Friday, February 5, 2021

راڻي باغ

راڻي باغ

ڪهاڻي

ضراب حيدر



جڏهن کان ڊاڪٽرن واڪنگ جي صلاح ڏني آهي تڏهن کان روزانو راڻي باغ  ۾ ويندو آهيان، راڻيءَ باغ منهنجي گهر جي تمام ويجهو آهي. واڪ ڪرڻ پنهنجي جاءِ تي پر راڻي باغ جو ماحول ڄڻ مونکي وڌيڪ تندرست ۽ توانو ڪري ڇڏيو آهي. نوڪريءَ تي وڃڻ وارن ڏينهَن ۾ ته مان شام جو ئي واڪنگ لاءِ راڻي باغ وڃي سگهندو آهيان، پر موڪل وارن ڏينهَن ۾ صبح سان ئي راڻي باغ ايندو آهيان، موڪل جي ڏينهن ٽائيم هُجڻ ڪري واڪنگ کان سواءِ اندر زو ۾ به گهمندو آهيان ۽ جانور ڏسي دل وندرائيندو آهيان. راڻي باغ جي زُو ۾ اچڻ کانپوءِ مونکي اِهو احساس شدت سان ٿيندو آهي ته هي دنيا به هڪ زُو آهي ۽ هرڪوئي پنهنجي پنهنجي سوچ جي پڃري ۾ قيد آهي. يا وري هر ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ کي باندر، اُٺ پکي، لومڙ گدڙ يا وري سوئر سمجهندو آهي. مان شايد باندر هوندي به اُٺ پکي ئي هئس جنهن زندگي کي اکيون پوري قبول ڪيو هئو. اسڪول واري زماني ۾ جنهن ڇوڪريءَ سان محبت جو اظهار ڪيم ته اُن  مُنھن ۾ گهروڙي بُجو ڏنو، اُن ڪري يونيورسٽي ۾ جنهن ڇوڪريءَ کي چاهيم اُن سان اظهار ڪري نه سگهيس. امان جيڪا ڄٽي ڄامڙي زال پرڻائي اُن سان زندگي گُذاري ڇڏيم، منهنجي زال پن جي ٻيڙي ڇِڪيندي هئي ۽ مان ڪي ٽو جا سگريٽ ڇِڪيندو هئس. هوءَ ذهني ۽ جسماني طور سنڍ هئي ۽ مان ذهني جسماني طور بُزدل هئس. زندگي ڪنهن زو ۾ اُٺ پکيءَ جيان گذري وئي.



اڄ مان راڻي باغ ۾ واڪنگ ٽريڪ تي پنهنجي خيال ۾ هلندو پئي ويس تہ، ڪو عورتاڻو آواز آيو:

“او پوڙها بيهه تہ سھي...” مان بيھي رهيس، هيڏانهن هوڏانهن نِھاريم ڪوئي بہ نظر نہ آيم، وري هلڻ شروع ڪيم، اڃان ٿورو  اڳتي مس وڌيس تہ وري ساڳيو آواز: “بيھين ڇو نہ ٿو پوڙها...!”

مان بُت بڻجي بيھي رهيس. کن ساهيءَ تائين جڏهن وري ڪو آواز نہ آيو تہ وڌيڪ پڪ ڪرڻ لاءِ ٿوري ساھي انتظار ڪري اڳتي وڌڻ لاءِ وک ئي ڪونہ وڌايم تہ منھنجي پُٺيان کان هڪ عورت ڦِري اچي، سامهون ٿِي بيٺي، مُرڪندي پڇيائين: “مونکي سُڃاڻين ٿو پوڙها...”

چيم: “مونکان الائي ڇو بي وفا ماڻهو ناهن وسرندا....”

سندس چپن تي آيل مُرڪ هلڪي ٽھڪ ۾ بدلجي وئي: “چئبو تہ پوڙها، اڃان تائين اندران جوان آھين، ويسر جي مرض وِڪوڙيو ڪو نہ اٿئي...” جملي سان گڏ سندس اکين ۾  هڪڙي چمڪ لهي آئي، جنهن ۾ ڪي ورهيہ اڳ چاهيندي بہ مان چمڪي نه سگهيو هئس. هُن منهنجو هٿ پڪڙيو ۽ پنھنجائپ وڃان مونکي ڇِڪي ھلڻ لڳي ۽ چيائين: “ساندھ وائڙن وانگي ڇا پيو ڏسين، اچ ته ڪٿي پاسيرا ٿي ويهون.”

هُن مون کي وٺي اچي هڪڙي ڪُنڊائتي بينچ تي ويھاريو، پاڻ بہ مونسان ويجهي ٿي ويهي رهي. هُن سامهون پري تائين نِھاريو،  هڪڙو ٿڌو ساهه کڻندي چيائين،

“وقار! راڻي باغ هاڻي ڪيڏو بدلجي ويو آهي، نقشو ئي مَٽجِي ويو اٿس.”

ڪنڌ ورائي سندس مُنھن ۾ ڏٺم ۽ چيم: “صرف راڻي باغ..!؟”

“ها شايد ٻيو بہ گهڻو ڪجهه بدلجي ويو آهي، پر تون تہ اوھڙَي جو اوھڙو  ھينڊسم لڳو پيوآهين، قلم ۽ وار  ڪجھ جهجها ئي اڇا ٿي ويا اٿئي، پر لڳين اڄ بہ ساڳيو پوڙهو ٿو...” هُن وري ٽِھڪ ڏنو.

“ها مان تہ ننڍپڻ کان ئي پوڙهو هئس، نہ ٻاروتڻ سمجهيم، نہ جواني ماڻيم...”

“چئبو، تون اڃان تائين، ساڳيو فلسفي ٿيڻ جي ايڪٽنگ ڪرڻ بہ ڪونہ ڇڏي اٿئي؟”

“ٻُڌ حميدہ! تنهنجو اُهو سِروٽا گروپ ڪٿي آهي هاڻي؟” مُنھن ۾ واجهائيندي پڇيومانس، هوءَ ٽِھڪن ۾ ٻڏي وئي، سامت ۾ آئي تہ چيائين:

“هر ڪو سِر سِر ٿي ويو، زندگي چرخو آهي نہ....” هُن هلڪو شوڪارو ڀريو، وري ڳالهايائين؛ “ٻُڌ ته وقار...”

