تنهائي جي ڌنڌ ۾
مختصر ڪهاڻي
سيف نياز
هن جي گھر ڀاتين کي غربت کان
ايترو ڀئو هو جيترو اڳي ڪوڙھ جي مرض کان ماڻھن کي هوندو هو.
هن جي پيء جو خيال هو:
“پاڻي پاڻي سان ملي پاڻي ئي
رهندو.تون به غريب اسان به غريب،ٻئي ملي غريب ئي رهنداسين...!”
هن جي ماء جوخيال هو:
“هڪڙي ئي ڌيء آھي! سا به ان
جهنم ۾ اڇليان،جنهن ۾ مان رهندي آئي آھيان! ائين ته ڪڏهن به نه ٿيندو...منهنجي سھڻي
سيبتي ڌيء جو نصيب مونکان الڳ ۽ بهتر ئي هجڻ کپي!!”
ھن جو پنهنجو خيال هو:
“جيڪو گھر وارا چوندا مان اهو
ئي ڪندس...امڙ ابي جي چئي کي پٺي نه ڏيندس...!!!”
منهنجو خيال هو:
“پئسو ته پيار جي اڳيان ڪجھ به نه
آھي! سڀڪجھ ته من اندر جي سک سان ٻڌل آھي...جي من ٿانيڪو نه آھي ته پئسو،بنگلا ۽ گاڏيون ڪهڙي ڪم جون!!!؟”
منهنجو خيال خيال ئي رهجي
ويو...!!!!
سندس ماء پيء جي خيال
مطابق...هن جو رشتو هڪ سکي گھراڻي ۾ ٿي ويو!
مڱڻي کان پوء هو گھٽ ملڻ لڳي
هئي،مون به کيس زندگي جي نئين رخ جي احترام ۾ گھڻو زور نه ٿي ڀريو..!
مان تنها
۽
ڏک ۾ ورتل....پنهنجي تنهائي سان
پاڻ ٿي وڙھيس!
پاڻ ٿي رنس...پاڻ ٿي ڳوڙھن ۾ ٻڏس!
ان ناول جي شروعات ڪيم....جنهن
جي خواهش هن ڪيترائي ڀيرا ڪئي هئي!
هن کي ناول ڏاڍا وڻندا هئا ۽ سندس خواهش
ھئي ته مان ان تي ناول لکان جنهنجي هيروئن به هو پاڻ هجي!!
مون نه ٿي ڄاتو مون تي ڪهڙي
وجداني ڪيفيت طاري هئي..!!! پاڻ سان ئي گفتگو ۾ لکيل ناول مڪمل ٿيو ته ان جي سٽ سٽ
سڏڪو ۽ لفظ لفظ ڳوڙھو هو!!!
هڪ پبلشر دوست کي مفت ۾ پسند اچي ويو مون کيس ڪجھ ڪاپين
جي سستي سودي تي ڇاپڻ لاء ڏئي ڇڏيو.
جڏهن مونکي پنهنجو پهريون ناول “تنهائي
جي ڌنڌ ۾” ڇپجي مليو ته پوري جهان جي خوشي محسوس ٿي...مونکي وڌيڪ خوشي ان ڳالھ جي
هئي ته هن جي خواهش کي رائگان نه ڪيو هيم........!!
هو ۽ هن جي خواهش مون لاء مقدس
هئي!
مسيج ڪيومانس:
“ شام ضرور ملجان....تو لاء
سرپرائيز آھي!!”
.........شام جو هن ڏسندي ئي
خوشيء مان رڙ ڪئي...
“اڙي ناول....!!!”
مرڪي چيو مانس:
“ارپنا پڙھي ڏس!”
ناول ڀرسان ميز تي رکندي چيائين:
“گھر وڃي آرام سان پڙهندس!”
شولڊر بيگ مان موبائل ڪڍي وڏي
اتساه منجهان ٻڌايائين:
“ھي ڏس! منهنجي “هن” مهانگي
ترين گاڏي ورتي آھي،هي ڏس تصويرون....!”
هو موبائل تي ڪار جون تصويرون ڏيکارڻ
لڳي......نئين چمڪندڙ ڪار جي چمڪ هن جي نيڻن ۾ به لهي آئي هئي،جن نيڻن ۾ مون هميشہ
پنهنجو عڪس ڏسڻ ٿي چاهيو...!
مان تيز زلزلي جي ضد ۾!
مان تکي واچوڙي جي وچ ۾!!
مان تيزابي مينهن جي هيٺيان!!!
ٽائيم ڏسندي چيائين دير پئي ٿي...مان
هلان ٿي امان ابا وارا پريشان ٿي رهيا هوندا...!!!”
هوء هلي وئي!!!
............!!!!
مان ڏک جي گھري ڌنڌ ۾ بيٺو پهنجي ناول کي ڏسندو رهيس....جيڪو هوء اتي ئي وساري وئي هئي!!!!
No comments:
Post a Comment