسد ۾ سڙي پچي ڪوئلو ٿي ويا.


لکيائون:

“تون ته ٺٺينگ آھين، وتندو آھين شھر جي روڊ سان ڀٽڪون کائيندو، پرائي بنگلي ۽ ڪار سان تصوير ڪڍائي اٿئي. ڪپڙا ۽ ڪارو چشمو به پنھنجو نه اٿئي!”

ڏيو منھن ايڏا ساڙيا سڙيا ماڻھو. ڇا تصوير ڪڍائڻ لاء ھروڀرو سڀ ڪجھ پنھنجو ھجڻ ضروري آهي؟ دل خوش ڪرڻ لاء ھڪ دوست جي بنگلي ۽ ڪار سان گڏ تصوير ڪڍايم ته ڪھڙو ڏوھ ڪيم.

باقي ڪاٽن جا ڪپڙا اھي ته قسم سان منھنجا پنھنجا آهن. اھا ٻي ڳالھ ته انھن جو قرض اڃا ناھي لاٿو!

No comments:

Post a Comment