“جي، چئو”

“اسان جي گروپ تي اُهو نالو ڪنهن رکيو هئو، سچ ٻڌائجان؟”

“الائي مونکي خبر ناهي، پر وَلي بروهيءَ لڳي ٿو تہ اِها ڳالهه مشهور ڪئي هئي.”

هوءَ وري ٽھڪن ۾ ٻڏي وئي: “اُهو ولي بروهي، جنهن کي تو وارو سنگتي وحيد عورت جي عضوي واري نالي سان سڏيندو هئو. الا سچ پچ بہ مُنھن مُھانڊي مان ئي شرم گاھ لڳندو هئو.”

مان ھن جي بيباڪيءَ تي مُرڪي پيو ھئس، مون کي بہ بي تڪلف ڳالھائڻ جو وجُهه ملي ويو، چيومانس، “ويچارو بروهي ته صفا چُوت پِتل جي هئو، پر حميدہ! توهان جي گروپ تي نالو واهه جو رکي ويو.”

“رکي بہ ڪيئن نہ ها، سِروٽو جو لڳو هئس مٿي ۾ ...” هوءَ وري ٽِھڪن ۾ ٻڏي وئي، مان کيس حيرت وچان ڏسندو رهيس.

“سو وري ڪيئن، ڪنھن ھنيو ھئس سِروٽو؟”

“اسين گروپس واريون سموريون سھيليون اي سي ٽو کان پنڌ پنڌ آيونسين پئي ته ولي بروهي، ڪريم پٽاٽي سان اسان جي پويان پويان پئي آيو. هونئن بہ بروهي ۽ پٽاٽو اسان واري گروپ  جي پَٺيان پُٺيان هوندا هئا. بروهي، بينا تي ۽ ڪريم پٽاٽو پارسا تي عاشق هئو. اُن ڏينهن تہ صفا ليڪو لتاڙي ويا. اسانجي پُٺيان ايندي ڏاڍي پئي جملي بازي ڪيائون. اسان بہ چُپ ڪري ٻڌنديون پئي آيوسين. سينڊل لاهي هڻڻ وارو ماحول هئو ڪو نہ بس وجُھ پئي ڳولھيوسين تہ ڪٿي ڪو سِروٽو هٿ اچي تہ سندن خبر وٺون، سو جڏهن زولاجي ڊپارٽمينٽ جي سامهون پُھتاسين تہ روڊ جي پاسي ۾ وڻن جي ٺھيل جهنگلي جا ڪجھ سِروٽا ڪِريا پيا هئا. اسان بہ نہ ڪئي ھَم نہ تم، سو سِروٽا کنياسين. ڪريم پٽاٽو تہ سنهڙو سيپڪ هئو، سو ڀڄي ويو. باقي بروهي کي ٻہ چار سِروٽا واھه جا لڳا. مٿو بہ ڦاٽي پيس، ٺونٺ ۽ گوڏن ۾ سِروٽا لڳس.”

“پوءِ ته وڏو ممڻ مچيو هوندو. وي سي تائين ڳالهه وئي هوندي، توهان جي يا بروهي جي ڊپارٽمينٽ جي چئرمينن تائين پھتي هوندي.؟”

“نه نه اهڙو ڪجهه به نه ٿيو، ويچارو بروهي، چُپ چاپ وڃي ڊسپينسريءَ تان ملم پٽي ڪرائي آيو، ڪنهن پُڇيس ته چيائين، اي سي ٽو کان واپس ايندي روڊ بدران ٽڪريءَ کان شارٽ ڪٽ پئي ڪيم، سو ٽڪريءَ تان سِلپ ٿي ويو آهيان.” هوءَ وري ٽھڪن ۾ ٻڏي وئي.

“ٻُڌ حميدہ! پوءِ بينا به ته بروهيءَ سان ئي شادي ڪئي ۽ پارسا به ڪريم پٽاٽي سان.”

“نصيب ۽ لکئي جي ڳالهه آهي.”

“ها بلڪل، نصيب جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. چُوتين، چرين ۽ بڇڙن ٻوگهلن جا نصيب ڀلا هوندا آهن، ڏس نه ڀلا! ڪاري دانگيءَ جھڙي ڪنڊيڪٽر جُنيد جي نصيب جي ڪھڙي ڳالهه ڪجي.” هُن مون ڏانھن چِتائي ڏٺو، نه چاهيندي به کوکلو ٽِهڪ ڏيندي چيائين: “چئو پنهنجي نصيب کي، وقار.”

“مونسان پرڻجين ها ته سچ به پنهنجي نصيب کي ڪجهه به نه چوان ها....” مون سندس مُنھن ۾ گُهوريندي چيو.

هوءَ ڳالهه لنوائيند ي اُٿي: “تون اِتي ئي ويهه ته مان چپس ۽ ڪا ڪولڊ ڊرنڪ وٺي اچان ٿي.” 

هوءَ هلي وئي، مان ماضيءَ ۾ گُم ٿي ويس. مونکي صبيحا ۽ سَرلا ياد اچي ويون، جيڪي سُھڻيون موچاريون هوندي به ڄٽن ۽ ڀُوڪن سان ٺهي ويون هيون. سِرلا ۽ صبيحا به اسان سان اسڪول ۾ پڙهنديون هيون ۽ سانجهيءَ جو لِڪ لِڪوٽي راند گڏ کيڏنديون هيون. ٻارن ۾ سَرلا صبيحا مان ۽ وحيد سڀني ٻارن کان وڏا هئاسين، سِرلا ۽ صبيحا وري اسان کان به وڏيون هيون. صبيحا ۽ سَرلا ساماڻيل هيون مونکي ۽ وحيد کي مُڇن جي ساول اڃان مس شروع ٿي هئي. وحيد سَرلا تي صفا مست چريو هئو، پر سَرلا کيس کنگهندي به نه هئي. جيتوڻيڪ وحيد ڏاڍو سُھڻو ڇوڪرو هئو. گلابي گلابي ڳلن سان وڏيون عقابي اکيون ۽ ڪارا ڪارا سِلڪي وار، هُو يوناني ديومالائي ڪردار جِھڙو لڳندو هئو. صبيحا شڪل صورت ۾ عام پر بُت جسامت ۾ ڀريل هوندي هئي، صبيحا جا ڏُڪ سَرلا کان سرس هئا جن ۾ شاخ واري انبڙيءَ جِھڙو جهول آيل هئو، سَرلا سنھڙي پر صفا سُھڻي هوندي هئي، ڪنهن فلمي هيروئن وانگي لڳندي هئي، هلندي هئي ته ڄڻ ڪنهن ڪهاڻيءَ جي منظرنگاري پئي ڪندي هئي. سَرلا جا ڏُڪ اڃان ڏِنگڙن وانگي پنهنجي هول ۾ ونگهڙيل هئا، پر سندس بُت ۽ هاٺيءَ تي ڏاڍا ٺھندا هئا. سَرلا، مان، صبيحا ۽ وحيد پنجين درجي تائين ساڳئي ڪلاس ۾ پڙهيا هئاسين. اسڪولي يونيفارم ۾ لڳندو هئو ته صبيحا انگي پائيندي هئي ۽ سرلا کي چولي اندران زناني گنجي پاتل هوندي هئي. وحيد جھڙو سُھڻو هئو، پڙهائي ۾ تيڏو ئي هوشيار ۽ تيز هئو. سائين ڪامل گهڻو ڪري سمورو ڪلاس وحيد حوالي ڪري پاڻ هوٽل تي چانهه پيئڻ هليو ويندو هئو، يا وري سامهون واري ڪارخاني تي سنگتين سان ڪچھري ڪندو هئو. وحيد ئي اسان سڀني کي حساب سيکاريندو ۽ سبق پڪو ڪرائيندو هئو.

هڪ ڀيري مون کي وحيد چيو ته مان سندس دل جي ڳالهه سَرلا سان ڪريان. سو لِڪ لڪوٽي راند دوران جڏهن اسان پاڙي جي هڪڙي ڀڳل خالي دڪان ۾ وڃي لِڪيا هئاسين ته مون وحيد جو نياپو سَرلا کي ڏنو هئو. اُن وقت سَرلا مون کي اهڙي ته چماٽ وهائي ڪڍي جو صفا هوش ئي خطا ٿي ويم. ڳِٽي تي هٿ رکندي سَرلا کي چيم،

“اِن ۾ منهنجو ڪھڙو ڏوهه جو مونکي چماٽ هنئي.” 

“مُنھن ڏٺو اٿئي پنهنجو جو هليو آهين، پيار ڪرڻ؟”

“پر سَرلا! مون ته توسان وحيد جي ڳالهه ڪئي، ته وحيد توسان پيار ٿو ڪري.”

“وحيد لوسي وري ڪٿان اچي عاشق پيدا ٿيو آهي، جو تو هٿان پيو نپاپا موڪلي. ڊڄڻو،  بدشِڪلو .”   مون سَرلا کي گهڻو ئي سمجهايو  پر هُن نه سمجهيو ، اِهو چئي  وڃي ٻئي پاسي لِڪي،

“وحيد جي سُونھن ۽ ذهانت منهنجي ڪهڙي ڪم جي؟” 

مون وري هڪ ڀيري رسيس ۾ صبيحا کي چيو هئو ته، “صبيحا تون مونکي ڏاڍي وڻندي آهين، مونسان پيار ڪندينءَ.” اُن وقت صبيحا ڇولن جي پليٽ کائي رهي هئي، پليٽ ۾ جيڪا آخري چٽڻي بچي هيس سا مُنھن ۾ هڻي ڪڍيائين،

“هل ڙي لوٺيا، شڪل ڏٺي اٿئي پنهنجي، پيار ٿو ڪري.” 

ٻئي ڏينهن رسيس ۾ صبيحا منهنجي بينچ تي اچي منهنجي ڀرسان ويٺي. مونکي چيائين،

“وقار! مان توسان هڪ شرط تي پيار ڪنديس، تون مونکي جيڪڏهن باغ مان انبڙيون پٽي ڏيندين ته پوءِ.” اسان جي اسڪول جي پُٺئين پاسي هڪڙو  ٻارِيءَ جيترو باغ هوندو هئو، جنهن ۾ نِم، انب، ليمي جا وڻ بيٺل هوندا هئا. مَڪو چوڪيدار جنهن جو اصل نالو مڪل شاهه هئو، سو ڏاڍو ڏنگو مڙس هئو، باغ ۾ شل ڪو ٻار وڃي، اصل چنبن سان مُنھن ڀڃي ڇڏيندو هئس. مڪل شاهه هئو ته چوڪيدار پر باغ جي سار سنڀال به ڪندو هئو. سو ان جي هوندي ڪنهن جي مجال نه هئي ته باغ جي وڻ يا ڪنھن ٻُوٽي جو پنُ به پٽي سگهي. سو مونکي مَڪوءَ جا موچڙا سُجهيا پئي، اُن ڪري صبيحا کي چيم،

“نه با! اِهو ڪم پاڻ کان زور آهي.”

“پيار ۾ ته ماڻهو آسمان جا تارا به لاهي ايندا آهن، تون وڻ تان ٻه انبڙيون، مون لاءِ لاهي نه ٿو سگهين.”

“صبيحا، آسمان جا تارا لاهڻ سولا آهن، مڪوءَ جي هوندي وڻ تان انبڙيون لاهڻ ڏکيون آهن.” اُن وقت صبيحا گَهروڙي  بُجو منهنجي مُنھن تي ڏيندي چيو هئو: 

“لوسي پيار ٿو ڪري...ڏس ته مان ڪيئن ٿي ڪنهن ٻئي کان انبڙيون پٽرايان.” بُجي جي ڪاوڙ ۾ مون کيس چيو: “اِهو به ڏسنداسين ته تون ڪيئن ٿي مڪوءَ جي هوندي باغ جون انبڙيون کائين؟”

“اِها ڳالهه آهي ته ڏسجان.” 

هفتي کان پوءِ رسيس ۾ صبيحا پنهنجي ٿيلهي مان مونکي انبڙيون ڪڍي ڏيکاريندي چيو،

“هي ڏس! انبڙيون .....” مان وائڙو ٿي ويس.

