Friday, January 29, 2021

دل ڀري ڏسڻ جي تمنا

دل ڀري ڏسڻ جي تمنا

مختصر ڪهاڻي

انور ابڙو



”ٿورڙو بيهه ته،“ منهنجي زبان مان التجا نڪتي.

”مان تنهنجي زندگيءَ جو وقت ٿورو ئي آهيان جو بيهي رهان،“ هُن لاجواب ڇوڪريءَ لاجواب ڪرڻ جهڙو جواب ڏنو. منهنجي زبان بند ٿي ۽ اکيون ساڻس ڳالهائڻ لاءِ کيس چِتائي ڏسڻ لڳيون.

”تون هلندين مون سان؟“ هُن مون کي پوئتي ڇڏيندي، هڪ قدم اڳتي کڻندي چيو.


”ڪيڏانهن؟“

”جنهن ديسِ وڃان پئي....“

”نه... منهنجا پوئتي ٻچا ويٺا آهن...“

”ته پوءِ مون کي روڪين ڇو ٿو؟“

”بس هڪ ڀيرو دل ڀري ڏسڻ ٿو چاهيان.“

”ته ڇا دل ڀري ڏسڻ سان تنهنجي دل ڀرجي ويندي؟“

مان خاموش ٿي ويس ته هُن چيو: ”تون مون کي ائين بيهاري، ڪيترو ڏسڻ ٿو چاهين؟“

مون مٿس هڪ ڀرپور نگاهه وجهي، پوءِ مُنهن ٻئي پاسي ڦيري، پنهنجي ٻُڪ ۾ ڪري ورتو.... ۽ اُن ۾ ڪِرندڙ ڳوڙها ڳڻڻ لڳس.

هوءَ پنهنجو بيگ ريڙهيندي، پاڻ کي ريڙهيندي هلي ويئي.

 

(انور ابڙو جي فيسبڪ وال تان ۲۹ جنوري ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment