Monday, February 15, 2021

اڳيان به ڪاف ته پويان به ڪاف

اڳيان به ڪاف ته پويان به ڪاف

مختصر ڪهاڻي

نصرت سڪندر



”فيقيرن جو سڳڙو مون کي ڪين لڳڙو...“

ڳاڙهي مني بس، جنهن جي درين جي شيشن تي پکين جون سهڻيون تصويرون ٺهيل هيون ۾ شمن علي ميراليء جي گاني جي ڌم لڳي پئي هئي.

اها مني بس جنهن جي سيٽن تي رنگ برنگي ڪشن چڙهيل هئا، سا ڳاڙهي لاري جي نالي سان پوري تر ۾ مشهور هئي، جنهن ۾ ڪجهه ڇسا مرد ۽ ڪاليجي ڇوڪرا رڳو ان ڪري چڙهندا هئا جو ڊرائيور سندن پسند جا گانا هلائيندو هو. مني بس جي اڳيئن دروازي کان ڪنڊيڪٽر شهر جي نالي سان لاڳيتو آواز ڏيندو رهندو هو. اهو مشڪي ڪنڊيڪٽر به عجيب هو، مٿي تي سنڌي ٽوپي ابتي رکي، ٻنهي ڪنن ۾ پنجن رپين وارا سڪا رکي، وڏن پانچن واري ڪانچ جو هڪ پانچو مٿي ڪري، سواري کي پيو سڏيندو هو، سندس اکيون هيڊيون ۽ ڏند پيلا هئا.


اهو ٻن پهرن جو وقت هو، اسٽارٽ ٿيل بس جو ٿلهو متارو ڊرائيور شيشي ۾ ديد اڙايون  هڪ هٿ هينڊل ۾ ٻئي هٿ سان گانگٽ جيڏي ڪارو رنگ لڳل مڇ کي وٽ ڏئي بس ۾ ويٺل عورتن کي گهوري رهيو هو، سندس ٽڪڻ جي پاسي کان ننڍڙو پکو هليو ٿي، پر گرمي اهڙي ڄڻ اهو پکو همراهه تي ڪو اثر ئي نه ڪري رهيو هو ۽ هو نيري رنگ جو چورسو رومال، جنهن جي ڪنڊن ۾ ايراني پٽ جا گل لڳل هئا تنهن سان منهن تان پگهر اگهي رهيو هو، قميص جا سڀئي بٽڻ کليل هئس ۽ اندر پاتل گنجي جنهن تي گلابي پٽ جي ڀرت سان دل ۽ ان ۾ تير لڳل هو، جيڪو صاف نظر پئي آيو.

مني بس پريان کان تڪڙيون وکون کڻي ايندڙ مائي لاءِ بيٺي هئي. آپا ھدايت به سهڪندي سهڪندي اچي بس تائين پهتي ۽ ٽين نمبر سيٽ تي منهنجي ڀر ۾ ويٺي.

 هن کي ڪارو برقعو پهريل هو. هلڪي قد واري آپا هدايت، جنهن جو رنگ سانورو هو، اڌڙوٽ عمر جي ماسترياڻي هئي ۽ کيس گلابي رنگ جا فائيل ۽ ڪجهه رجسٽر ڪڇ ۾ هئا، جيڪي هن بس ۾ سيٽ تي ويهڻ وقت جهوليءَ ۾ رکيا. آپا هدايت کي اسڪول کان واپسيءَ تي آفيس جا چڪر ڪاٽي بيزار ٿي چڪي هئي. هر ڀيري آفيس وارن کيس ٽاري ڇڏيو ٿي. ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن آپا بيزاري مان جونئير ڪلارڪ کي چيو:

”ادا هاڻي ته هن پنڌ مان جان ڇڏايو.“

ان تي ان جوان جونئير ڪلاڪ مرڪي ڪنڌ نفيءَ ۾ لوڏيندي چيس؛ ”آپا ماڻهن کي سرڪاري ڪم مسخري لڳندا آهن، پر آپا ڇا ڪجي سرڪاري فائيل ته ڪاغذن جا بکيا هوندا آهن.“

ان تي هدايت من ئي من ۾ سوچيو: ”ڪاغذن سان ته فائيل جو پيٽ ڀري ڀري ٿڪجي پئي آهيان، اڃا مئي جو ڍڍ نٿو ڀرجي...!“

آپا هدايت جو مڙس سڄڻ پڻ استاد ۽ پنهنجي پيشي سان پيار ڪندڙ سچو انسان هو. جڏهن کان استاد سڄڻ جو اسڪول ۾ هلندڙ بجلي جي ڪم دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب موت ٿي ويو، تڏهن کان آپا هدايت پنهنجو جيترو خيال رکندي هئي اهو به رکڻ ڇڏي ڏنو هو.

مون کي آپا هدايت کي پهريل ڳاڙهي رنگ جي جوڙي ۽ برقعي جي سنهن ڪارن پردن مان سانوري منهن تي لڳل ڳاڙهي سرخي چپن تي ڏسي حيراني ٿي. اڄ هوءَ ڏاڍي اداس لڳي رهي هئي، اکين ۾ پاڻي ڀريل هيس.