“مڪوءَ جي هوندي توکي انبڙيون ڪنهن لاهي ڏنيون...”

“ڪير وري ڪير لاهي ڏيندو، مڪوءَ پاڻ لاهي ڏنيون.”

“هانءَ! پر ڪڏهن...؟”

“صبح سوير، مان اڄ سڀني کان اڳ۾ اسڪول آئي هيس.”

“پر مڪوءَ ڪيئن توکي انبڙيون لاهي ڏنيون؟”

“انبڙين جي بدلي انبڙيون لاهي ڏنائين.” هُن کِجڪندي هڪڙي انبڙيءَ کي چڪُ هنيو ۽ معنى خيز ادا سان ڪلاس مان تڪڙي نڪري وئي. اھو جملو مون کي ورھين کان پوءِ سمجهه ۾ آيو ھئو.

اسين پرائمري کان پوءِ  مڊل به ساڳئي اسڪول ۾ پڙهياسين، لِڪ لڪوٽي راند به هلندي رهي، وحيد به سَرلا تي ساڳئي ريت چريو ديوانو رهيو. وحيد سدائين سَرلا جي گهٽيءَ سان چڪر هڻندو رهندو هئو، گهران ڪھڙي به ڪم سان نڪري پر سَرلا جي گِهٽيءَ کان ڦِرندو هئو، ڄڻ ته کانئس پنهنجي گهر وارو سِڌو  رستو وسريل هئو. پر سَرلا جنهن رستي تي هئي سو ڪڏهن به وحيد جي دل لڳيءَ ڏانهن ورڻو نه هئو. ساڳيو سُومڻيءَ جو ٽائيم هئو، وحيد جي آڳ هئي سڀ ٻار پنهنجي پنهنجي حساب سان وڃي لِڪياسين، وحيد سڀني کي ڳولي ورتو پر سَرلا نه پئي لڌي، گهڻي دير کانپوءَ جڏهن هوءَ ڪٿي به نه لڌي ته اهو ئي سمجهيوسين ته سَرلا شايد پنهنجي گهر هلي وئي آهي. راند ختم هرڪو پنهنجي گهر هليو ويو، مان اُن پراڻي دڪان جي ٿلهي تي ويهي رهيس اِن خيال کان ته کن ساهي ترسي، پگهر سُڪائي پوءِ ٿو گهر وڃان. اُن پراڻي ڀڳل دڪان جي ڀرسان ڌَني جو دڪان هوندو هئو. جيڪو  ٻارن جون قسمين قسمين شيون، سُورتيون، رانديڪا، واليون ۽ هار  دڪان تي رکندو هئو. ڌُنو شهرجي  ڀرسان واري ڳوٺ جو رهاڪو هئو، جنهڪري رهندو ڪندو دُڪان ۾ هئو ۽ گهڻي قدر صدريءَ ۽ گوڏ ۾ هوندو هئو. قد جو  ڄانگهڙيل، بُت ۾ مروٽيل لڳندو هئو، هڪڙي هٿ ۾ سِلٽ جي مُنڊي ۽ ٻئي هٿ ۾ چين واري واچ پاتل هوندي هيس. سج لهندي ئي دُڪان بند ڪري، دُڪان ۾ سُمهي پوندو هئو. سندس اِها عادت به عجيب هئي ته جڏهن به ڪنهن ٻار کي شئي ڏيندو هئو ته وري يڪدم شھپرن تي تِري گهمائيندو هئو.

مان پراڻي دُڪان جي ٿلهي تي اوندھ ۾ ويٺو هئس ته آهستي آهستي ڌني دڪان جو در کوليو. ڌني هيڏانهن هوڏانهن نِهاريو، اوندھ ڪري مونتي نظر نه پيس سو ڄڻ سڙٻاٽن ۾ ڪنهن کي چيائين؛ “گهٽيءَ ۾ ڪوئي ڪونهي، جلدي نِڪر...”

اُن ئي گهڙي سَرلا، ڌني جي دڪان مان نڪتي، اڃان ٿلهو مس لٿي ته  ڌني کيس چيو؛ “هي واليون ته کڻندي وڃ.”

هُن هٿ وڌائي سَرلا کي والين جي ننڍڙي دٻي ڏني. مان حيرت ۾ ضرور هئس پر خاموش رهيس. ٻئي ڏينهن لِڪ لڪوٽي راند ڪندي جڏهن مان ۽ سَرلا گڏ وڃي پراڻي دڪان ۾ لِڪاسين ته مون سَرلا کي اڳين رات واري ڳالهه ٻڌائي ته: “رات مون کيس ڌني جي دڪان مان نڪرندي ڏٺو هئو.” اُن لمحي سَرلا جو ردعمل اڃان وڌيڪ حيرت ۾ وجهندڙ هئو،

“ڏس وقار، ڀاءُ ناهين، ڪنهن سان به اِها ڳالهه نه ڪجان. توکي جيڪو وڻئي مون سان ڪر، ڀل تيئن به ڪر جيئن ڌنو ڪندو آهي. پر اِها ڳالهه ڪنهن سان نه ڪجان.”

“ڌنو توسان ڇا ڪندو آهي؟”

“جيڪو ڪبو آهي؟”

“ڇا، جيڪو ڪبو آهي؟”

“جيڪو ڇوڪرو، ڇوڪريءَ سان ڪندو آهي. جيڪو ڇوڪرا ڇوڪرن سان ڪندا آهن.”

“ڇوڪرو، ڇوڪريءَ سان ۽ ڇوڪرا، ڇوڪرن سان ڇا ڪندا آهن؟”

“ڪپڙا لاهي جيڪو اڳيان پويان ڪندا آهن.”

مونکي ڳالهه سمجهه ۾ آئي تہ حيران ٿي پڇيومانس، ”تون اِن گوڏِ گنجي پائيندڙ ڌني سان، جنھن جي شڪل اُٺ جي گوڏي کان بہ بُڇڙي آھي، اُن سان تون اِھو سڀ ڪجھه ڪندين آھين، اھو تہ سڄو ڏينھن بغلن ۾ ھٿ وجهي وار پٽي، وري پنھنجون آڱريون پيو سُنگهندو آھي. اِن بدشڪلي ڳنوار کان ته لک دفعا وحيد ڀلو آهي. جيڏو سُھڻو، صاف سُٿرو آهي تيڏو ئي ھوشيار به ته آهي.”

