استادي
انجنيئر عبدالوھاب سھتو
گاڏيءَ جو روٽ محبت ديرو کان ڪنڊيارو- هالاڻي- محراب پور هئو. اھا جڏھن محبت ديرو کان ڪنڊيارو پھچي، محرابپور جي اڏي تي لڳي ته اسڪولن ۽ ڪاليج کي موڪل
ملڻ ٿيڻ جي ڪري، مٿس تمام گهڻا شاگرد چڙهي ويا.
ونگار
۾، ان ڏينھن لاءِ، عارضي طور سيڪنڊ ڪلينر ٿي اڳين
گيٽ پئي سنڀاليم. اھو، ڏينھن جو ٻيو چڪر هئو. جيڪو پورو
ٿيڻ بعد، منھنجو ارادو ڊيوٽي ڇڏڻ جو ھيو. تجربو
گھٽ ۽ ٻيو ونگاري ڪم، ھڻي ٿڪائي وڌو ھيائين. ٽيون ته محبت
ديري مان پويون ٽپ ڀري نڪتاسين ته مون واري دوست، ياسين پنجابيءَ، ڪمند جي ڳنن جو ڀاڪر کن کڻي آڻي ڏنو ھيو، سو ڇت جي ٽول ۾
بند ڪيو ھيم. دل ۾ اهو به ھٽ-کٽو ته جلد گهر پھچائجي ته چڱو، ور نه ته
شام تائين چک-چکان ۾ پورو ٿي ويندو.
ڪنڊياري
کان ميل کن نڪرڻ تي ئي منھنجو ڳوٺ هئو، جتي مون کي لھڻو ھيو. گاڏيءَ اندر، غضب جي گرمي ۽ رش ھئي. مٿو به ڦريو پئي. جڏھن
ته اڳين گيٽ تي بيٺو هئم، جيڪا سنڀالڻ ۾ تڪليف، گهٽ ٿيندي آهي. گرمين جي ڪري شاگرد طبقو، بس جي ڇت، سر ڪرڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. ان سان
اها سھوليت ٿيندي آ ته سيٽن تي ٽڪيٽن وارا مسافر چاڙهي هلندا
آھيون. پاڻ کلي
فضا ۾، مفت سفر
جو مزو، ماڻيندا هلندا آهن.
گاڏي هيٺان مٿان ٽٻ ٿي وئي ته، اسٽان تان ڇڏيوسين. شھر ۾ ست اٺ اسپيڊ بريڪر هئا. پھرئين تي لوڊ ٿيل گاڏي، صفا ڍرو ٿي پئي ڪراس
ڪيو، جنھن جو فائدو وٺندي، اڇي برقعي ۾
ڪراڙي عورت، هٿ سان بيھڻ جو اشارو ڏئي، رڙ ڪئي؛ ”ابا! هيءَ گاڏي محرابپور ويندي نه؟“
”ها امان!“ بس کي بيھڻ لاءِ ٺپڪي ڏيندي، وراڻيومانس. بس جي بيھڻ شرط، مان ته لٿس پر گيٽ ۾
بيٺل ٻيا به ٻه ٽي همراهه، ڪراڙيءَ کي مٿي چڙهڻ لاءِ رستو ڏيڻ واسطي، هيٺ لٿا.
مائيءَ
کي سامان سان ڀريل ٻه ڇٻيون هيون ۽ هڪ ننڍڙو ڇوڪر به ساڻ هئس. هڪ پاڻ ڪراڙي، ٻيو
ٻن ڇٻين جو وزن ۽ ان کان علاوه وري ننڍو ٻار به ساڻ. مدد ڪرڻ کان پوءِ به، چڱو وقت سيڙائي ها.
”امان جلدي ڪري چڙهه!“
ڊرائيور جي تڪڙ پرکيندي، چيومانس ۽ گاڏيءَ تائين چڙهڻ واري رستي کان به هٽي بيٺومانس. گھڻي وزن جي ڪري ڪراڙي بيوس هئي ۽ منھنجي ٻيھر ساڳئي جملي
ورجائڻ جي ڪري، مون سان مجبوري ظاهر ڪندي، هڪ ڇٻي وٺڻ لاءِ چيائين. سا وٺي، مٿي چڙهڻ لاءِ رستو ڏنومانس.
مائيءَ
جي چڙهڻ جو انتظار ڪري رهيو هئس، جو مٿي ۾ ڪا هلڪي شيءِ اچي لڳي. مٿي ڏٺم. جنھن تي
مٿان ھڪ ڏاڙھيءَ-ڪوڙ شاگرد، فلمي ايڪشن ھڻندي چيو؛ ”ڪجهه چڱي نموني هل! مائيءَ کي آرام سان چڙهڻ ڏي. تڪڙ ڇو ٿو ڪرين؟“ پھرينءَ سٽ سندس ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. ورجائي پڇڻ تي
سمجھيم. جڏھن ته ٻيھر ورجائڻ وقت، لھجو تمام تکو ۽ ڪڙڪ هئس. سندس انھيءَ
گفتار تي، ساڻس مٿي ويٺل ٻين شاگردن به هڪ وڏو ۽ ڊگهو ٽھڪ ڏنو. جنھن سان لڳ ڀڳ گاڏيءَ جي اڌ مسافرن کان ٽاهه نڪري ويو. مون کي به ڏاڍي بڇان لڳي.
”خير ته آهي؟ ڀائو! تو کي ڪھڙي مڪني آئي آهي جو مون کي سمجهائين ٿو؟“ منھنجي انھيءَ جملي تي وقتي طور چپ ٿي ويو.
مائي
چڙهي چڪي هئي. کيس ڇٻي
هٿ ۾ ڏيندي، بس کي ڊبل ٺپڪي ڏنم. جيڪي لٿل هئا، سي تڪڙ ۾ چڙهيا ۽ مان ڊڪي ڊڪي بس ۾
چڙهيم. ڀرسان بيٺل هڪ همراهه پڇيو؛ ”ڪير هئو؟“
”الائي ڪھڙا واندا واندا، شاگرد ٿيو پيا ھلن. ڪھڙي خبر، ڪير آ؟“ حواس
درست ڪندي جواب ڏنومانس.
”مائيءَ لاءِ، ڏاڍو هيانءُ ٿي ڦاٽس.“ ان
ھمراھ، دل جي ڳالھ وات تي آڻيندي، وراڻيو.
”بس! ڏس نه. هونءَ به غيرت واري ماڻھوءَ جو ڪم آهي، لھي اچي پنھنجي ننگن کي
هٿ سان بسن ۾ لاهڻ ۽ چاڙهڻ. اسان ڪلينر ۽ ڪنڊيڪٽر ته ائين لاهينداسين ۽ چاڙهينداسين نه. پوءِ ان ۾ شرافت
سان هلڻ جو ڇا مطلب؟“
“خير!
هاڻي اها غيرتمندي ته ڪانھي. ٽرڙائپ ۽ غنڊه گردي آهي. تو ته ڪو خراب رويو نه هليس. الائي ڇو همراه کي شرافت ياد آئي آهي.“
”بس مڙيئي ٿيو طاقت جو مظاهرو ڪرڻ! سو پوءِ ڪيئن ڪن؟ ائين ڪندا ته اسان به فريءَ ۾ کڻنداسين نه. باقي غيرت! غيرت
ته ائين نه ٿيندي آهي. انھيءَ کي بدمعاشي چئبو آهي.“
بس،
ٿورو ئي هلي هئي جو، اڳيان ٻه ٽن پئسينجرن هٿ ڏنو. بس بيٺي ۽ هو بس تي پوئينءَ
ڏاڪڻ کان چڙهڻ لڳا. انھيءَ ويساند جو فائدو وٺندي، ساڳئي همراه وري ڪا هلڪي شيءِ هڻندي، منھنجو ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪايو؛ ”اڙي! تون
ڪير آهين جو مون کي ٿو چئين ته هيٺ لھي اچ. تو ۾ ڪھڙي طاقت آهي؟“
“ادا!
مون ۾ بلڪل ڪا طاقت ڪانھي ۽ نه ڪي مون اهو چيو آهي ته؛ هيٺ لھي اچي مون سان مقابلو ڪر. تو کي اُنڊ وٺي جهيڙو ڪرڻو آ ته ڀلي لھي آ. باقي اها غيرت ناهي.“ گيٽ مان، بنا لھڻ جي، ڳالھ ٽارڻ خاطر جواب ڏنومانس.
”اڙي! وري ڇا ٿو چئين ته مون ۾ غيرت ناهي؟ تون مون کي بيغيرت ٿو چئين؟!“ تيئن ڪاوڙ ۽ غصي ۾ ڀرجي چيائين.
معاملو
منھنجي سنڀالڻ کان ٻاهر ٿيندو پئي ويو. مون کي به چڙ
۽ پشيماني پئي ٿي. دل ۾ وھم ته؛ نڄاڻ!
ڪھڙي جِج سان پالو پئجي ويو آ، جيڪا جان ته نه ٿي ڇڏي، پر جيئن هيٺانهين ڪر، تيئن ٿي الر ڪري.
ڪنڊيڪٽر،
بس جي اندرئين حصي مان اوڳاڙي ڪري رهيو هئو. مٿي فرسٽ ڪلينر راڻو، ڀاڙو اوڳاڙي
رهيو هئو. اهو لقاءُ ڏسي، سو وچ ۾ ٽپي پيو. پويان ئي، کيس ٻانھون ٻڌندي چيائين؛ ”اڙي
يار! ها بس بس. ڇا جو جهيڙو آهي؟ جيڪڏهن انھيءَ مان پورت نه پوي ته، ٻئي چڪر ۾
توهان کي وڏي ڀري وٺي ٿا ڏيون. اهو
به هن کي پن سن جو مليو آهي. سو اتي ٽول ۾ لڪائي رکيو اٿائين. اتان به جي
توهان جي مھربانيءَ سان مال نه بچي ته پوءِ، ويچارن پئسينجرن جو ڇا حال ٿيندو؟“
مون
کان ته ڪمند جي ڳالهه ئي وسري وئي هئي. حالت اها ٿي هئي جو مان اهو به سھائڻ لاءِ
تيار ٿيان ها، پر هيءَ ته سندن دينا داستي هئي.
”اڙي ڪمند جا پٽ! اسان ڪو تنھنجي ڪمند جا بکيا آهيون ڇا؟ سنگت جو خيال هئو تڏهن کنيوسين ۽ اسان سمجهيو ته تنھنجو آهي.“ مون ڏانھن اشارو ڪندي چيائين؛ ”جيڪڏهن اسان کي اھا خبر هجي ها ته هن بيغيرت کي پن سن
جو مليو آ ته
هٿ ئي نه لايونس ها.“
”ها! غيرت ته اصل تو وٽ آ، باقي اسان بيغيرت آهيون. ڇو جو اسان غيرت خريد ڪرڻ کان محروم رهجي ويا
هئاسين. مائر ڀينر هر ڪنھن کي آهن. جنھن کي آهن، سو ٻئي جي ماءُ ڀيڻ ۾ نظر ڪو نه وجهندو. باقي تون ڪرين هڪڙي چوري، ٻي مٿان سينا زوري.
ڇو؟ تنھنجي چاچي جي بادشاهي آهي ڇا؟!“ مون واريءَ انھيءَ جرح تي ڪجهه گهڙي چپ رهيو.
بس،
جڏهن ٻئي جهاڪي تي بيٺي ته، اتي وري بڪواس ڪرڻ شروع ڪيائين؛ ”اڙي!
تون سنڌي آهين؟“
”نه! مان سنڌي ناهيان ته باقي پڻھين
آهيان؟“ سخت چڙ ۾ جواب ڏنومانس.
”بس ڪر مھاجر جا اولاد! تون سنڌيءَ جو تخم ئي نه ٿو ٿي سگهين.“ ڪاوڙ
۾ جواب ڏيندي، اُلرون ۽ بغاغو ڪندو رهيو.
آخري
جهاڪي وٽ، بس ڍري ٿي ته مون سنگل ٺپڪي ڏني. بس بيٺي. ”لھي آ هيٺ ته ڏسون ٿا اڄ مھاجر جو اولاد ڪير آهي؟ هيٺ
لھه، بيغيرت!“ سخت چڙ ۽ غصي مان
رهڙ ڏنيمانس.
”بس ڪر ....... ته ڪاٿي ناسون نه ڀڃي ڇڏيانءِ.“
ٺونشو اولاريندي چيائين.
”اڙي لھي آ ته مان تنھنجون، ناسون ڀڃڻ ڏسان ٿو.“ سخت لھجي ۾ وراڻيومانس.
سڄيءَ
بس جا مسافر، پريشان ۽ ششدر ٿي ويا. راڻو به بس جي مٿان ويٺل پوين کان ڪرايو
ڇڏائي، لڳ ڀڳ ڀرسان اچي پھتو هئس. بس ڊرائيور به گوڙ ٻڌي وائڙو ٿي ويو ۽ ماجرا پڇڻ لڳو. کيس چيم؛ ”استاد! گاڏي سائيڊ ڪر.“
ڊرائيور
گاڏي سائيڊ تي لاهي، انجڻ بند ڪئي. انجڻ جو گوڙ بند ٿيو ته، هر ڪو سڄي معاملي تي ٻيھر ٿڌي دماغ سان غور ڪرڻ لڳو. مسافر
هلڻ لاءِ رڙيون ڪرڻ لڳا. گرمي، گُهٽ
۽ نٽھڻ اس ۾ بيھڻ جي ڪري، هر ڪو
ماندو ماندو ٿي رهيو هئو. الاهي ساترا مسافر به هيٺ لھي پيا.
”اڙي هيءُ پاڻ کي ڇا ٿو سمجهي؟“ مٿئين همراه ڇت تي بيھي، گلي جا بٽڻ کوليندي، چوڻ شروع ڪيو.
جيئن
اٿيو، تيئن راڻي ٻانھون ٻڌندي عرض ڪيس؛ ”ادا! تون ئي ضد تان لھي وڃ. يار منھنجي هنن هٿن کي ڏس.“
نڪ جو
پڪو، اک ۾ ڪٽر ئي نه. راڻي جي ٻانھن جو به خيال نه. صفا گارين تي لھي آيو.
هن جون گاريون ڏيڻ ۽ راڻي وڃي گلي کان ورتس. راڻو جيترو پھرين هيٺانھين وٺندو آهي، غيرت ۾ وري اوترو ڦڙتيلو قدم کڻندو آهي.
ٻن ٽن
ٺونشن تي همراهه جون ڄنگهون نڪري ويون. مٿان ئي آءُ ڪيائين. سندس ساٿين جو، هن جي
ٽنگ ۾ هٿ پئجي ويو ۽ ڪرڻ کان ته بچيو، پر بس جي پاسي کان اونڌو لڙڪڻ لڳو. لڙڪڻ جو
فائدو وٺندي، وارن مان وٺي هيٺ ڇڪ ڏنيمانس. مٿيان ڀؤ کان پيرن مان هٿ نه پيا ڪڍنس
ته متان مٿي ڀر زمين تي ڪري ۽ زخم ٿئيس. مان ان ڪري نه پيو ڇڏيانس ته ڇڏڻ سان مٿيان مٿي ڇڪي ويندس ۽ پوءِ، واندا ٿي راڻي کي گڏجي ماريندا. ڇو جو سندس ڪجهه
ساٿي کيس جهليو بيٺا هئا ته ڪجھ راڻي سان کُپي ويا هئا.
راڻو، انھن معاملن ۾ ڏاڍو هوشيار آهي. ٻه ٽي ڌڪ کائي، ٻن ٽن کي ناسن واريون مڪون ٺوڪي،
قلابازي کائي، ڊرائيور سائيڊ کان دريءَ مان هيٺ لھي ويو. تيستائين استاد ڪريمو به
ڊرائيونگ سيٽ ڇڏي هيٺ لھي آيو. ڦڙتيءَ سان، پوئين گيٽ واري ڊگهي
سيٽ جي هيٺان، وهيل پاني جي لوهي راڊ ڪڍي آيو.
