Friday, January 29, 2021

خمير جو خفت

خمير جو خفت

ڪھاڻي

ابراھيم کرل



پيرن جي پاڙي ۾ ڄائي ھئي، سندس پيءُ نالو رکيو بختاور، وڏي حويليءَ جو اوڏڪو ڪوٽ، ستر جي علامت بڻيو سندس اکين ۾ ترندو ھو، ماءُ سان گڏ ڪڏھن ڪڏھن بيبين وٽ ڌاڳي سڳي لاءِ ويندي ھئي. ڪڇ ۾ مٽيءَ جا گھگھڙا ھوندا ھئس. مٽيءَ جو گڏو، مٽيءَ جي گڏي، مٽيءَ جي بيل گاڏي، جنھن تي گڏو گڏيءَ کي گھوٽ ڪنوار بڻائي، مٿان ڳاڙھيون اڳڙيون ويڙھي، سھرا چوندي ھئي؛ ”دھل وڄي آيئي در تي گھوٽ بيٺو ٿئي سر تي. نياڻي نماڻي ڇڏ پاڙو پيڪن جو.“


پاڻ جيڏيون کلنديون ھئس. پوتين جا پلوَ ڏندن ۾ ڏيئي، اچرج ۾ پئجي وينديون ھيون ته؛ ’کيس اھڙا سبق ڪير ٿو سيکاري؟ جو ھن عمر ۾ وتي ٿي سھرا لاڏا چوندي.‘

ماڻس، پڻس ربن کي شڪايت به ڪئي؛ ”ته بختاور، اسڪول کان موٽي رڳو گھوٽ ڪنوار راند ٿي کيڏي. ڪالھ سيدياڻيون به چون پيون ته ڇوڪر کي، ڪجھ ته ڌت ڪيو. وتي ٿي گڏا گڏيون پرڻائيندي. بختاور جا پيءُ اسڪول وڃي ماستر کي وڃي ڇنڊ ته پٽ ته ھي ڪھڙا سبق ٿو نياڻين کي پڙھائي.“

ربن ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳو؛ ”ڇو؟ سيدياڻين کي خار ڇو ٿي لڳي. سندن شاديون نٿيون ڪرايون وڃن ته ان ۾ بختاور جو ڪھڙو ڏوھ. سيد سڳورا پاڻ شل نه ڪو ڳاڙھو ڪپڙو ڍينگھرن تي سڪندو ٿا ڏسن، ته گھوڙو ڊوڙائي اتي ٿا پھچن ته متان ڪا مائي لوڙھي جي ڀر ۾ بيٺي ھجي،. شل نه ڪنھن مريد جي نياڻي جوان ٿئي ته ڏن بھاني لڏو لاھي ٿا ويھي رھن، ڀورل شاھ کي ٽي شاديون. سھڻل شاھ جون چار شاديون. ڪالھوڪو، نبن شاھ، ٻه شاديون، خبر ناھي اڃا ڪيتريون ڪندو. وري جو ڳڻ ڪر ته ولر حويليءَ ۾ سامايو ويٺو اٿن. پر مجال آ جو ڪنھن جي ھٿن تي ميندي ھڻڻ جو سوچين. باقي بختاور جي مٽيءَ جي گھوٽ تي کين اعتراض ٿو ٿئي.“

ڀاڳل مڙس جو جواب ٻڌي نڪ تي آڱر رکي؛ ”اڙي ڇو ٿو پنھنجي قيامت ڪاري ڪرين، پاڙي جي پيرن جي ڪڍ پيو آھين، ھر ڪو پنھنجي قيامت ڇڏائيندو يا ٻين جي بدران دوزخ ۾ ويندو.“

”دعا ڪر جو ماسڙ کان ايلاز منٿ ڪري تنھنجو سڱ ورتم نه ته ڀورل شاھ وتي پيو ڪوڙڪيون اڏيندو. ماڻھن کي پيو چوي؛ سڳا ڌاڳا ڪري ڀاڳل کي پنھنجي ڀر ڪندس. ربن وتي رانديڪا وڪڻندو.“ ربن کي جيڪو وات ۾ آيو، سو زال کي ڦھڪائي ڪڍيائين.

”حياءُ شرم اٿئي ڪو نه، وتين ٿو وڦلندو، منھنجي لاءِ ائين ٿو چوين.“ ڀاڳل بر ٿيندي چيس.

”پڻھين به گھڻو تڻو پاسو انھن جو پيو وھي، پر جڏھن نه ڀاڻين راج ڪماريءَ کي ڀڄائي وڃي سيدن جي ڀر ورتي ھئي ته نبن شاھ جا نخرا ڏسي ڇوريءَ کي پٽي وڃي، پاسيرو رھايو ھئائين، پوءِ به شابس ھجي مانڌل کي جنھن نه رڳو ڇوڪري موٽائي مالڪين پڄائي، پر ڀاڻين تي ڏنڊ ڏوھ وجھي، مڙئي منھن ڌوتائين، نه ته رن به وڃين ھا ته رلي به، تون به وتين ھا بيبين جون پوتيون ڌوئندي.“

”مان ته ھاڻي به منع ٿو ڪيانءِ ته انھي حويليءَ جو در نه ٽپندي ڪر. ڪٿي عقيدت ۾ غيبت نه ڳچيءَ ۾ پئجي وڃئي.“ ربن بيٺي بيٺي زال جا ڄڻ نڪ چپ وڍي ڇڏيا.

”ڀلا ائين ڪو انڌير آھي ڇا جو، وڃڻ ۾ به ماڻھو وٺجي ويندو.؟ بيبيون ساھ ڏينديون آھن. کٽ تي پاڻ سان ويھارينديون آھن. لسي پاڻيءَ جو پڇنديون آھن. ڌاڳي سڳي ڪرائڻ جا پئسا جيترا ڏبن ته بسم الله ڪري وٺي رکي ڇڏينديون آھن. ڪڏھن نه منھن گھنجايو اٿائون.“ ڀاڳل پوتيءَ سان ھٿ اگھندي وراڻيس.

”ڳوٺان جيڪا به عورت اچئي ته کيس روانو ڪري ڇڏيندي ڪر، اسان جو ڪھڙو ڪم جو وتئون پرائو نانگ پنھنجي ڳچيءَ ۾ وجھندا، اڄ ڇا زمانو لڳو پيو آ. روز مظاھرا ٿا ٿين، اھي ھٿ ٺوڪين تنظيمن وارا به مدد لاءِ ٿا اچي پھچن. اھو ڪٿي ٿا ڏسن ته ڪير حق تي آھي يا ڪير ناحق تي. ھنن کي آھن ڦوٽو ڪڍرائڻا ۽ فيس بوڪ تي رکڻا. ڪنھن کي ذليل ڪرڻ ته ھاڻي کٻي ھٿ جو کيل ٿي ويو آ، مائي! روز مايون ٿيون مذھب مٽائين ۽ پنھنجن وڏڙن جي عاقبت خراب ڪن. امڙيون، ابا بيٺا ٿا ڪورٽن ۾ ڌيئرن جي پيرن ۾ پون. ”امڙ ائين نه ڪر! گھر ھل.“

پر پوءِ به اولاد انڌي ٿيو پوي. ڪنھن جو گھر خراب ڪرڻ. ھشي ۽ ھٿي ڏيڻ ڪا چڱي ڳالھ آھي؟ پاڻ سڄا گپ ۾ گتا پيا ھوندا، اسلام جو ھڪ رڪن به پورو نه ڪندا، پر ٻي جا پيئر ٿيا بيٺا ھوندا. تو کي خبر ڪونھي ته نامو مل جي ڌيءُ، ڪنھن کڻائي،. ڀوڄو مل سان ڪنھن ڪيس ڪرايو. اھي مايون، سڀ جو سڀ ھتي اچي ٿيون واڙجن. ڪڏھن نه حڪومت جو ڦرڪو ڦريو ته حويليءَ جا در ڀڳل ڏسندينءَ.“ ربن ھنيانءَ جي باھ کان اڄ سانوڻيءَ جي مينھن جيان ڀاڳل تي وسي پيو.

