Tuesday, January 5, 2021

پوڙھي طوائف جو ڏک

پوڙھي طوائف جو ڏک!

مختصر ڪهاڻي

سيف نياز



ڳاڙھي بازار  ۾ پوڙھي ٿي ويل هڪ وئشيہ نوجوان وئشيائن کي پنهنجي تجربن مان مختلف ڳالهيون ٻڌائي رهي هئي ۽ اهي سڀ کيس وڏي ڌيان سان ٻڌي رهيون هيون...!

پوڙھي طوائف جيڪا هاڻي نپوڙجي چڪي هئي...جوڀن جي ڪا به رس هن ۾ باقي نه بچي هئي.

هن جي جواني وقت هٿان مات کائي، مستي وڃائي ويٺي هئي، هن جي هستي اها وساميل باه هئي،جنهن تي ڪو هاڻي نفس جا هٿ سيڪڻ نه ٿي آيو!!!


هن جو ڪشادو چھرو جيڪو پنهجي وقت ۾ شوقينن لاء چنڊ مثل هو، سو رت ست ڇڏائي وڃڻ سبب موھ وڃائي ويٺو ھو، وقت جو اهڙو ڊوھ هن کي نه وڻيو هو، جيڪو کيس بري طرح ڊاھي ويو هو!

امير کان امير ماڻھن جي دلين تي راڄ ڪندڙ راڻي وٽ هاڻي ڪو فقير به نه ٿي آيو.....!!!

اهو سڀ ڪجھ نين ڇوڪرين سان شيئر ڪندي هن جا نيڻ ڪٽورا ڀرجي ٿي آيا....!!!

هوء چئي رهي هئي:

“هاڻي ڪوٺن جو اهو تصور ۽ روپ ڪٿي آھي،اهي گھنگھرن جا ڇمڪا،سنهڙي چيلهين جا ٺمڪا ۽ ڪي قدر هوندا هئا، جيڪي اسان کي گھٽتائي جو احساس نه ڏياريندا  هئا”

هن چپ ٿي سڀني جي چھري ۾ ڏٺو ۽ اتي دلچسپي جي آثار ڏسي ڳالھ کي وڌايو...

“ھاڻي ته هر هنڌ سهولت ٿي پئي آھي، سو بد نامي جو کارو مٿي تي کڻي هيڏي ڪير ايندو سواء سَوَنِ ۾ جڳاڙ ڪرڻ وارن جي...!!!”

هوء چپ ٿي وئي ته ھڪ نوجوان وئشيہ چيس:

“ڪجھ مردن جي باري ۾ ٻڌاء...!!!”

پوڙھي طوائف جي چھري تي ڪي رنگ اچي گذري ويا،هن تکي لهجي ۾ چيو:

“مرد وڏا.......”جملو اڌ ۾ ڇڏي ڳالھ کي پي وئي ۽ پوء ٿڌي لھجي ۾ چيائين:

“مرد ۽ ڀڙوي ۾ اوهان کي فرق ٻڌايان...!؟”

سڀني هائوڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ته  گھرو ساه کڻي چيائين:

“مرد اهو هوندو آھي جو بازار جي رنڊي کي به گھر جي عورت بڻائيندو آھي ۽ ڀڙوو اهو آھي جيڪو گھر جي عورت کي به رنڊي بڻائيندو آھي...!!!”

مرد ۽ ڀڙوي جي اهڙي چڱڙي تشريح ٻڌي سڀئي پوڙھي طوائف جي وڏپڻي جون قائل ٿي ويون....پوڙھي طوائف سڀني جي چھري ۾ واري واري سان ڏسندي چيو:

“اِهو اوهان سڀني مان هر ڪنهن جو پنهنجو ڀاڳ آھي ته اوهانجي زندگي ۾ ڪو مرد اچي ٿو  يا نه..!!!”

پوڙھي وئشيہ چپ ٿي ڳيتون ڏئي،ڏک کي پيئندي رهي، هن جي ڳچي جون رڳون تاڻجي ويون هيون.. هن ٿڪل ٿڪل انداز ۾ چيو: “منهنجي حصي ۾ ته فقط ڀڙوا آيا....!!!”

No comments:

Post a Comment