Friday, February 19, 2021

بـيـرو ۽ موتي

بـيـرو ۽ موتي

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



ھوٽل ۾، ھڪڙي ڪنڊ ۾ رکيل ٽيبل تي، شاعر معشوق موتي ويٺو آھي. کانئس اک بچائي، ٻيءَ ڪنڊ ۾ رکيل ٽيبل تي اچي ويٺو آھيان. ويجھو وڃانس ھا ته ڳچيءَ پئجي وڃي ھا. چانھه جي صلاح ڪري ھا پر آخر ۾ پئسا مون کي ڀرڻا پون ھا. شاعر ماڻھو آ، بي حوصلائيءَ ۾ ڪيترو به کائي سگهي ٿو. ان کان علاو، مٿو مفت چٽي ھا.


تخلص ته موتي اٿس پر بقول سندس؛ استاد کيس موتي سڏيندا هئا. ان جو سبب ٻڌائيندو آھي ته ڳالھائڻ ۾ موتي پوئيندو ھئس.

شاعري، اعلى قسم جي ڪندو آ. جتي به ۽ جنھن ھوٽل ۾ به، بئرو يا دخل وارو، ٺاھوڪو ڇورو ھوندو ته ھن مان ڦاٿو. اگر اھي مانيءَ وانگر ملن ته خريد ڪري کائي ڇڏين. سڃائيءَ سبب، پري کان رڳؤ اکيون ٽمڪائيندو آ.

ننڍي ھوندي، درسي ڪتاب ۾، احمد ۽ ڪتي واري آکاڻي پڙهي ھئائين. ان ۾ ڪتي جو نالو موتي ھيو. ڪتو وفادار جانور آ. جنھن جي در تي ھوندو، مرڻ گھڙيءَ تائين، ساڻس وفاداريءَ جو ثبوت ڏيندو. ڪتي جي وفاداري، فقط مانيءَ جي ٽڪر کان شروع ٿي ھئي. تيئن ھيءُ به پاڻ کي وفادار ثابت ڪرڻ لاءِ سھڻن جي ھٿن جا ٽڪر کائيندو آھي ۽ موتي سڏائيندو آھي.

ھوٽل ۾ ان لاءِ نه ويھندو آ ته احمد وانگر ڪو اکيون ٽمڪائڻ تي، من ڪو ٽڪر وجهيس. ماني ته پئسن تي کائيندو آ، ديدار رونگ ۾ ڪندو آ. جيترو دير ھوٽل جون ڪرسيون ٽيبلون سيڙائي ٿو، شڪ آھي ته ديدار جو حساب، بل ۾ هڻي ڇڏيندا ھوندس. ھن کي ته شاعريءَ ئي ڇتو ڪري وڌو آ. بحر وزن جي حساب کان سواءِ مغز ۾ ٻيو حساب ئي نه ويھندو اٿس.

ڪٿي پڙهيو يا ٻڌو ھيائين؛ مجنونءَ کان جڏھن پڇيائون؛ ڪتي جا پير ڇو چميئي؟ مجنونءَ ورنديءَ ۾ چيو هيو؛ ڪتو، ليلى جي گھٽيءَ مان، انھيءَ مٽيءَ تان لنگھي آيو آھي، جيڪا ليلا جي پيرن کي لڳي ھئي. مان انھيءَ مٽيءَ کي چميو آھي.“‘

تنھن کان پوءِ، ھن به موتي چوائڻ شروع ڪيو. ان اميد تي ته من ڪو سندس پير چمي. اھا خبر ئي نه ھيس ته سندس جھڙو ڪو ٻيو مجنون ئي ناھي.

اھو وري ڪيئن؟ موتي به پاڻ، مجنون به پاڻ.

نه نه! اهڙو فلسفو ڀلجي به ذھن ۾ نه آيو ھوندس. اچيس ھا ته ھوند ترقي ڪري ليلى ٿئي ھا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي، ترقي پسند شاعرن مان ٿي وڃي ھا.

ڪو به شعر، ڪا به پبليڪيشن ڪا نه ڇپيندي اٿس. سريلو، وري اهڙو آ. شعر ڇا ھوندا اٿس! رڳو بئرن جي تعريف ۽ ڪئنٽين جي مانيءَ جو ذڪر. پبليڪيشن وارن جي تعريف ته ڪري ئي نه. وقت مليس ته ڪري. ھڪ سڃائي، ٻيو سيٽ. بئرن تي به عاشقي ان لاءِ، ته من ڪا ماني، ٻيو نه ته چانهه مفت ۾ نڪري. پبليڪيشن وارن کي چانھه ڪو نه پياري. مسئلا ٿا حل ٿين گِو ائنڊ ٽيڪ سان. ھيءُ اھو، ڪري ڄاڻي ئي ڪين.

ڀلا پبليڪيشن وارن جي تعريف ڪري ته ڇو؟ منجهانئن، کيس ڇا ٿو ملي؟ ڀلي، جنھن ڏي به شاعري موڪلي. ڇپيندس ئي ڪو نه. کانئن، بئرا چڱا. ٻيو نه ته سھڻين ٻانھن وارن ھٿن سان، پاڻي ته پيارينس ٿا. اکيون، اکين ۾ ملي، پڻ ٿڌيون ٿين.

جنھن ھوٽل جو بئرو يا مالڪ، ڇورو ھجي، پڪ سندس معشوق ھوندو يا عاشق ضرور ھوندو. اهڙي قسم جو رنگين ماڻھو ته آھي. اک اڙائي، اصل نه ڪڍي. گيدوڙي جي گگ چنبڙي. جنھن سان اٽڪيو، سو منجهانئس ڦاٿو.

هينئر به ٻئي اکيون بئري جي پويان پويان پيون ڦرنس. رکي رکي، ڪارين اکين ۾ ٿو ڏسيس پيو. ڄڻ ڪتاب پيو پڙهي. ھاڻي بيئري پٺي ڏني آھي ته به نظر نٿو ڪڍيس. خيالن ۾ گم ٿي ويو آھي. ڄڻ ڪتاب ۾ لکيل فلسفي تي غور ڪندو ھجي. اھي ڇند ۽ مڪر اٿس.

سڃو ماڻھو، مڪر نه ڪري ته ڇا ڪري؟ سوال آ؛ ڪنھن چيس ته شاعري ڪر؟ جڏھن جڳ کي خبر آ ته شاعري ڪرڻ سان صدر نه بلڪ سڃو ئي ٿبو. جواب آ؛ سڃي ماڻھوءَ لاءِ ڀلا ڌنڌو ڪھڙو آھي؟!

ھڪ دفعي پڇيومانس؛ ”موتي ڏي خبر! ڪو ٽڪر نصيب اٿئي؟ وڏيءَ سوچ مان ائين نڪرندي، جيئن سوڙهيءَ گھٽيءَ مان ھاٿي نڪرندو ھجي، وراڻيائين؛ يار! ڇورو مون تي صفا عاشق ٿي پيو آھي.

پڇيومانس؛ ”ڪھڙو؟ بئرو يا دخل وارو!“

وراڻيائين؛ دخل وارو وري اسان سان ڪٿي ٿو اک ملائي. ان تي ته مان عاشق آھيان. مان ھن بئري جي ٿو ڳالهه ڪريان. اھو صفا ڪلهه مري ويو.

چيومانس؛ ڊاڙ ڇو ٿو هڻين؟ مجنون عاشق هئو. ليلى مجنونءَ تي عاشق ٿورو ئي ھئي.

چيائين؛ ”پوءِ تون ٻار آھين! تون عشق مان ڪجهه نه ڄاڻين. تاڙي ھڪ هٿ سان نه وڄندي آھي. عشق ٻه طرفو ٿيندو آھي.

تنھن تي چيومانس؛ اھو جڏھن ٻه طرفو ھجي ته پوءِ عشق چئونس نه.

باقي هيءُ وري ڇا آھي؟ شوخ ٿيندي چيائين.

بحث کي ٿورو موڙ ڏيندي چيومانس؛ ”تو اھو غلط پڙهيو آھي ته ليلى مجنونءَ تي عاشق ھئي. يا تو کي ڪتاب غلط مليو ھوندو. ڪنھن پبليڪيشن ڪمائڻ خاطر ڪتاب ۾ نواڻ آندي ھوندي. يا تنھنجي ٻيڙي ٻوڙڻ جو خيال ھوندن. باقي هي ڇورا ٿا تو تي عاشق ٿين، جو ملڪ ۾ ماڻھو ويا آھن کٽي.

هر ھڪ جي ڳالهه غور ۽ ادب سان، ڪنڌ هيٺ ڪري ٻڌندو آ. اھا ڳالھ ٻڌڻ وقت به، ڪنڌ جھڪيل ھيس.

ڳالھ پوري ٻڌي، ڪنڌ مٿي کڻي چيائين؛ ”يار مان به ائين ئي ٿو سمجھان. پر مجنونءَ جو چيو پئي ته ليلى منھنجي عاشق آھي.

چيومانس؛ “اھو ته ٿيو ئي مجنون، انھيءَ کي جيئن وڻي تيئن پيو چوي. تون ڇو ٿو چوين. ھو تو تي ڪيئن عاشق ٿيو؟ تنھنجي چاچي جو پٽ آھي؟“

منھنجي انھيءَ سوال جي جواب ۾ چيائين؛ ”اڙي يار! تو کي خبر ناھي. اڄڪلھ جنھن جو جنھن سان جيترو معاملو ٿيو، سمجھ ته ڪم ٿي ويس. وري ٻي ڳالهه ته هي ڇورو شھري به آھي.

“ائين چئو نه! ته تنھنجو ڪارو منھن آ. باقي ڇورو تو سان عشق ڪندو ته نوڪري ڪيئن ڪندو! ڪمائيندو ڇا، کائيندو ڇا؟ مالڪ ئي انھيءَ شڪ ۾ ڪڍي ڇڏيندس ته عاشقن کي ٿو مفت ماني کارائي.

اڙي يار! ھن کي انھيءَ نوڪريءَ جي پرواهه آھي ڇا. حڪم ڪري ته الائي ڪيترا، موٽر سائيڪلون ڪاھي اچي در تي بيھنس.

ھا! پوءِ سائين جن جو ڇا ٿيندو. شاعري ڪنھن لاءِ ڪندئو؟!“

ھونئن وري، منھنجو گذر رڳو شاعريءَ تي آھي ڇا؟ اڙي بيوقوف! اسان جي شاعري ڪو ڇپي ئي ڪو نه! سدائين رديءَ جي ٽوڪريءَ حوالي. ھڪ دفعي پڪوڙا ورتم، ته پني تي منھنجا ھٿ-اکر لکيل هئا. اھي شعر، مون ڪامڻي پبليڪيشن وارن ڏانھن موڪليا هئا.

ڳالھائڻ جو به ڳھير آ. نه وارو ڏيندو، نه وٺ. ڳڪ ٿي پوندو پر سڏائيندو، موتي. نقلين وانگر، اجايو اصلي ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو. ڏک اھڙي ڏيندو، ڄڻ خانداني شاعر ھجي. شاعري ۽ بڪ، ڄڻ ابي ڏاڏي کان ورثي ۾ مليل ھجيس. ڪمزور موتيءَ وانگرپيو تڪيندو ته ڪڏھن ٿو، طاقتور موتي، موتڻ جي پچر ڇڏي ۽ ھن کي وارو ملي. اھا ٻي ڳالھ آھي ته وارو ٻنھي ھنڌ نه مليو اٿس. نه شاعريءَ ۾، نه ڇورن ۾. ملندس به ڪو نه. ڳڙ کائڻ لاءِ به مھانڊو کپي.

جي چئبس؛ ڇورن مان اجايو اڙجي ويندين؟ ڪا شادي ڪر. ته ٺھه پھه وراڻيندو؛ ”سرُ ئي مس ٿو پالي سگھان! انھيءَ کي وري ڪير پاليندو؟“

اھا به ڪنھن بيري جي سھاري هلندي. ٿي سگھي ٿو تو کي ڪا زحمت ئي نه ڪرڻي پوي.“ ٽوڪ طور چئبس ته يڪدم وراڻيندو؛ يار! اهڙي به ڪا ملي نه. اسان کي ته ملندا رڳو کجيءَ جا جن. اٽي ۽ لٽي ۾ به ٽوٽ. رات جو بسترو جھڙو وڇايو، تھڙو نه وڇايو. ھجين ڪو جنسي ناول پڙھيل ته خبر پوين. شاديءَ جا ڳجهه، ڪتاب جو نالو به نه ٻڌو ھوندائون. سمھڻ سانجڻ جون جڏيون، ڪٿان ويھاري کارائينديون.

اهڙين ڳالھين ۾ مڙيئي ڪڏھن ڪڏھن براڊ مائينڊيڊ ھوندو آھي. اگر چئبس؛ جنسي ڪتاب، پاڻ پڙهي ٻڌائجانس!“ ته وراڻيندو؛ ڇڏ يار! ماڻھو ٿڪون هڻي مارين.