”اڙي ته مان ڪنھن جي ڀڄائي، اچي ھت واڙائي آ، جو مونکي ٿو چئي ٻڌائين، جو وري پوليس ايندي ته پھريان مونکي ٻڌي ٿاڻي تي کڻي ويندي ۽ تون مونکي ڇڏائڻ جا خفا ڪندين. منھنجو ڪم آ ڪنھن سان ڀلائي ڪرڻ، اھو مٿي جي سور، لڱن جي سور، ۽ ڇوڪرين جي نصيب ڀلي ٿيڻ لاءِ ڪو سڳو ڌاڳو وٺي ڏيڻ. ڪي ڄاتل سڄاتل مايون اچن ٿيون، ايلاز ٿيون ڪن ته ڀاڳل گڏجي ھل ته، نه وڃانِ؟“ ڀاڳل ڄڻ ککر مان جان ڇڏائڻ لاءِ صفايون پيش ڪيون.

”جن پنھنجي نصيب جي مٿي ۾ مينديءَ جي جاءِ تي لسي وجھي ڇڏي ھجي، اھي ٻين جو نصيب ڇا ڀلو ڪري ڏينديون؟ جن جا پنھنجا مٿا ٻڌا پيا ھجن، اھي ٻين جي مٿي جا ڪھڙا سور ڀڄائينديون. اچئي ٿي ڳالھ سمجھ ۾ يا وجھان لٺ ۾ ھٿ. ڪڍانءِ سنڌن جو سور!“ ربن کيس لٺ به ڏيکاري.

”مئو وھابي ڇتو ته ٿيو آ، چيومانس ته ماستر سان ملي بختاور کي ڪا ھدايت ڪراءِ، ھي ته مورڳو منھنجي ڪڍ پئجي ويو.“ ڀاڳل ڀڻڪندي وڃي ڪم سان لڳي.

ربن اڳ ۾ ئي اندران رڌو پيو ھو جو ھڪ مذھبي گھراڻي جي مومل، چار درجا ڇا پڙھي ھئي ته سڄي ڳوٺ جا نيڻ ڌوپجي، سرمي جون ٻه سرائيون اکين ۾ وجھي، سندس پيڇو ڪندا ھئا. واھ سان ويندڙ بگيءَ جي پوئين سيٽ تي ويٺل مومل کي مرڪون، جملا، ۽ اکين جا پڇڙ پيا آڇيندا ھئا. ڪو ڏينھن خالي نه ھوندو ھو جو، ڄام محبوب جي اوطاق تي ھڪ پاسي طريل وڏيرا، ته ٻي پاسي وڏين ڀتين واريون ٽوپيون پاتل ننڍا ننڍا سردار، شڪايتون کڻي پھچندا ھئا ته پنھنجي ڌيءَ کي ڌت ڪر! ڳوٺ جا ڇورا، ھٿن مان ٿا نڪتا وڃن.

ھوڏانھن پنھنجي دور جو سرخو ڄام کين اھو چئي، ڄڻ نوڙي ئي ساڙي ڇڏيندو ھو ته؛ ”افسوس آھي، جيڪا شڪايت مونکي ڪرڻ گھربي ھئي، اھا اوھان ڇوڪرن وارا مون ڇوڪريءَ واري وٽ کڻي آيا آھيو. ڪجھ حياءُ ڪيو ۽ پنھنجن ڇوڪرن کي ڌت ڪيو.“

جڏھن پاڻ ھرتو ٿيل وڏيرا، ڄام جو جواب ٻڌي اوطاق مان اٿندا ھئا ته سندن واٺا، ڄاڙيون ھڻڻ شروع ڪندا ھئا ته؛ ”ادا ھاڻي رنون به پڙھي راڄ راڻيون ٿينديون ۽ پيئن جون پڳون ٻڌي، راڄ جا فيصلا ڪنديون، يا مورڳو ابن ڏاڏن جي ناموس کي مٽيءَ ۾ ملائينديون.“

ربن به ڄام جو پٽ ته ھو پر پيءُ وانگر سرخو ڪو نه ٿيو، الھورائي سان سندس دوستي ھئي، جيڪو وري مدرسي ۾ پڙھيو ھو ۽ ھر واعظ ۽ جلسي تي کيس ساڻ وٺي ويندو ھو.

ربن انھن ڏينھن کان ئي ڀاءُ سان اختلاف رکي ڌار ٿيو ھو ته آخر اسان کي راڄ سان رھڻو آھي. ڀت برادر ته ناھي ڇنڻي جو کين پٺي ڏئي ويھي رھون ۽ پنھنجا پٽڪا رنن تي لاھي رکون. توڙي جو ھو ڄام سان ڪجھ درجا اسڪول ۾ پڙھيو ھو، ڪجھ گڏجاڻيون به ويھي، سرخن جون ڦڙڪيون، ۽ تبصرا ٻڌي چڪو ھو، پر ھو مڪمل سرخو نه ٿي سگھيو ھو، نه ئي مرداڻي سماج ۾ عورت جي کلي آزاديءَ کي قبول ڪري سگھيو ھو. زرعي سماج جي عورت کي ھو تعليم ڏيارڻ جي حق ۾ ھو پر ان سان گڏ، ھو انھن روايتن جو پوئلڳ به ھو ته پنھنجائپ، مٽي مائٽي، رشتيداري، جي حوالي سان ھن پنھنجو خيال پي رکيو.

ملان ڪھاڙو، جمعي جي ڏينھن جامع مسجد ۾ جو آيو ته ربن وڃي ڪن ۾ ڦوڪ ڏنس.

جمعي جي ڏينھن مسجد جا گنبذ گونجڻ لڳا ۽ وڏين نيلن تي رکيل لائوڊ ٻرڻ لڳا؛ ”ٻڌي ڇڏيو دنيا وارئو جوان ڌيءُ، ڀيڻ گھر ۾ ويھارڻ، ڏوھ آھي. توھان پنھنجي ڪڇ ته ڪوسي ڪيو ٿا پر نياڻين جو خيال نه ٿا ڪيو. حساب ڪتاب جي ڏينھن ٽنگيا پيا ھوندئو. ملائڪ توھان کي ائين ڪٽيندا جيئن اٺ پتڻ تي ڪٽبو آھي. تنھنڪري شرعي قانون موجب جوان اولاد جي شادي ڪرايو. جن جا والدين شادي نٿا ڪرائين، انھن کي اڄ آئون اجازت ٿو ڏيان ته ھو ڀڄي شادي ڪن.“

ربن ڪنڌ ورائي ڀورل شاھ کي ڏٺو جيڪو مھڙ واري صف ۾ ويٺوھو ۽ ڪياڙي کنھي رھيو ھو. ھن ڀر ۾ ويٺل خليفي کي شور مان ڏٺو ۽ فرض پڙھڻ کانسواءِ اٿي ھليو ويو.

”نياڻيون اٿارڻ فرض آھي جيڪو پورو نه ڪندو ان جي عبادت قبول نه پوندي.“ ڀورل شاھ، ملان ڪھاڙي جو جملو بوٽ پائيندي ٻڌو.

ڀورل شاھ حويليءَ جي ڏيڍيءَ وٽ ڇپ ڪري بيھي رھيو. ته پڌر ۾ کٽ تي ويٺل سندس ٻن ڀينرن پاڻ ۾ پئي ڳالھايو؛ ”ادي مئو ملان لڳي ٿو ته ڳوٺ خالي ڪرائيندو، سڀئي عورتون جي ڀڄي شادي ڪنديون ته ڪوٽن جي مٿان رڳو ماڻھن جون منڍيون ٽنگيل ھونديون.“

ٻيءَ ڀيڻ، مٿي مان اڇو وار ڇڪي چيس؛ ”ادي جي پوءِ به ڪجھ نه ٿيو ته ھھڙا وار سڄي سينڌ اڇي ڪري ڇڏيندا، سڄي عمر ويٺيون ڌاڳن کي ڳنڍيون ڏينديونسين ۽ ڦوڪون ھڻي ھڻي اندر جو اوٻر پيون مارينديونسين.“

ڀورل شاھ جي ڄنگھن مان ست نڪري ويو. مسجد مان فرض پڙھڻ لاءِ تڪبير پي لڳي ته ڀورل شاھ اندر ڪمري ۾ وڃي بوٽ کي بي ساھين ڄنگھن مان لاٿو.

”ڇو ڀلا طبعت ته ٺيڪ آھي؟ اڄ فرض پڙھڻ کان سواءِ مسجد مان نڪري آئين.“ وڏي زال سندس ڄنگھون ٺاھي پلنگ تي سڌيون ڪيون.

ٻاھران بختاور گڏو گڏي کنيو سھرو چوندي پي آئي؛ ”دھل وڄي آيئي در تي گھوٽ بيٺو ٿئي سر تي. نياڻي نماڻي ڇڏ پاڙو پيڪن جو.“

ٻئي ڀينر کٽ تان اٿي بختاور جي ڪڍ پيون ته ڀورل شاھ اٿي کين منع ڪيو ۽ پھريون دفعو بختاور کي گھور طور سوَ سوَ جا چار نوٽ ڪڍي ڏنا ۽ نرڙ تي چمي ڏني.

ھي ڇا؟ ڀورل، اڄ توھان ھي ڇا ڪيو. سندس وچين زال پاڻيءَ جوگلاس کڻي اچي مٿان بيھندي چيو. ھن کان جواب ئي ڪو نه اڪليو.

ننڍي زال ورانڊي جي دريءَ مان اھو لقاءُ پي ڏٺو ته، اھا به ھٿ ۾ دم ڪيل پاڻيءَ جو لوٽو کنيو آئي ۽ پاڻيءَ جا ڇنڊا ھڻي چوڻ لڳي، ھيءَ حرامزادي گھڻن جا گھوٽ گھائيندي، ھي جيڪي مٽيءَ جا گڏا کنيون گھمائيندي ٿي وتي ۽ سھرا چوندي ٿي وتي، منھنجي مڙس جو سر کڻندي، ھچا پوي پڦھنس مومل کي جنھن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، وتي ٿي بي پردي گھمندي ۽ مردن خلاف بڪندي. لڳي ٿو ته ربوءَ وارن کيس مڙس به کڌڙو ڏنو، جنھن مائيءَ کي ڌت نه ڪيو. ھاڻي ٿي مائي ڪنھن کي وٺ ڏي. ان کان ته منھنجي پھاڄ ٿئي ھا ته ڀلو ھئس. گھٽ ۾ گھٽ حويليءَ ۾ ته وڙيل ھجي ھا، وتي ھا ڦيڻا پڙھندي ۽ ڌاڳا وٽيندي.

ادا نبن ۾ به حال ڪونھي. رڳو وتي ٿو وٽيون پاسا گھمندو، ۽ نه وري منھنجي سائينءَ ۾ ڪو حال رھيو آھي جو کين ڏينھن جا تارا ڏيکاري. اسان ئي وتئون ٿيون ڇنڊا ھڻنديون. سکڻا سڳا ڌاڳا به ڇا ڪن، ڪنھن کي ٻڌي ته ڪونه ويھاريندا، ھوريان ھوريان ويندو ماڻھن جو ويساھ کڄندو.“

ڀورل شاھ جون اکيون واري واري سان بيٺل زالن تان ترڪنديون رھيون. ھڪ ٻيو ملان ڪھاڙو گھر ۾ حويليءَ جي ديوار ٽپي داخل ٿي چڪو ھو.

ٻاھر ڊنب ٻارن جو بختاور سان گڏ سھرا چئي رھيو ھو؛ ”دھل وڄي آيئي در تي، گھوٽ بيٺو ٿئي سر تي، نياڻي نماڻي ڇڏ پاڙو پيڪن جو.“


(ابراھيم کرل جي فيسبڪ وال تان کنيل)


No comments:

Post a Comment