”اڙي بابا ڇڏينس، ڇڏينس! ڏسانس ته ڪير آهي. ڇا ٿو ڪري؟“ استاد ڪريمونءَ، ٻانھن مان هٿ وجهندي، مون کي
چيو. مون همراهه مان هٿ ڪڍيا ته مٿين ڇڪي ورتس. تيستائين الاهي پئسينجر به هيٺ ھُنڀ ڪري اچي بيٺا. ڪير به، پاسو کڻڻ لاءِ تيار نه هئس. جڏهن ڇڪجي مٿي پھتو ۽ سنئين حالت ۾ بيٺو ته استاد
ڪريموءَ سڃاڻندي چيس؛ ”اڙي
نذير تون؟ تنھنجو ڇا کٽو هئو، جو جهيڙو ٿو
ڪرين.“
“استاد!
تو واري ڪلينر جو مٿو خراب آهي. اسان تنھنجي ڪري هن بس ۾ مذاقون ڪندا
آهيون. هن همراه کي ته ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي.“ ھيٺ ڪيل ڪنڌ سان، وکريل وار سڌا ۽ کليل بٽڻ بند ڪندي، جواب ڏنائين.
”اڙي، هيءُ هيو
ته پوءِ مونکي ٻڌائين ها! جهيڙي ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت هئي. چڱو هلو چڙهو گاڏيءَ ۾.
تون مون سان هلي ويھه.“
پنھنجي ڀر واري گيٽ ۾ ويھڻ لاءِ، مون کي ٻانھن کان ڇڪي، چيائين.
سڀڪو
ڊڪي گاڏيءَ ۾ چڙهيو. مان، استاد
ڪريموءَ سان ڊرائيور گيٽ ۾ اچي اوڪڙو ويٺس. گاڏي هلي ته مون، ڊڄندي ڊڄندي گيٽ مان مٿي ڏٺو، متان بدلي وٺڻ لاءِ ھيڏانھن نه لھي. لڳاتار ٻه ٽي دفعا ڏسڻ تي، استاد ڪريموءَ تاڙيندي، وڏي دل جاءِ سان چيو؛ ”بس،
خير ٿي ويو! تو سان ڪو نه
وڙهندو.“
”ڇو استاد! تو وٽ ڪا گدڙ-سنگهي
آهي جو تو کان ڊڄي ٿو. اسان سان ته حشر
اهو آهي جو ٽول مان ڪمند به ڪڍي کارائي ڇڏيائين، هٿئين جهيڙو به ڪيائين.“
”ها، پنھنجي سئيءَ ڌاڳي ۾ آهي.“
استاد وڏي اعتماد واري لھجي ۾ چيو؛ ”تون فڪر نه ڪر. آرام سان
ويٺو هج!“
”اهو وري ڪھڙو سئي ڌاڳو آهي؟“ اڻ تڻ منجھان
پڇيومانس.
”تو ڇا سمجهيو آ؟“ بجاءِ جواب ڏيڻ جي، ويتر مون
کان پڇيائين؛ ”اهو همراه، رڳو شاگرد آهي؟!“
”باقي!؟!“ حيرانگيءَ مان ورندي ڏنيمانس.
”نه بابا! رهي ٿو هن جھان ۾ ۽
اسان کان ڳجهو هوندو. اڙي بابا! جن سان هيءُ اٿندو ويھندو آهي، مان تن کي به
سڃاڻان.“ حقيقت ٻڌائڻ کان لنوائيندي چيائين؛ ”بس تون چپڙي ڪري، ٿڌو ٿي ويھه.“
”نيٺ خبر ته پئي؟“ ڳوٺ
وٽ بس مان لھندي پڇيومانس.
“اڙي
بابا! تون اها ٻولي نه سمجهندين! جن جي پٺيءَ تي هٿ ڦيريل هوندو، سي ڪيئن آڏو ٿيندا.“ مشڪندي گيئر مٽي، ڪلچ ڇڏيائين ۽ ايڪسيليٽر دٻايائين.
گاڏيءَ
جي پويان نڪرندڙ دونھي کي، استاد جي استاديءَ تي سوچيندي، ويسورن ۾ وڪوڙجي ويس.
No comments:
Post a Comment