اڙي يار ڇا ھي پوءِ! ٻيا جي ائين ڪن ٿا ۽ ائين ڪري ھو ترقي به ڪري ويا.

اھا ٻي ڳالهه آھي ته سندن جويون ٻيا پرڻجي ويا. لقمو ڏئي، جملو پورو ڪندو. بلڪ اڳتي به چوندو؛ ۽ ھو رڳو چوندا رهيا ته نھالين گي تو پاڪ ھو جائينگي. اھا ڳالهه، ڪم از ڪم اسان جي لاءِ شرم لائق آھي.

اگر چئبس؛ يار! شرم ھوتي هي شرم گاھ ڪو. انھن کي ڇو ٿئي. گھڙيءَ لاءِ اکيون بند ڪرڻيون آھن. ان تي بور ٿي ويندو ۽ ھوٽل مان اٿي هليو ويندو. سندس بل به اسان کي ڏيڻو پئجي ويندو. ڄڻ بحث ئي ان لاءِ سوريائين.

شاعر ماڻھو آھي. سدائين گھريءَ سوچ ۾ ھوندو آھي. ڪڏھن ڪڏھن مان به گھريءَ سوچ جو فائدو وٺانس. ھو سوچ ۾ غرق، مان ھوٽل مان غائب. ويٺو ٻاٿون کائي. ھڪ دفعي ته رات جو مالڪ موراڳو ٿيلھا ڏياري ڪڍيس. کيسي جانچڻ کان سواءِ ھوٽل ۾ اچي ويٺو ھيو. ڄڻ ڳوٺ جي اوطاق تي ويٺو ھجي.

شاعر جو آھي. گم ھوندو ڪنھن سوچ ۾. حالانڪ سوچ ٿيندي آھي پئسي واري کي. ھن کي ڪھڙي ڳڻتي آھي، ڪا خبر ناھي. دوستن جي راءِ آھي ته؛ ٺڳ آ! سنگت کي بيوقوف ٿو ٺاھي. چانھ ڪڍڻ جو ڍنگ اختيار ڪيو اٿائين. اهڙي اداڪاري نه ڪري يا بئري کي معشوق نه بنائي ته پوءِ ڪم ڪيئن هلنس. شايد ڪنھن آڙيڪاپ ليکڪ جي بئرن تي لکيل ڪھاڻي پڙهيل اٿس جو اھي نمونا اختيار ڪيا اٿائين.

شاعر ته رڳو شاعري پڙھن. ادب سان ڪو ھنن جو ڀُلَ ڀُلايو به واسطو نه. جي مفت ۾ ڪٿان شاعريءَ جو ڪتاب هٿ آين ته ڪِوِل وانگر گھلي هڻندس ذھن جي ٻر ۾. باقي ٻيو مڙيئي خير. اگر ڪھاڻيون پڙهي ھا ته اھي بيوقوفن وارا ناٽڪ نه ڪري ھا. ٽڪون ۽ ترڪيبون سکي وڏو شاعر ٿي پوي ھا! جيئن پريل پرديسي ٿيو آ. پاڻ وڃي ٿو سڪندو پر سندس رت شعر ۾ ۽ شعر نوٽن ۾ وڃي ٿو تبديل ٿيندو. پنھنجي رت جي ڦڙي ڦڙي مان ٿو ڪمائي. حلال ٿو ڪمائي. ھن وانگر بئرن ۽ هٿ ٺوڪين معشوقن جي ھٿن ڏانھن ڪو نه ٿو تڪي، ته ڪڏھن ٿا مانيءَ ٽڪر اڇلين ۽ ڪڏھن ٿو هي پڇ لٽڪائي ۽ ڳڙڪائي.

گمان آھي ته احمد ۽ ڪتي واري آکاڻي به کيس پڙهيل نه ھجي ھا پر استادن مار ڏئي درسي ڪتاب ۾ پڙھائي ھئس. هيءُ ته ننڍي ھوندي کان ئي رولو ۽ گونڪائي ھيو. ھاڻي وڏو ٿيو آ ته عاشقيءَ جي آڙ ۾ موتي ٿو سڏائي. پڇ لٽڪائي ڄاڻي. جڏھن پڇ لٽڪائي نه ڄاڻندو هئو، تڏھن بک مرندو هئو. ھاڻي بک کان سو بچيل آ.

No comments:

Post a Comment