Tuesday, January 5, 2021

هيانو نڪتل ماڻھو

هيانو نڪتل ماڻھو

مختصر ڪهاڻي

سيف نياز



چاچي فاروق فيسبوڪ تي لکيو هو: “ڏائڻين جي ڏيھ ۾ دلين کان وڌيڪ هيانون جي اهميت هوندي آھي!”

چاچي جو جملو مونکي ڪجھ سمجھ ۾ نه آيو هو.

چاچو فاروق ۽ مان هڪ ئي هاسپيٽل ۾ نوڪري ڪندا هئاسين...مان ليب اسسٽنٽ ھيم ۽ هو ليب ٽيڪنيشن هو.


عمر ۾ مونکان ٻيڻ تي وڏو هو.ڪتابن ۽ شاعري سان لڳاء هئس.

هن خيال بابت پڇيومانس ته کلي چيو هيائين:

“تون به هڪ ڏائڻ جي قبضي ۾ آھين!”

چڙندي چيو هيومانس:

“ھن کي ڏائڻ نه چئو هو نهايت معصوم آھي!!”

ٽهڪ ڏيندي چيو هيائين:

“ڀلا معصوم ڏائڻ چوانس!!؟”

هوء نرس هئي!

غريب گھراڻي سان تعلق هيس...اسان ٻنهي جو هڪ ٻي سان بيحد پيار هو.

سندس ماء گھڻوتڻو بيمار رهندي هئي...پيء ڪمائڻ جي قابل نه هيس،ٻہ ڀائر هيس پر اهي به ننڍڙا...گھر جو خرچ پکو هن جي مختصر پگھار تي هلندو هو...مان پنهنجي هر پگھار جو ڪافي حصو ڪڏهن ته سڄي پگھار ان تي خرچ ڪندو هوس،ائين سندس سهارو ٿيندي  ڏاڍي خوشي ملندي هئي...!!

ڪڏهن پنهنجي خرچ لاء چاچي فاروق کان پيسا وٺندو هيس ته چوندو هو:

“ڏاڍو غلط ٿو ڪرين!!!”

هن جا گهر ڀاتي ڏاڍو چاهيندا هئا،جڏهن به سندس گھر ويندو هيس ته انهن ۾ ساه پئجي ويندو هو. هن جي پيء وٽ اڻکٽ ڳالهيون هونديون هيون، مان موڪلائيندو هيس ته زوري ويهاري دنيا جهان جو ڪونه ڪو دلچسپ قصو ٻڌائيندو هو،شھر اچڻ کان اڳ ۾ هو هڪ وڏيري جو ڪمدار هو ۽ هن وٽ وڏيرن جي ڪرتوتن جا وڏا عجيب قصا هئا....!!!

هڪ ڀيري هنن جي گھر وسندڙ مينهن ۾ ويٺو هوس...مينهن سندن سڄي گھر  سان حشر ڪري ڇڏيو..گھر هيٺ هجڻ سبب سڄو پاڻي سان ڀرجي ويو..ڇت مان پاڻي وهڻ سسب سارو سامان ڀڄي ويو سندن اهڙي حالت ۽ پريشاني ڏسي ڏاڍو ڏک پهتو،ويتر هن جي لفظن اندر ۾ جهير ڏئي ڇڏيا،وڏي پيڙاء مان چيائين:

“ايترو پيسو به ناهي جو ڪو هڪ ڪمرو ٺهرائي سگھون، ڪڏهن دٻجي هن گھر ۾ مري وينداسين...!!!

ڪي لفظ

ڪي جملا

ڏاڍا ڳرا ۽ جهوري ويندڙ هوندا آھن!

لون کڻي کيس پيسا ڏنم ته گھر جوڙايائون....نئين گھر ۾ هو ڏاڍي خوش ٿي هئي ۽ مون لاء هنجي خوشي ۾ خوشي هئي!!!

ان کان بعدجي ڳالھ آھي هن جي گھر ويم ته هن جو پيء اهڙي نموني نه مليو جهڙي نموني اڳ ۾ ملندو هو،هن کان پڇيم ته چيائين:

“فڪر نه ڪر، ابا ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿي ويندو آھي!”

اتي ئي ويٺيو هيس ته هن جي پيء چيو:

“پٽ، ڏک نه ڪجان، اڄ اسان جا مهمان پيا اچن...تون ته ٻچن وانگر آھين پر متان انهن کي اها ڳالھ نه وڻي انهن سان به ٻار ٻچو ساڻ ھوندو!!!”

ڳالھ ته سچ ھئي،هنن جا مهمان اچن ۽ مان ائين ويٺو هجان اهو مناسب نه ھو.

مان هليو آيس.

ٻئي ڏينهن تي سڄي هاسپيٽل ۾ اها خبر پکڙيل هئي ته هن جي ۽ ڊاڪٽر بچل جي مڱڻي ٿي وئي آھي!”

ڊاڪٽر بچل جي اڳ ۾ هڪ شادي ٿيل هئي،جوان اولاد هيس.. سندس شمارشھر جي امير ماڻھن ۾ هو...!!!

ڏٺم هوء مون کان بي پرواھ مسرت منجهان مبارڪون وصول ڪري رهي هئي!

خاموشي سان اچي ليب ۾ ويٺس...چاچي فاروق ڪلهي تي هٿ رکندي چيو:

“پٽ هاڻي منهنجو جملو سمجھ ۾ آيئي!” 

چاچي جي جملي ۾ ۽ چھري تي به ڪو ٽوڪ جو تاثر نه ھو...اکيون ڳوڙھن  سان ڀريل هيس جنهن ۾ ڪو ڏک تريس پئي...!

ڳوڙھا اگھندي چيائين:

“ويھ سال اڳ مون سان به ائين ٿيو هو، مان به هيانو نڪتل ماڻھو آھيان!!!”

No comments:

Post a Comment