انساني سوچ ۽ احساس جي پروڙ
مٺل جسڪاڻيءَ جي ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ جو اڀياس
اعظم ڀٽي
ادب جون کوڙ ساريون صنفون ۽ صنعتون مُروج رهيون آهن، انهن تي کوڙ سارا تجربا به ٿيندا رهيا آهن، ان حوالي سان تجرباتي ادب، وقت ۽ حالتن جي مناسبت سان روايتي ادب جي انحرافي جو قطعي به نالو ناهي، هر تخليق اوچتو ئي اوچتو اُڏامي ناهي پهچندي پر تخليقن جي گهڻائي وقت ۽ حالتن جي روايتي ۽ غير روايتي تجربن ۽ مشاهدن مان ڦُٽي نڪرندي آهي، جڏهن فڪر ۽ نظر جو ذهن ۽ اکيون بدلبيون آهن ته حياتيءَ ۾ نڪور سماجي شعور، نئون ذوق ۽ مزاج جنم وٺڻ لڳندو آهي، ان عبوري دؤر ۾ ليکڪ پنهنجو انوکو تخليقي ڪردار ادا ڪندي، هر روايتي ڳالهه توڙي تجربي ۽ مشاهدي کي نئين معنى، نئون رنگ ۽ رُوپ ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو آهي، ان ڪوشش ۾ جدت ۽ ان جو اثر شدت سان محسوس ٿيڻ لڳندو آهي، ان احساس کي هينئن سان ھنڍائڻ لاءِ وسيع القلبيءَ ۽ ڳوڙهي اڀياس جي به سخت ضرورت پوندي آهي. ان حوالي سان مٺل جسڪاڻي جو ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ“ فڪري ۽ فني ڌارائن جي وِچان ڦُٽي نڪتل تجربي جي ڳٺڙي آهي.
ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻين ۽ نظم ڪهاڻين جي فني ۽ فڪري
گهاڙيٽن، پلاٽ، اسلوب، گهُرجن، ڪلائيميڪس توڙي گهُربل لوازمات تي پابنديءَ سان
لکندڙن کي ڪي خدشا ۽ انومان ڀلي کڻي نظر ايندا هُجن پر مٺل جسڪاڻي هن ڪتاب ۾ ڪهاڻين
۽ نظم ڪهاڻين جي اسلوب کي پنهنجي منفرد تجربن، مشاهدن ۽ سوچن سان ترتيب ڏيڻ ۽ پيش ڪرڻ
جي منفرد ڪوشش ضرور ڪئي آهي، توڙي جو هُن هميشه ٻين تخليقڪارن جي اثر کي قبول ڪرڻ
کان سواءِ ئي پنهنجي منفرد تخليقي صلاحيتن کي منفرد انداز ۾ پيش ڪرڻ واري زاويي کي
اهميت ڏني آهي، تنهنڪري سندس تحريرون ڪنهن به روايتي اثر کان آجيون ۽ انفراديت جي
احساس هميشه سان ڀرپور رهيون آهن، ان لحاظ سان غير روايتي تخليق تي هڪدم روايتي
راءِ قائم ڪرڻ به مشڪل بڻجي ويندي آهي، مٺل جسڪاڻي جي ڪتاب ”برسات ۽ ٻوڏ” جي ٻيانوي
صفحن واري مجموعي ۾ چوويهه مختصر ۽ پُراثر ڪهاڻيون ۽ ڏهه غير روايتي نظم ڪهاڻيون
شامل آهن، جنهن ۾ توڙي کڻي جو موضوع ساڳيو هُجي پر هر اسم ۾ هڪ نئون تجربو، درد
سان ڀرپور مشاهدو ۽ ڪنهن نواڻ وارو جذبو سمايل آهي، ان جو اهم سبب اهو به آهي ته مٺل
جسڪاڻي جي وجود ۾ هڪ زرعي سائنسدان وارو رُوح به واسو ڪري ويٺل آهي، تنهنڪري ادبي
صنفن جي مُروج گهُرجن موجب، موجود ماپن کي پنهنجي انداز سان هڪ پاسي تي رکي هُن
پنهنجي سوچن، مشاهدن ۽ تجربن کي موضوع ۽ نڀاءَ جي انفراديت سان هڪ خاص انداز واري
اُڻت کي اهميت ڏني آهي، ڪتاب جي موضوع جي مناسبت سان حيرانگيءَ جي هڪ دروازي کان ٻئي
دروازي تائين وقت ۽ حالتن جي بدولت دربدريءَ جي هموار ۽ ناهموار رستن تان لنگهي
هُن خوشيءَ ۽ غم جي احساس کي ڦلورڻ جي جُستجُو ڪئي آهي. هُن لفظن جي رُوپ ۾ درد کي
ساري ڳوڙها به ڳاڙيا آهن ته زندگيءَ جي دربدريءَ واري درد سان نينهن کي نکارڻ جي
جاڳ به ڏني آهي، هُن اونداهي رات جي يادون بڻيل ستارن کي چنڊ جي چاهت ڏانهن سفر ڪندي
به ڏٺو آهي ته وجود جي سُور واري سوز کي رُوح جي راز جيان پرکڻ جي جُستجُو به ڪئي
آهي ته وري عشق جي اظهار کي به پچاريو آهي، هُن پنهنجي لکڻين ۾ شُڪر کي سجدا ڪندي،
درد جا ڪلما پڙهڻ واري انداز کي به اپنايو آهي، اهو ئي سبب آهي ڪتاب ۾ اداري پاران
ادا ڪيل لفظ، مُهاڳ، پيش لفظ ۽ پنهنجي پاران جي پچار کانپوءِ مُنڍ ۾ جيڪو نثري ٽُڪرو
ٻوڏ واري صورتحال جي عڪاسي ڪندڙ فوٽو مٿان ڏنو ويو آهي، ان ٽُڪري ۾ ڪيتريون ئي احساساتي
ڪيفيتون ۽ سبق پرائڻ جي هڪ وڏي صدا سمايل آهي، بس ترتيب جي لحاظ کان ٿيڻ اهو گهُربو هو ته ان فوٽو کي ترتيب جي حوالي سان مٿي
رکي، نثري ٽُڪري کي ان جي ڪيپشن طور هيٺان آندو وڃي ها ته اڃان به وڌيڪ سگهارو
احساس جنم وٺي ها، پر ڳالهه وري به روايتي ۽ غير روايتي انداز جي اچي ٿي، جنهن خُوبي کي هن
مجموعي ۾ سمويو ويو آهي، ڪتاب ۾ شامل پهرين ڪهاڻي ”عقل ۾ اڌُورو“ ۾ هڪ اهڙو سبق سمايل آهي، جيئن عام طور اسان اصطلاح استعمال ڪندا آهيون يعني ”اڌ
علم“، ”اڌ ڏاهپ“، ”اڌ ڪاريگري“، “اڌ پنڌ“، يا ”اڌ ڳالھ“ وغيره، ايئن ”اڌ عقل“ جي اصطلاح کي استعمال ڪندي ليکڪ اهو پيغام ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ته ان قسم جا
سڀ اڌ انتهائي خطرناڪ هُجن ٿا، ڪوشش ڪجي ته انهن يا اهڙن اڌن کان پاسو ڪجي ! ان ئي
ڪهاڻي ۾ ليکڪ سئو ڊگري بُخار ۾ هر روز ٻه سُيون لڳڻ ۽ ست ڏينهن لاڳيتو ڊاڪٽر وٽ اچڻ
واري غيرروايتي مفهوم کي حوالي طور استعمال ڪندي، ان جو جواب به پاڻ ئي ڏيڻ جو پنڌ
جهاڳيو آهي ته دردن جو ماريل عام ماڻهو اهڙي سئو ڊگري واري بُخار کي حقيقي زندگيءَ
۾ ليکيندو ئي ناهي، ان سموري مقصد کي بيان ڪرڻ جو حاصل مطلب اڻپڙهيل ۽ عقل ۾ اڌوري
ڪردار نوروءَ کي راههِ راست تي آڻڻ جي مثالي سمجهاڻي آهي. ڪهاڻي ”عام معمول“ ۾ اجتماعي سوچ جو وڏو
عنصر نمايان آهي، پر ان ڪهاڻي ۾ شامل ڪيل اصطلاح ”صُبح آيو ويو، منجهند گُذري وئي،
ٽِپهري ته ٽِپي، شام به گُل ٿي“، ڏاڍي وزندار ۽ لاڀائتي تشبيهه آهي، جيڪا سموري ڏينهن جي ڪارگُذاري
کي چِٽو ۽ ظاهر ڪري ٿي، ڪهاڻي ”ڳالهه ساڳي” ۾ ولو ۽ کمون جي جيئري جاڳندي ڪردارن
کان بجليءَ جي اکٻوٽ، مينهوڳيءَ جي موسم ۾ شهرن ۽ ٻهراڙين جي صورتحال بابت حقيقت