هوءَ هلڪو ٽھڪ ڏئي کِلي ۽ چيائين؛ “جيڏو سھڻو ۽ ھوشيار آهي تيڏو بزدل به ته آهي نه!؟ هڪ دفعي وحيد کي ڪاپي فيئر ڪري ڏيڻ لاءِ چيو هئم ته چيو هئائين، ’نه با مان ته ڪري نه ڏيندس، سائين ماريندو‘، پنھنجي مانيٽري بہ مون تي ھلائيندو آھي، صورتخطي به منهنجيءَ مان غلطيون ڪڍي، روز سائين کان ڌڙڪا ڏياريندو آهي.” 

مان خيالن جي دنيا ۾ گُم هئس ته حميدہ چپس ۽ ڪولڊ ڊرڪنس کڻي اچي پاسي ۾ ويٺي. چپس جي ٿيلهي ۽ ڪولڊ ڊرنڪ مونکي ڏيندي چيائين؛ “وقار! تنهنجو سنگتي وحيد ڪٿي آهي؟”

“اُهو به اِتي ئي آهي.”

“اڃان بہ ساڳيون وڏيون اکيون ۽ چمڪدار ڳٽا اٿس.”

“ها پر هاڻي ٿورو ڊِم ٿِي ويو آهي، ايج فيڪٽر بہ آهي.”

“ڪجهه به آهي، ڏاڍو شاطر لڳندو هئو.” هُن کن پل رکي وري چيو؛ “بس سندس اکين ۾ گهڻو ڪجهه هوندو هئو.”

“سندس اکين ۾ ڇا هوندو هئو.”

“تون مرد آهين نه، سمجهي نه سگهندين.”

“اهو ته آهي، نظر ۽ اک کي عورت وڌيڪ سمجهندي آهي، اُها ٻِي ڳالهه آهي ته عورت دل جو پد ڄاڻي نه سگهندي آهي. ڄاڻيندي به آهي ته اُن کي پنهنجي تارازيءَ سان توريندي آهي.” هُن هلڪو ٽھڪ ڏيندي چيو؛

“دل جو پد ڄاڻي ڪبو به ڇا؟ سڄي عمر ڪو دل ٿورئي هلندي آهي. دل جا ته بس شروعاتي جهٽڪا هوندا آهن پوءِ ته ٻيا ئي کوڙ جهٽڪا زندگيءَ ۾ شامل ٿي ويندا آهن.”

“وقار تو واري سنگتيءَ وحيدَ جو ڪڏهن به ڪو قصو نه ٻڌوسين، ڀلا وٽس دل نه هئي ڇا؟”

“دل ئي ته هئس، جنهن سان سموري عمر هليو، تو پنهنجي جاءِ تي صحيح چيو ته سموري عمر ڪو دل ٿورئي هلندي آهي پر ڪجهه ماڻهن وٽ بس سموري عمر دل ئي هلندي آهي.” هوءَ غور سان مونکي ڏسي ٿورو مُرڪي، ڪنُ منهنجي سيني تي رکندي چيائين،

“ڏسان....” کن ساهيءَ کانپوءِ چيائين: “ها با، تنهنجي دل ته واقعي هلي پئي.....” وڏو ٽھڪ ڏيندي وري چيائين: “تنهنجي دل ڪنهن لاءِ پئي هلي، اُهو ته توکان پوءِ ٿي پڇان، پھرين اِهو ٻڌاءِ ته وحيد جي دل ڪنهن لاءِ هلندي هئي.”

“وحيد جي دل پاڙي جي هڪڙي ڇوڪري سَرلا لاءِ هلندي هئي، جيڪا اسڪول واري زماني ۾ هڪڙي هٽ واري ڄٽ سان ٺهي وئي، جڏهن ڪاليج پھتي ته وري هڪڙي ٽانگي واري سان ڀڄي وئي، سو وحيد جي دل والين جي ھڪڙي دٻلي بڻجي، ٽانگي ۾ جوٽيل گهوڙي جي سُنبن ھيٺان اچي ريزہ ريزہ ٿي وئي ھئي، تنھنڪري اڄ سوڌو شادي نه ڪيائين.”

“ڀلا تو شادي ڪئي؟ ٻار گهڻا اٿئي؟”

“هڪڙي عام اڻ پڙهيل مائيءَ سان مائٽن منھنجي شادي ڪرائي ھئي، اُھا پَرُ سال گذاري وئي.”

“اف الا...ڇا ٿيس جو گذاري وئي.”

“پن جون ٻيڙيون ڇڪيندي هئي، سو سِلهه ٿي پيس.”

“تون هيڏو پڙهيو لکيو ماڻهو، روڪيندو نه هئينس.”

“ننڍپڻ کان عادت هئس، روڪڻ جو ڪو فائدو ڪونہ ھئو، عادتون بہ عضوا ٿينديون آھن، عضوا وڍجي ويندا آھن پر عادتون ناھن وڍجنديون”

“سندس وات مان ڌپ نه ايندي هيئه...!؟”

“زال مڙس کي هڪ ٻئي مان ڌپ ايندي به ته ڇا ڪبو؟ اچي به ته شينھن کي ٿورئي چئبو ته تنهنجي وات ۾ ڌپ آهي!” هُن هڪڙو وڏو ٽھڪ ڏنو،

“وقار! آهين وڏو حرامي، ڳالهه ته واهه جي ڪئي اٿئي؟” 

“حميدہ! توهان جي گروپ ۾ هڪڙي بِندري ٿُلهڙي ڇوڪري به هوندي هئي نه؟ جنهن جو مُنھن مَردن وانگي هوندو هئو، ٿورا ڏند ۽ پُٺ نڪتل هوندي هئس.”

“ها شبيران...”

