Wednesday, January 6, 2021

سونهري پرن واري جهرڪي

سونهري پرن واري جهرڪي

مختصر ڪهاڻي

سيف نياز



(نوٽ: منهجي هي ڪهاڻي انهن حساس دل نوجوانن لاء آھي، جن کي سونهري جهرڪي وڻندي ته آھي پر انهن وٽ سونو پڃرو ناهي هوندو...!!!)

“ھڪ ڪاٺير وٽ ھڪ سونهري جهرڪي هئي!”

هن آکاڻي شروع ڪئي.هن پنهجي پٽ کي آکاڻي ٿَي ٻڌائي...

سانوڻ جي رات....ڏکڻ جي هلڪي هير....اڀ ۾ چوڏهين جو چنڊ ۽ ڇڊا تارا....ٻئي پيء پٽ کليل اڱڻ ۾ کٽ تي سڌا ستا پيا هئا....ٻنهي اڀ ۾ ڏٺو پئي پر ڌيان آکاڻي ۾ ھين!


“سونهري جهرڪي ڏاڍي پياري هئي...هن جا سون رنگا پر ڏاڍا نرم ۽ سهڻا هئا....جيڪو ان کي ڏسندو هو ته ڏسندو ئي رهجي ويندو هو..!!”

ھڪڙي ڏينهن هڪ سهڻو نوجوان جهنگ ۾ آيو.ان ڪاٺير کان پاڻي گھريو...هن کي ڏاڍي اڃ لڳي هئي...پاڻي پيئندي هن جي نظر ...سونهري جهرڪي تي پئي..اکين ۾ چمڪ اڀري آيس....!”

“اهو ڪٿان  جو هو؟” پٽ پڇيس.

“ڪير نوجوان؟”

پٽ ها ۾ ڪنڌ لوڏيو.

“پٽ اهو ٻي ديس جو هو ۽ تمام سٺو هو!”

“ابو پوء....!!؟”

“پوء ان نوجوان ان ڪاٺير کي چيو ته اها جهرڪي مونکي ڏي مان ان کي پنهنجي ديس وٺي ويندس!”

ڪاٺير چيو:

“مان جهرڪي ان کي ڏيندس جنهن وٽ سونو پڃرو هوندو!”

“ابو سون جا پڃرا به هوندا آھن؟”ننڍڙي پڇيو.

“ها پٽ، سون جا پڃرا به هوندا آھن، پڃرن جا گھڻائي قسم آهن!!”

“ابو پوء..!؟”

ننڍڙي جو ذھن آکاڻي ۾ ھيو.

“پوء نوجوان مايوسي مان چيو مون وٽ سونو پڃرو ته ناهي....مون وٽ ته ڪاٺ جو پڃرو به نه آھي!”

ڪاٺير مرڪي پيو ۽ ٽوڪ مان چيائينس:

“پوء....جهرڪي ڇو ٿو گھرين؟”

“نوجوان اميد مان چيس....منهنجي دل تمام نرم آھي.مان گلن جا گيت لکندو آھيان ۽ منهنجي من ۾ پکين جون حسين ڪهاڻيون آھن....جيڪي مون روح سان لکيون آھن!”

ڪاٺير وڏو ٽھڪ ڏنو.....

“نوجوان.....اهو سڀ ڪجھ ڪافي نه آھي.تون ته غريب به آھين منهنجي جهرڪي کي بک ماري ڇڏيندين...تو وٽ ته پڃرو به ناهي تون ان کي ڪيئين رهائي سگھندين؟”

پوء نوجوان اتي جهنگ ۾ ترسي پيو ۽ روز جهرڪي کي ويٺو ڏسندو هو ۽ جهرڪي به هن سان هري وئي هئي....جڏهن ڪاٺير نه هوندو هو ته اڏامي اچي نوجوان سان مٺيون ڳالهيون ڪندي هئي!”

“ابو اهو جهرڪي کي کڻي وڃي ها...!”ننڍڙي چيو

“نه پٽ...اهو نوجوان اهڙو نه هو....هو چوري کي خراب سمجهندو هو....!!”

“ابو پوء....!؟”

“پٽ پوء....جهنگ ۾ ھڪ خوشحال ماڻھو آيو...هن وٽ جام پيسو هو ۽ وڏي ڳالھ ته هن وٽ ڪيئي سونا پڃرا هئا.

ڪاٺير کي اهو ماڻھو وڻي ويو...هن پيسا وٺي سونهري جهرڪي ان کي ڏئي ڇڏي...اهو ماڻھو جهرڪي کڻي هليو ويو...”

“ھا ابو...!!!!”

“ھا پٽ، ان پنهنجي ديس وڃي جهرڪي کي سوني پڃري ۾ قيد ڪري ڇڏيو ۽ هو نوجوان اتي ئي جهرڪي جو انتظار ڪرڻ لڳو ته ھڪ ڏينهن جهرڪي موٽي ايندي...!”

“ابو پوء جهرڪي موٽي آئي!!؟”

“نه پٽ...جهرڪي ڪڏهن به موٽي نه آئي...نوجوان ان جي انتظار ۾ پوڙھو بڙ جو وڻ ٿي ويو....!!!”

آکاڻي پوري ٿي ته ڏٺائين ننڍڙو ننڊ پئجي ويو هو....!!!

هن گهرو ساه کڻي وهي آيل لڙڪن کي اگھي ورتو....!!!

No comments:

Post a Comment