تي مبني عڪاسي ڪرايل آهي. ڪهاڻي ”وس ۾“ انتهائي مختصر هئڻ جي
باوجود سياسي پسمنظر ۾ هڪ وڏي معنى سان ڀرپور پيغام آهي، ايئن سرسري طور ڪتاب ۾
شامل ڪهاڻين ”دڳ“، “رُت”، ”نه برسات نه هوا“، ”پنهنجو ڇا ٿيندو“، اسانجو ته خير آهي“، ”برسات“، “انتظار“، ”يُوريا ڀاڻ“، ”نٿو مُڙين“ فارميٽ جي لحاظ کان انتهائي مختصر
هوندي به دردن، تڪليفن ۽ مُشڪلاتن جون وارتائون بڻيل آهن، جن ۾ اُميد، خير، حيراني،
موسم جا مزاج، اُونو، ٻُڏڻ، لُڙهڻ، انتظاري جي ڪيفيت جو کُليل توڙي پوشيده اظهار وڏي
مهارت ۽ اختصار سان ڪيو ويو آهي. ڪهاڻي ”برسات ۽ ٻوڏ“ ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي
آهي، جنهن جو مُکيه ڪردار سوجهرو برساتن جي نقصانن، امڪاني تباهڪارين، برساتي پاڻي
جي نيڪال، زمينن کي ٿيندڙ نقصانن، خبرن، تبصرن، مٿانهين، هيٺاهين ۽ پُوڇڙ وارن
علائقن، آبادين جي متاثر ٿيڻ، ماضي جي برسات ۽ ٻوڏن، غيرقانوني قبضن، شهرن، ڳوٺن،
فصلن، باغن کي رسندڙ هاڃيڪارين سميت انيڪ موضوعن جي سرسري انداز ۾ بيانيه گهاڙيٽي
سان عڪاسي ڪري ٿو، نه رڳو عڪاسي ڪري ٿو پر ان جا سبب ۽ حل ڳولڻ جي پڻ کوجنا چاهي ٿو،
جيڪا عڪاسي ڪتاب جي موضوع جي مجموعي ترجماني ۽ مقصد کي بيان ڪري ٿي.ڪتاب ۾ شامل ٻيو
حصو ”نظم ڪهاڻين“ جو آهي، جيڪو نظم ۽ نثر جو گڏيل مظهر آهي، توڙي
جو ان ۾ مڪمل طور نه نظم جو ڪو پابند گهاڙيٽو سمايل آهي، نه ئي نثر جي ڪا واضح
ترتيب ڇلڪي ٿي، پر ان کي ”نظم ڪهاڻي“ تي هڪ منفرد تجربو ڪوٺي
سگهجي ٿو. باوجود ان جي ته ججهي انگ ۾ نه سَهي پر اخبارن ۽ رسالن جي ٻولي، رنگ ۽
رُوپ ۾ ان تي مختلف وقتن تي طبع آزمائي به ٿيندي رهي آهي. نظم ڪهاڻين ۾ انفراديت
جي لحاظ کان هڪ رَس ۽ چَس سمايل آهي، جنهن کي نظماڻي نثر جو نالو ڏئي سگهجي ٿو. ڪٿي ڪٿي نثري نظم جي
جَهلڪ به پَسجي ٿي، ڏهن ئي نظم ڪهاڻين جو موضوع برسات ۽ ان سان
سلهاڙيل عنصر ئي آهي
پر ”امداد“ جي موضوع واري نظم ڪهاڻي
ڏاڍي سبق آمو ۽ سوچ ۾ گهيري وٺڻ واري لمحي مان نتيجا اخذ ڪرڻ جو درس ڏي ٿي. مجموعي
طور هي مجموعو وارتائن ۽ منظرن جي اهڙي ڪٿا آهي، جيڪا انساني دردن جي تصوير بڻيل آهي، دردن جي
اها تصوير ساڳيو درد رکندي به الڳ الڳ ڏيک ڏي ٿي. انهن انساني دردن مان انساني سوچ
۽ احساس جي پروڙ چِٽي ريت پروڙي سگهجي ٿي. يقينن انفراديت جي حوالي سان هي مجموعو
سنڌي ادب ۾ هڪ سۡٺو واڌارو ثابت ٿيندو.
(اعظم ڀٽي / پير محلا ٽنڊو
محمد خان جي فيسبڪ وال تان ۱۳ جنوري ۲۰۲۱ع تي کنيل)
(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار ۾ ۱۳ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)
No comments:
Post a Comment