“بروهي چوندو هئو، اُها گريبي ۾ هوندي هئي. گهڻن جي ادي هئي.” هوءَ مونکي حيرت وچان ڏسڻ لڳي،

“ڇا مطلب؟”

“توکي ڄڻ ته يونيورسٽيءَ جي رواج جي ڪا خبر ئي ناهي، پڪائي ڇڏ.” هوءَ کن پل لاءِ خاموش ٿي وئي وري چيائين؛ “سچ به مونکي تنهنجي ڳالهه ۽ گريبي وارو فقرو سمجهه ۾ نه آيو.”

“يار! جيئن اڪثر نڀاڳا ۽ ڊل ڇوڪرا، هوشيار ڇوڪرن جو پاسو جهليندا هئا تيئن ئي ڪوجهيون ڇوڪريون، سُھڻين ڇوڪرين جي گروپ ۾ هلنديون هيون متان ڪا ڀٽڪيل يا ڌڪاريل نظر مٿن به تِرڪي پئجي وڃي.” هوءَ مُرڪي مون ڏانهن ڏسڻ لڳي. مون سگريٽ دُکائيندي کيس چيو،

“ٻُڌ حميدہ! سچ پيو چوان، ڇوڪرا کيس ’ادي ادي‘ ڪري توهان سُھڻين ڇوڪرين تائين رسائي ڪرڻ چاهيندا هئا، پر چوندا آهن ته بِندرو ماڻهو چالاڪ هوندو آهي سو شبيران به لومڙيءَ کان گهٽ نه هئي، پنهنجا ڪم ڪڍي، چڱن ڀلن کي چلتو ڦرِتو ڪندي هئي. سو ڪيئي خط وٺي پڙهي ڦاڙي اُڇلائي ڇڏيندي هئي، توهان تائين نه پھچائيندي هئي.”

“خطن جي ته خبر نه اٿم پر اِها خبر ضرور اٿم ته سياڻو ڪانءُ ٻه ٽنگو ڦاسندو آهي، سو شبيران سياڻي ڪانءَ وانگي ٻه ٽنگي، چاچي ٻروچ ليبارٽري اسسٽنٽ سان ڦاٿي، اُن وقت ئي چاچي ٻروچ جا پورا چار ڏند ڀڳل هئا، اِهو سمجهي ساڻس شادي ڪيائين ته چاچو ٻروچ پوڙهو مُڙس آهي مٿس حُڪمراني ڪنديس، راڄ ڪنديس، زندگي مرضي ۽ ٺٺ سان گذرندي پر چاچو ٻروچ ته سچو پچو ٻروچ نِڪتو، صفا سِڌو ڪري ڇڏيائينس. جيڪي بيل باٽم پائيندي هئي سي به چاچي ٻروچ وساري ڇڏيس.”

مون هڪڙو ٿڌو شوڪارو ڀريو، “ڪاش! ائين ٻين سان به ٿئي ها...”

هُن مصنوعي ڪاوڙ مان نِهاريندي چيو؛ “ڇا چئيه؟”

“ڪجهه به نه ....”

هُن مُرڪي نِهاريو؛ “گريس فل پوڙها، اڄ وڻين پيو ڏاڍو نه ته جناخان ڪڍي ڇڏيانءِ ها. لڳي ٿو سموري عمر مونکي پِٽيندو رهيو آهين.” هُن وري ٽھڪ ڏنو.

“حميدہ! تنهنجا ٽِھڪ ضرورت کان وڌيڪ کوکلا ناهن؟”  

“ڇو؟ تو کي ڪيئن لڳو ته منهنجا ٽِھڪ کوکلا آهن..”

“کوکلن ٽِھڪن دوران ڀرجي آيل اکيون، ضمير جي عدالت ۾ توھان جي خلاف سلطاني شاھد ھونديون آھن...” هُن جون اکيون سچ پچ ڀرجي آيون، ضبط آڻيندي چيائين،

“تون چوڻ ڇا ٿو چاهين؟”

“ڪجهه به نه بس ايترو ته، مونکي رد ڇو ڪيو هيئه؟”

“بس ڪيو هئم، منهنجي مرضي.”

“تنهنجي مرضي پنهنجي جاءِ تي، پر سچ ٻڌاءِ! اڄ به پنهنجي مرضي تي خوش آهين؟”

 هوءَ ھڪدم اُٿي بيٺي، چيائين، “هل ته هلئون هاڻي، گهڻي دير ٿي وئي آهي.”

“چئبو ته تون پنهنجي مرضيءَ تي خوش ناهين، يا وري تو وٽ جواب ڪونهي.” مون زوري ٻانهن مان جهلي کيس ويھاريو، هُن منهنجي ٻانهن مان جهلڻ تي منهنجي هٿ ڏانهن نِهاريو، رِدعمل ڪرڻ چاهيندي به چُپ رهي. سندس ڪارائي مان وٺڻ سان منهنجي اندر ۾ الائي ته ڪهڙا احساس جاڳي پيا، هڪ لمحي لاءِ ڄڻ مان مان نه رهيس، ٻئي ئي لمحي احساس ٿيم ته يڪدم سندس ڪارائي مان هٿ ڪڍيم؛ “آءِ ايم ويري سوري! آءِ ايم ويري سوري!” چوندي مٿي تي ٻئي هٿ رکي ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيس..

“ڇو ڇا ٿيو وقار! ڪنڌ جهڪائي ويهي رهين، مُڙسي به بس ايتري!؟” مون کيس ڪو به جواب نه ڏنو.

“ڏاڍي دير سان منهنجي ڪارائي ۾ هٿ وِڌءِ وقار، سو به جهٽ ڪڍي ڇڏيئه...” هوءَ مون ڏانهن ورندي لاءِ واجهائڻ لڳي، مون وري ساڳيو سوال دُهرايو،

“مونکي رد ڇو ڪيو هيئه حميدہ؟ توهان سُھڻيون ڇوڪريون اڪثر چُوتين چرين ۽ بُڇڙن ٻوگهلن سان ڇو پرڻبيون آهيو؟ هان ٻڌاءِ نه؟”

“اِن لاءِ جو توهان سُھڻا ۽ هوشيار ڇوڪرا، بزدل هوندا آهيو.”

“اِهو توکي ڪنهن چيو ته سُھڻا ۽ هوشيار ماڻهو بزدل هوندا آهن.”