آپا هدايت هڪ سادگي پسند ماٺيڻي طبيعت واري مائي هئي. پنج وقت نماز جي پابند، وقت جي پابند استادياڻي ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکندڙ مائي. هن کي اسڪول ۾ نوڪري ڪندي، سورهون سال هو. ھوءَ اڪثر شاگردياڻين کي دعا ڏيندي هئي: ”الله ڪندو اوهين پڙهي لکي عزت سان منزل ماڻينديون.“ جڏهن به ڪو سندس آڏو نياڻين سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر جي ڳالهه ڪندو هو ته هوءَ من اندر ۾ ڏڪي ويندي هئي ۽ چوندي هئي: ”بس الله سائين هر نياڻي کي پنهنجي پناهه ۾ رکي، باقي زمانو ڏاڍو خراب آهي.“

هن مڙس جي مرڻ کانپوءِ جيئن ئي پينشن وارو ڪم ڪرائڻ لاءِ آفيس جا چڪر هڻڻ شروع ڪيا ته کيس انسانن جي روپ ۾ وحشي درندا نظر اچڻ لڳا. شروع شروع ۾ ته ڪلارڪن ڏٽا ڏيندي چيو هوس: ”آپا اوهين فڪر نه ڪريو، اسين ويٺا آهيون نه!  اوهان جو ڪم سمجهو اسان جو ڪم.“

اهڙا مٺڙا ٻول ٻڌي سادي طبعيت واري هدايت سندن نيتن کي نه سمجهي سگهي هئي. 

بس ۾ گرمي وڌندي پئي وئي ٻوسٽ جهڙو ماحول ٿي پيو، پگهر جي ڦڙن سان گڏ آپا هدايت جي اکين مان وهندڙ ڳوڙها سانوري منهن تي ليڪا ٺاهيندا پگهر سان ملندا پئي ويا.

اهو لقاءُ مون ڪارن سنهن پردن مان پئي ڏٺو ۽ سڏڪا پئي محسوس ڪيا.

آپا هاڻي سندس چار پٽن ۽ ٽن نياڻين جي سنڀال لاءِ اڪيلي ٿي پئي ھئي. مڙس جي گذاري وڃڻ کان پوءِ هوءَ مون کان اڌارا سڌارا پيسا به وٺندي هئي ۽ پگهار ٿيڻ مهل، بنا گهرڻ جي واپس ڏئي ويندي هئي.

اڄ آپا هدايت اسڪول مان سوير موڪل ڪري آفيس لاءِ نڪري وئي هئي. هن کي ڪلارڪ پڪ ڏياري هئي ته سندس ڪم ٿي ويندو.

اسٽاپ تان ليمي پاڻي وارو بس ۾ چڙهيو. گرمي ڪارڻ، مون هن کان ليمي پاڻي جا ٻه گلاس ورتا. هڪ آپا کي ڏنم، ٻيو پاڻ پڪتم ۽ پرس مان پيسا ڪڍي هن کي ڏنم. مون آپا کي پاڻي پيئڻ لاءِ زور ڀريو. ليمو پاڻي ختم ڪرڻ کان پوءِ آپا کان حال احوال وٺڻ جي ڪوشش ڪيم.

ايتري ۾ آپا جي موبائل جي ٽون وڳي ۽ هن سندس پراڻي ڪاري رنگ جي چمڙي جي پرس جي زپ کولي ۽ نوڪيا موبائل ڪڍي جنهن جي اسڪرين تي سنڌيء ۾”ادا سليم“ لکيل هو.

آپا فون اٽينڊ ڪئي.

”جي ادا چئو“ آپا ڳالهايو. هوءَ منهنجي کاٻي پاسي کان ويٺل هئي تنهن ڪري موبائل جي اسپيڪر مان نڪرندڙ آواز مون کي به صاف ٻڌڻ ۾ پئي آيو.

ٻئي پاسي کان ڪنهن مرد ڳالهايو: ”ڳاڙهو جوڙو پائي اچين ٿي نه... ڪڏهن سمجهندين ته هن دنيا ۾ ڏيڻ وٺڻ بنا ڪم نه ٿيندا آهن...!“ ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳو.

آپا وڌيڪ لفظ به نه ڳالهايو ۽ فون ڪن تي رکي، ٻڌندي رهي. منهنجي تڪڻ تي آپا بنا اعتراض جي فون مون ڏانهن وڌائي، مون ڪن تي رکي ته آواز آيو: ”تنهنجي مڙس جا پيسا توکي ملي ويندا، بس ڳاڙهي وڳي ۾ ڏنل ايڊريس تي انتظار پيو ڪيان، شام جو اتي پهچي وڃ....“

ايتري ۾ موبائل مان پي ٽي سي ايل جي گهنٽي وڄڻ جو آواز آيو ۽ ادا سليم، موبائل بند ڪرڻ بدران، پي ٽي سي ايل تي ڪال اٽينڊ ڪئي. ٻئي پاسي واري جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ، هن ڳالهايو: ”اسان جي اڳيان به ڪاف ته پٺيان به ڪاف آهي.“

مون موبائيل مان ڪمري ۾ هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جا ٽهڪ، ٽائيپ رائيٽر جي آوازن ۾ گم ٿيندي ٻڌا. مون ويران نظرن سان آپا کي ڏسي موبائيل ڏنو، هو فون وٺي ڪنڌ جهڪائي سڏڪا ڀرڻ لڳي.

 

(نصرت سڪندر جي فيسبڪ وال تان ۱۵ فيبروري ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

Post a Comment