“منهنجي ناني چوندي هئي ته، هوشيار ماڻهو دل بدران ذهن سان هلندا آهن، ذهن سان هلڻ وارو مرد بزدل ۽ ڪانئر هوندو آهي، هونئن به چالاڪ ۽ هوشيار مرد کان پاسو ڪرڻ گهرجي. مرد هجي دل وارو ۽ سادڙو ۽ اٻوجهه. باقي شڪل شبيهه کي ڇا ڪبو.“

“بڪواس آهي اِها جيڪا تون ڪرين پئي؟ ائين هرگز ڪونهي.”

“باقي ڪيئن آهي؟ ٻڌاءِ نه.....”

“مون توکي چاهيو هئو، اُن جو اظهار به ڪي ئي ڀيرا ڪيو هئم.”

“ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪيو هيئه اظهار؟ ٻڌاءِ....”

“توکي هيڏا سارا خط جو لکندو هئس.....”

“جيڪي پوسٽ ۾ ايندا هئا؟”

“ها....”

“ مان رهندي به ٽنڊوالھيار ۾ يا وري لنڊن ۾ هيس جو مونکي داستان لِکي پوسٽ ڪندو هُئين.” هوءَ وري ٽِھڪن ۾ ٻُڏي وئي.

“اجايا ٽِھڪ ڇا لاءِ ٿي ڏين، چئو کڻي سڌو سنئون ته تو کي منهنجا داستان نه وڻندا هئا، تو کي ته بس اُهو ڪنڊيڪٽر وڻي ويو هئو، جنھن سان پھريون ڀيرو پوائنٽ بس ۾ چڙهي يونيورسٽي آئي هئين؟ توهان سُھڻين ۽ چالاڪ عورتن کي شوهر نه پر شوفر گهربا آهن.” هوءَ وري ٽِھڪن ۾ ٻُڏي وئي.

“هائو هائو، شوهر کان شوفر ڀلا نه، اکيون پوري ڊيوٽي ته ڏيندا آهن نه، ييس مين هوندا آهن نه، اُنهن جي کسجڻ جو به ڪو خوف خطرو نه هوندو آهي، نه ڪا ٻئي عورت کين ڏسي نه ئي وري قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.” مان کيس حيرت  وچان ڏسڻ لڳس، هُن منهنجو هٿ پڪڙي مونکي اُٿاريندي چيو؛ “اچ ته زو ۾ هلئون، ڪجهه جانور ڏسون.”

مان ساڻس گڏ گڏ هلندو ويس، ساڻس گڏ هلندي مسلسل سَرلا ۽ صبيحا بابت سوچيندو رهيس، مونکي سندس ڳالهيون اُنهن سان ملندڙ پئي لڳيون. هلندي هلندي هُن وري ڳالهايو؛ “ڇا پيو سوچين...”

“ڪجهه به نه مان سَرلا ۽ صبيحا بابت پيو سوچيان..”

“صبيحا وري ڪير؟” مون کيس صبيحا وارو سمورو قصو ٻڌايو، هوءَ وري ٽھڪ ڏئي کِلڻ لڳي.

“صبيحا هيڏو سارو سبق ڏئي وئي هيئه پوءِ به زندگيءَ ۾ سمجهي نه سگهين ته ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ اياڻو به ٿئڻو پوندو آهي.”

“ڇا مطلب، مان سمجهيس نه.... “

“هاڻي سمجهي ڪندين به ڇا؟ هل هلي جانور ڏس بس...” مان خاموش ٿي ويس، هلندي هلندي هُن وري چيو،  “ٻُڌ وقار! اڳ ۾ جيئن منهنجي ڪارائيءَ مان پڪڙيو هيئه، جيڪر اُن ڏينهن به ائين پڪڙين ها نه....؟”

“ڪڏهن....!؟” مان کيس حيرت وچان ڏسڻ لڳس.

“يونيورسٽيءَ واري زماني ۾ اُن ڏينهن جڏهن پوائنٽ بسن تي بلديا وٽ فائرنگ ٿي هئي، تون به ساڳئي پوائنٽ بس ۾ شھر اچي رهيو هُئين نه؟ فائرنگ مھل مان به ته هيسيل حالت ۾ اڳئين گيٽ جي جهنگلي وٽ بيٺي هيس، پر تون مونکي ڏسڻ بنا ئي خوف وچان لهي پنهنجو سِر بچائي ڀڳو هئين. وري به مونکي مُجيب ڪارائي مان وٺي بس مان لاٿو هئو ۽ لجپت روڊ واري نيم جي گهٽي مان ڀڄائي، خير سان گهر پُھچايو هئو.” منهنجي ذهن تي يڪدم سرلا جا جملا اچي ويا،

“وحيد صفا ڊڄڻو آهي، هوشيار ۽ سُھڻو آهي ته ڇا ٿيو، اڳئين ڀيري راند ڪندي گهٽيءَ ۾ ڪُتن جي ولر اسان سڀني تي ڀونڪون ۽ اُلرون ڪيون هيون، سڀ ٻار ڊڄي ڀڄي ويا هئا، مان ڊپ ۽ خوف ۾ اکين تي هٿ رکي اُتي بيهي روئي رهي هيس، وحيد منهنجي ڀرسان ئي بيٺو هئو، ٿوري ئي دير ۾ پنهنجي ڪارائي ۾ ڪو هٿ محسوس ڪيو هئم، ‘اچ اچ ڊڄي بيهي ڇو رهين آهين’ اکيون پٽي ڏٺو هئم ته اُهو ڌنُو هئو جيڪو دڪان ڇڏي مونکي ڪتن کان بچائڻ آيو هئو، وحيد جيڪو منهنجي ڀرسان بيٺو هئو سو پنهنجي بزدليءَ ڪري گُم هئو. ڌنُو ڪتن کي هوشرون ۽ دڙڪا ڏيندو مونکي گهر تائين ڇڏي آيو هئو. اِ”

اسين جانورن جي پڃرن تائين پھتاسين، مان مسلسل سوچيندو ئي رهيس.

هوءِ وري مخاطب ٿي؛ “وري ڪهڙي خيال ۾ گُم آهين، وقار؟”

“هون! هِن ڪاري باندر متعلق پيو سوچيان.” اسين هڪ باندر جي پڃري وٽ بيٺا هئاسين.

“ڇا پيو اِن متعلق سوچين...؟”

“سوچيان پيو ته ڏس ويچارو صفا تنهنجي ڪنڊيڪٽر مڙس جُنيد جِھڙو پيو لڳي.” هوءَ اُداس ٿي وئي، سندس اکيون ڄڻ ڀرجي آيون، مونکي لڳو ته مون وري غلط ڪيو، سو کائنس معافي ورتم،

“نه نه وقار، تون معافي نه وٺ مونکان، مان ته بس سندس وڇوڙي تي اُداس ٿي ويس.”

“وڇوڙو مان سمجهيس نه......”

“ڪراچي واھه وٽ پوائنٽ بس جو جيڪو ايڪسيڊنٽ ٿيو ھئو، ان حادثي ۾ جُنيد گذاري ويو، اخبارن ۾ بہ اُن ايڪسيڊنٽ جي خبر آئي ھئي، ھاڻي تہ اُن حادثي کي بہ ڪيئي سال ٿي ويا آھن.”

“سُھڻي موچاري لڳي پئي آهين، فگر به مينٽين رکي اٿئي، ٻِي شادي نه ڪيئه ڇا؟” مون موضوع مٽائڻ لاءِ چيو

“نه بس دل نه مڃيو...”

“چئبو تڏهن هتي باندر ڏسڻ ايندي آهين،...” هوءَ وري  ٽِھڪن ۾ ٻُڏي وئي. سندس ٽھڪن کانپوءِ وري هڪڙي خاموشي اچي وئي، اسين زو ۾ هلندا رهياسين. هُن وري مون ڏانهن نِھاريندي چيو،

“چُپ چُپ آهين، ڪجهه ڳالهاءِ نه! وري ڇا ٿيئي؟”

“حميدہ! نوانوي سيڪڙو عورتون، مڙسن کي غلام بڻائڻ چاهينديون آهن ۽ غلامن جون زالون ٿيڻ پسند ڪنديون آهن.” هُن هڪڙو وڏو ٽھڪ ڏنو،

“مطلب ته تون يڪو پيو اِن ڳالهه تي سوچين...”

اُن وقت اسين ببر شينهن جي پڃري سامهون هئاسين، شينهَڻ، ڪيھر شينهن جي سامهون مُنھن، مُنھن ۾ ڪري ويٺي هئي، شينهن پنهنجي رعب تاب سان پڃري کان ٻاهر گهُوري رهيو هئو ۽ شينهَڻ ھر ڳالهه کان بي نياز، ڪنھن وقت  شِينھن جون واڇون ته ڪنھن وقت چنبا چَٽي رهي هئي.  

“ٻڌ وقار! هيءَ راڻي آهي نه؟ راڻي شينهَڻ جنهن جي نالي سان راڻي باغ آهي.”

“نه نه اُها ته ڪي ورهيه ٿيا ويچاري مري وئي، هي ڪا ٻِي شينهَڻ آهي، پر ڀائيان ٿو تہ آهي اُن جي ئي نسل مان.” هُن يڪدم پڇيو، “۽ شينهُن؟”

 مونکان بي ساخته چئجي ويو، “شينهُن ته بادشاهه آهي.”

“شينهُن ته جهنگ جو بادشاهه آهي، هتي وري هِن پڃري ۾ ڇا جو بادشاه؟“

“شينهُن بادشاهه ئي هوندو آهي جهنگ ۾ هُجي يا پڃري ۾، ڏسين نه ٿي ڪيئن دٻدٻو ڪيو ٺاٺ سان ويٺو آهي.”

“جيئن تون بادشاهه آهين ....سموري عمر ٺلهي ٺاٺ تي به بادشاهه رهيو آهين.” هوءَ وري ٽھڪن ۾ ٻڏي وئي.

“ڪنهن ڊرائيور ڪنڊيڪٽر، ڪنهن چور رشوت خور، ڪنهن غلام جي زال ٿيڻ کان بھتر هئو ته مون ٺلهي ٺاٺ واري ئي سھي بادشاهه جي زال ٿين ها ته تون به راڻي بڻجي وڃين ها ۽ هي راڻي باغ تنهنجو باغ به هجي ها.” هُن وري هڪڙو وڏو ٽھڪ ڏنو،

“مُنھن ڏسوس! بادشاهه جو... “

“اڙي چري، مون ٺلهي کي ئي تون چاهين ها ته بادشاهه بڻائي، پاڻ بادشاهه جي زال ٿي ويهين ها، بجاءِ مڙس کي غلام بنائي، غلام جي زال ٿيڻ جي. شينهن به ته پڃري ۾ هوندي بادشاهه آهي نه، تون به پنهنجي پيار جي پڃري ۾ قيد ڪري مونکي پنهنجي مَن ۽ دل جي رياست جو بادشاهه بنائي ڇڏين ها.” هوءَ پڃري تي هٿ رکي بيٺي هئي ۽ غور سان ڪيھر شينهُن ۽ شينهَڻ ڏسي رهي هئي، منهنجي دل ۾ خيال آيو ته ‘اڄ موقعو آهي، منهنجي زال به مري وئي آهي ۽ حميدہ جو مُڙس به گُذاري چڪو آهي، ٻئي تن تنها ۽ اڪيلا آهيون ڇو نه سندس هٿ وٺان، مان هُن جو ۽ هوءَ منهنجو سهارو ٿي پوندي.’ سو مون پنهنجو هٿ سندس هٿ تي رکيو ۽ چيم،

“اچ حميدہ! هاڻي ته پنهنجو هٿ ڏئي ڇڏ مونکي.... منهنجي توسان ڏاڍي دل آهي.” هُن يڪدم پنهنجو هٿ پري ڪري ڇڏيو، مونکي هڪ نفرت آميز نظر سان ڏٺائين پوءِ مُنهن ڦيرائي چيائين،

“عورت ڪنهن غلام يا بادشاهه جي غلامي بي دِلي سان قبول ڪري ويندي آھي، پر ڪنهن بزدل جي دل، بي دِليءَ سان به قبول ناهي ڪندي.” هوءَ تڪڙي تڪڙي مونکان پري هلي وئي.

 

(ضراب حيدر جي فيسبڪ وال تان ۵ فيبروري ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment