Sunday, February 28, 2021

پگھر جو حشر

پگھر جو حشر

انجنيئر عبدالوھاب سھتو



جنھن وقت به گھر ۾ گھڙان، گھوڙا گھوڙا! لڳي پئي آھي. ساهه بند ڪري جلد ئي ٻاهر نڪري ٿو اچان. ادا ڇا ڪيان! گھر ۾ ڏهه ڀاتي، ست نياڻيوڻ، تن مان به ٻه اٿاريم باقي پنج. ٽي پٽ، پاڻ ٻه سر. آءٌ پوڙھو قبر لائق. وڏو پٽ سو به اڃا مئترڪ ۾ مس پھتو آھي. ھجي ھان پھريٽو ته هينئر نوڪري ڪري ڪمائي ھان. ھٿ به ونڊائيم ھا. وڏين ٻن ڌيئن جو ته بار لاٿو اٿم. اھي پنھنجن ٻچن سان خوش آھن. باقي ٻين ٽن جي بار لاهڻ جو به اونو اٿم. اٿارڻيون ته پنج ئي اٿم. پر ٻه ننڍيون آھن. پر حالت ڪھڙي ٿو پڇين يار! پئسي کي سڀ مستي آھي. پندرنھن سؤ روپيا پگھار اٿم. جي پي فنڊ وغيره ڪٽائي صافي چوڏنھن يا سوا چوڏنھن سؤ ٿا ملن. ههڙي ظلم جي مھانگي ملڪ ۾ ڪاڏي ڪري ڪاڏي ڪيان. جي ڏيان ٿو قرضين کي ته بک ٿو مران، جي کائون ٿا پيٽ ۾ ته قرضي ٿا بڪيون پٽين. جيڏانھن تيڏانھن ويل. زندگي تيل ٿي وئي آھي. اسان ته ٻين لاءِ زندگي وقف ڪري ويٺاسين، پر پنھنجي حالت تي ڪڏھن نظر نه ڪئيسين. هينئر حالت اھا آھي جو ڪانئچ ٿو وٺان ته قميص ٿي ڦاٽي، قميص ٿو وٺان ته ڪانچ ٿي ڦاٽي، جي ٻئي ٿو وٺان ته ھنيانءُ ٿو ڦاٽي.


سڄي عمر ماستر ٿي رهيس. جن کي پڙھايوسين سي به وڌي وڃي ڊپٽي ۽ ڊي سي ٿيا. اسان جو حال اھو آھي جو پنجويھه هزار روپيه قرض لڳو پيو آ. ھاڻي ٿو چوان جي رٽائر ڪندس ته جيڪي پئسا ملندا تن سان قرض ته لھي ويندو، پر پوئتي ڇا بچندو؟ اھو ڪيترا ڏينھن کائيندس؟ اسان وٽ ته ڏينھن به ڪو نه رھندو. ڇو جو اسان کي هيل تائين سولي ۾ سولو ڪم، صرف پئسو کپائڻ ئي لڳو آھي. ان کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم ئي سولو نه لڳو آھي. ۽ جي جلدي رٽائرمينٽ ڪيم ته پئسا به جلدي کپي ويندا. ۽ ھاڻ ته ڏسو ٿا پيا جيڪي به ملازم رٽائر پيا ڪن، تن کي پئسا ملن ئي ايترا ٿا، جو ھڪڙي هٿ ڏٺا ته ٻئي نه. پئسن نه هئڻ جي ڪري اونائون ڪري ٿا مرن. ڀلا جن سڄي عمر رڳو پئسن کپائڻ ۾ گذاري، تن کي جي پئسو نه ملي ته اونائون نه ڪندا ته ٻيو ڇا ڪندا؟ ماڻھن جي اھا شڪايت اجائي نه ھوندي آھي ته؛ سائين جيڪي رٽائر ڪن، تن لاءِ ھڪ لوهي ڪوٽ ٺھيل ھجي. جيئن رٽائر ڪندا وڃن، تيئن انھيءَ ۾ واڙيندو وڃجين، نه ته کائي ماريندا. ھا، اھو اسان ماسترن لاءِ ته ٺيڪ آھي، ته پيا لوهه سان مٿو هڻون. پر انھن ڪامورن جي آڏو اھي ڪوٽ ڪاٿي ٿا ڌڪ جھلين، جن جي پيٽن ۾ ڊپارٽمينٽن جون ڊپارٽمينٽون آھن. لٿي کانپوءِ جڏھن اھو پئسو نه ملندن ته ڇتا ٿي پوندا. انھن لاءِ سويل سنجھا ھڪڙو وڏو لوهي نيئر ٺاھي تيار ڪري رکجي. جيئن ئي لھندا وڃن، تيئن ٻڌ ڪجين. نه ته ٻچا به کائي ماريندا.

وري اسان تعليم کاتي وارن جي ٻاهر حالت ٽڪي جي به نه. جو ڪنھن کي کڻي چئون ته ڪو اسان جو ڪم ڪري. اجھو هاڻي سائين رکيل شاهه جي حالت ڏسو. چار سال ٿيا اٿس لٿي. اڃا پينشن ڪا نه ٿي ملي. روز اي-جيءَ جي دفتر ڏانھن لک پڙهه ۽ اچ وڃ لڳي پئي اٿس. ته به ڪجهه فرق نه ٿيو آھي. ھا ٻي ڳالهه ته ٻاهر نه اسان جو قدر، نه ئي عزت. اجھو انھيءَ ڏينھن سائين غلام مصطفى شاهه صاحب به تقرير ڪندي چيو پئي ته؛ کيس اسلام آباد وڃڻو هئو. سليپر ۾،ڪوپي بڪ ٿيل ھيس. خالي سيٽن تي سامان رکي، ھڪڙيءَ تي ليٽي پيو. گاڏي هلي ته ھڪڙيءَ اسٽيشن تان پنج ڇھه پٺاڻ چڙهيا. ٻئي ھنڌ جاءِ نه ملين سو سندس ڪئبن جي در وٽ اچي بيٺا. اتفاق سان دروازو کليل ۽ کيس اڪيلو ڏسي ويھڻ لاءِ ليليڙايائون. صاحب جي هم ڪو نيچي بيٺني ڪا جگھه دو! هم نيچي  بيٺي گا. آپڪو تنگ نهين کريگا. کين هيٺ ويھڻ جي اجازت ڏنائين ته بيلچا ۽ بگچا فرش تي رکي، مٿن ويھي رهيا. گاڏي اڳتي هلي ته پاڻ ۾ ڀڻ ڀڻ ختم ڪري، سگريٽن جا ڪڇ هڻندي، پڇيائونس؛ ’صاحب جي آپ ڪھان جا رهي هين.‘ ورندي ڏنائين؛ ’اسلام آباد.‘ تنھن تي پڇيائونس؛ ’اسلام آباد! ھان تو ڦر صاحب جي آپ اڌر ڪيون جا رهي هين؟‘ کين ٻڌايائين؛ ’ميٽنگ ۾ وڃڻو آ.‘ اڳتي ڳالھ کي وڌائيندي پڇيائونس؛ ’ميٽنگ پر جا رهي هين؟ تو ڦر آپ صاحب جي ڪيا هين؟‘ کين ٻڌايائين؛ ’وي سي ھون.‘ مٿئون پڇيائونس؛ ’ھان صاحب تو وي سي ڪيا ھوتا هي؟‘ سمجهائيندي چيائين؛ ’وائيس چانسلر.‘ اڃا اڇو ڪرڻ خاطر پڇيائونس؛ ’صاحب جي تو ڦر يه واسو چانسلر ڪيا ھوتا هي؟‘ ٻڌايائين؛ ’بڙا افسر ھوتا هي.‘ افسر بابت پڇيائونس؛ ’ڪائي ڪا بڙا افسر ھوتا هي؟ صاحب جي آپ شايد ناراض ھو رهي هي.‘ پاٻوھ مان سمجهايائين؛ ’يه يونيورسٽيون ڪي اوپر ھوتا هي.‘ ان تي پڇيائونس؛ ’تو ڦر صاحب يه يونيورسٽي ڪيا ھوتا هي؟‘ کين جڏھن ورندي ڏنائين؛ ’جھان لڙڪي تعليم ليتي هين.‘ ته نه ڪيائونس ھمَ نه تم، سندس ٽپڙ سيٽن تان لاھي، پاڻ سيٽن تي چڙهي ويھي رهيا ۽ چيائونس؛ ’صاحب جي آپ ني پھلي ڪيون نهين بتايا ڪه آپ ماسٽر هين؟

ادا هيءَ آھي حالت اسان ماسترن جي. جي ھاڻي ٿو رٽائر ڪيان ته مونکي ٻڌاءِ ته اسان کي ڪير ليکيندو؟

استاد عبدالھاديءَ اڄ وڏي ڏک مان، منھنجي مٿان اھا اندر جي باهه ڪڍي. اھا تقرير ته کيس بلڪل بر زبان ياد آھي. جيئن انگريزيءَ جو گرامر ياد اٿس. فرق اھو آھي جو گرامر، هر ڪلاس جي شروعاتي ڏينھن ۾ پڙهي ٻڌائيندو آھي ۽ اھا تقرير هر مھيني جي پھرين تاريخ تي، پگھار وٺڻ وقت، زوردار نموني ڪندو آھي.

مان به سندس هڙ اڻ ٻُڌيون ڪري ڇڏيندو آھيان. نيٺ مان به ته تعليم کاتي سان تعلق رکان ٿو. مان به ڇا ڪيان؟ آخرڪار ھڪڙو ڪلارڪ ماڻھو، ڪري به ڇا ٿو سگھي؟ پگھار ساڍا ڇھه سؤ. پنھنجي پيٽ ۾ کاوان، پنھنجي ٻارن کي ڏيان؟ يا ھنن ماسترن جي بلن پاس ڪرائڻ لاءِ ڀاڙن ڪراين تي خرچ ڪيان؟

جڏھن به ڪٿي ڊائريڪٽر صاحب جي وزٽ ھوندي. هيڊ ماستر صاحب ايندو ۽ چوندو؛ ادا، حبيب! توھان هي ڪاغذ کڻي وڃي ڊي اِي او صاحب کان فلاڻي ھنڌان صحيح ڪرائي اچو.

سائينءَ کان ڏهه روپيا گھر ته ڄڻ ڌڪ وھائي ڪڍيسي. انھيءَ مھل ته کڻي ڏئي به ويندو، ڇو جو ڪم ۾ سندس به لالچ ھوندي آھي. پر جڏھن پھرين تاريخ ٿيندي ته اچي مٿان بيھندو. ”اھي ڏهه روپيا ته ڏيو.

پڇبس ته ڇا جا؟ ته وراڻيندو؛ ”ادا، اسان جا پئسا ڀلا جهٽ پٽ وسري ٿا وڃنو. انھيءَ ڏينھن ڏهه روپيا ورتوَ. جڏھن ڊي اِي او صاحب جي فلاڻي ھنڌ وزٽ ھئي. توھان ڪاغذ کڻي صحيح ڪرائڻ ويا هيئوس.

سائين پوءِ ڪم به ته توھان جو هئو. مان ڇو ڀريان؟

ڪاوڙ مان چوندو؛ ”ادا، اھي به اسان ڀريون ڇا؟ توھان جي ڊيوٽي باقي ڇا جي آھي؟

آھي سڀني سان ويل. اسان ۾ خوش صرف ھڪڙو ئي علو پٽيوالو آ. پگھار ته کڻي پوڻا پنج سو اٿس. پر پڇيومانس؛ ڏي خبر علو! اڙي تنھنجو وقت ڪيئن ٿو گذري؟

سائين خدا جا لک شڪر آھن. هيءَ پگھار آھي. تنھن کانسواءِ شام جو پڪوڙا ٺاھي وڪڻندو آھيان. نھ ۾ نھ ته به چاليھارو کن روپين جو ٺھي پوندو آھي. ڪڏھن ڪڏھن ته الله جي مھربانيءَ سان کپت چڱڙي ٿئي ته سؤ کن کي به ڌڪ لڳي ويندو آھي. نه ته اَڻھين چاليھه، پنجاهه ويو ئي ڪاڏي ڪونھي.

ڏيھاڙي ايترا ته ڪنھن انجنيئر يا ڊاڪٽر کي به پگھار ۾ ڪو نه ملندا ھوندا. پوءِ جنھن کي ملن، اھو اسان مان خوش ھوندو يا نه؟

ھا استاد عبدالھاديءَ ڊگھي تقرير پوري ڪئي ته چيومانس؛ ”سائين پگھار ته ورتو، پر انھيءَ تي ڪجهه خرچ به ٿيو آھي. بلن پاس ڪرائڻ وارا ٽي روپيا پر هيڊ جي حساب سان توھان کي ڪنھن به حالت ۾ ڏيڻا پوندا. ڀلا ھاڻي اھي مان پنھنجي گھران ته ڪو نه ڏيندم. منھنجي پگھار ساڍا ڇھه سؤ، توھان سوا چوڏنھن سؤ ٿا کڻو. پوءِ به منھنجي اھا حالت آھي جو ڪنھن کي دلاسو، ڪنھن کي دوکو ۽ ڪنھن کي ٻانھون ٻڌي ٿو جند ڇڏايان.

ادا ٽي روپيا ته تو کي ڏيان. پر هي جو، انور صاحب کي ويندي ويندي چيوسين ته سومر کي چانھن لاءِ چئي، اھي پئسا ڪير ڏيندو؟ اھي ڏيوس ته، هي ٽي روپيا ڏيانو.

اڙي سائين توھان ماسترن جي آرڊر تي ٿي چانھن اچي جو آھي انڌن جي خيرات. بسڙي ڪري وات ڌوئي ويھي رھو ۽ ٽن روپين کان موڪلايو. انھن لفظن تي ڪسندي ڪسندي ٽي روپيا ڏنائين.

سائين ڀلا اهڙا تنگيءَ ۾ ٿا گذاريو ته پوءِ ڪو سائيڊ بزنيس ڇو نه ٿا ڪريو؟“ پئسا وٺندي صلاح ڏنيمانس.

”ادا، هينئر ڪھڙو سائيڊ بزنيس ٿيندو اسان کان؟وڏو ساهه ڀريندي چيائين.

ڇو سائين! کوڙ ڪم لڳا پيا آھن، دنيا ۾. ڇو نه ملندو ڪو ڪم؟

ادا! الائي ڪھڙو آھي ڪم، جيڪو دنيا ۾ اسان جي ڪرڻ لاءِ پيو آھي. مان ته ڏسان ٿو ته اسان جي شھر جي اھا حالت آھي جو هتي ٽيوشن تي پڙهڻ وارو ڪو ٻار ئي نه ملندو. انھن جا مائٽ ئي راضي نه ٿيندا. هل ڀلا جي زور ڪري ڪنھن کي چئون به، ته ماڻھو ٽوڪون ڪري ماري ڇڏيندا. چوندا؛ ’ادا، ماستر ڪلاسن ۾ پڙھائين ڪو نه، رڳو ٽيوشن تي زور. ٽيوشن به ڪھڙي ٿا ڏين، رڳو امتحان ۾ ڪاپي ڪرائي يا سفارش ڪرائي پاس ٿا ڪرائين. ۽ ٽيوشن جا پئسا رڳو مفت ۾ چٽي ٿا وڃن.‘ انھن ڳالھين سان پوءِ ڪير منھن ڏيندو؟!!؟

سائين ٻيو ڪو ڌنڌو. رڳو ٽيوشن به ته ڌنڌو ڪونھي.

ادا ٽيوشن ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪھڙو اسان کان سائيڊ بزنيس ٿيندو؟ هينئر اسان کان هَرُ وھندو؟ سڄي عمر ويٺي جا ڏوڪڙ کپاياسين. هڏ ئي ويھي ويا. ڪمائڻ وارا سنڌ ئي سڪي ويا. ڪير اسان کي زمين ڪاهڻ لاءِ ڏيندو؟ ماڻھو ئي ٿڪون هڻي ماريندس، ته ڪھڙي کي ٻني ڪاهڻ لاءِ ڏني اٿئي. ماستر مان ته گھر جي سُڃَ ڪرائيندين!“

سائين نيٺ ڀلا هيءُ زندگيءَ جو چرخو پوءِ ڪيئن ھلندو؟

ڪيئن ھلندو؟ بس ڏسين ٿو پيو جيئن هلي ٿو، تيئن ئي پيو ھلندو.

حالت اکين سان ڏسو ٿا پيا. سُوتيون پُوتيون پگھارون، نه اُوري نه پوري. ان جي برعڪس ٻين کاتن کي ڏسجي ٿو ته جک ٿا اچن. ڪيڏو نه پاڻ هتي تنگيءَ ۾ ٿا گذاريون. انھن جون پگھارون کڻي اسان جيتريون آھن پر ٻيو مٿڪي به ايترو ڪمائي ٿا وٺن جو پويان به پيا کائين. پوليس لائين ۾ ڏسو، ائنٽي ڪرپشن ۾ ڏسو، واپڊا ۾ ڏسو، انڪم ٽئڪس ۾ ڏسو. ڪسٽم ۾ ڏسو! جتي ڪٿي لئه لڳي پئي آھي. اهڙا ٺھيا ٿا وتن جو توھان رڳو ڪسٽم کاتي جي ننڍي آفيسر، جنھن جو گريڊ ستون ھجي، گھر ته ڏسو! حيران ٿي ويندئو. گھر ته نه اٿن، ڊپارٽمينٽل اسٽور اٿن. جڏھن ستين گريڊ واري جي گھر جي اھا حالت آھي، ته سترھين گريڊ واري جو گھر ڇا ھوندو؟! اندازو پاڻ ھڻ!“

مان ٿو چوان ته بدقسمتيءَ سان عمر چڙهي وئي آھي. نه ته هتان استعفى ڏئي، ڀڄي ڪنھن اهڙي کاتي ۾ وڃجي.

“اڙي يار ڪيڏو نه بيوقوف آھين. اھي نوڪريون ڀلا سٿريون ٿيون ملن. تو کي اھا ڪلارڪي به شڪر ڪر ملي اٿئي. ميان تون رڳو انھن نوڪرين جا ٺٺ ٺانگر ڏسي ٿو ڪڏين. نوڪريءَ لاءِ ڪڏھن اپلاءِ ته ڪري ڏس. ڪيڏيءَ نه مٿا-کس کان پوءِ به رزلٽ گم. پئسن تي، لک لک يا ٻه ٻه لک وٺي، پوءِ ٿا نوڪري ڏين. آھي تو ۾ ايتري طاقت جو ايترا پئسا ڀري نوڪري وٺين. اڄڪلهه ته ميان اهڙو ڪو واءُ لڳو آھي، جو ليڪچراريءَ لاءِ به ڪميشن ۾ پاس ٿيڻ تي رشوت ٿي هلي. انڌير آھي. نه نه پري ڪو نه ٿا وڃون، اتي ئي ويٺا آھيون. تو کي اھا ڪلارڪي ڪيئن ملي آھي؟

ھا! بس!“ ڇوڪارو ڀري، جھڪيل ڪنڌ سان، مٿو کنھندي نٽايومانس.

نه نيٺ پنھنجا پاڻ ۾ ويٺا آھيون. استاد زور ڏنو. ڇو جو آفيس ۾ هئاسين ئي ٻئي اڪيلا. استاد جي به عادت آھي، پگھار انھيءَ مھل وٺڻ ايندو آھي، جيڏيءَ مھل ٻيا هڙئي هليا وڃن ۽ پاڻ کي به گھر وڃڻو ھجيس. اڪيلو ڏسي بحث ۾ ڪاھي پوندو آ. ماستر ماڻھو آ! ڪيانس ٿو ڪن لاٽار ته ڪندو دل ۾، تنھن ڪري وڻي نه وڻي مڙيئي ھا ۾ ھا ملائي بحث کي چالو رکندو آھيان، جيستائين وڃي دماغ ٺريس.

“بس سائين! سائين ڀورل شاه کان ڊي اِي او صاحب کي سفارش ڪرائيسين. پوءِ به سائين ڀورل شاه چار هزار روپيا بابي کان ورتا هئا. سائينءَ اھي ڊي اي او کي ڏنا ھئا يا ورھائي کاڌائون، خدا کي خبر. اسان کي مڙيئي نوڪري کپي، اسان جي انھيءَ سان ڇا ته پئسا ڪاڏي ويا.

ھا ڏس آئين نه پير تي. هتي تنھنجي پگھار ٿوري آھي، رشوت به ڪا نه ملندي ھوندئي. اھو چانھ جو ڪوپ اڌ ته هر ڪو خوشامد ڪري پياريندو آھي. انھيءَ کي رشوت نه چئبو آھي. جيئن مٿي چڙھ، پوءِ رشوت ته ڏس. جيڪڏھن رشوت ختم به ڪرڻ چاھجي نه، ته اھي وڏن بڀن وارا آفيسر، ختم ئي نه ڪرڻ ڏيندا. جيئن وڏي پيٽ وارا صوبيدار، ڏوھ ختم ڪرڻ نه ڏيندا. ماڻھو ختم به ڪن، پر هي گھران به ڏئي ڌاڙا ڦرون ڪرائيندا ۽ پوءِ سڄي خلق کي ڪٽي ناڙ ڪري، ٻيھر ڦري ڇڏي ڏيندن. ڀلا انھن ۾ به ڪي حقي، ڪي ناحقي. ڪي ڀرڻ جھڙا، ڪي نه ڀرڻ جھڙا. پوءِ اھي ڪٿان آڻي ڏين، پوليس وارن کي. نتيجو اھو نڪرندو ته چوريون، ڦرون ۽ ڌاڙا. ڀلا هيئن کڻي ڏس. جيڪڏھن مھانگائي ختم ڪرڻ چاھجي ته اھي وڏا واپاري، جيڪي مارڪيٽن جا مالڪ لڳا ويٺا آھن، اھي بند ٿيڻ نه ڏيندا. ڪجي ته آخر ڇا ڪجي؟ ڪھڙيءَ ڳالهه کي روڪجي؟ ڪا رڪجڻ جي ئي ناھي!“

استاد لاءِ بحث کي وڌائڻ ته ڏائي هٿ جو کيل آھي. وڏا ڌڪ کاڌل اٿس. الائي ڪھڙن ڪھڙن اسڪولن ۾، الائي ڪٿي ڪٿي رهيو آھي. سڄي سنڌ جو پاڻي پيو ويٺو آھي.

نيٺ استاد، انھن کاتن ۽ ڌنڌن ۾ ته مڙيئي ٻوڙ ماني ٿئي پيو ٿو. انھن جي ڪا ڳڻتي ناھي. هينئر جيڪا ڳڻتي ڪرڻ گھرجي سا اھا آھي ته اسان تعليم کاتي وارن جو گذارو ڪيئن ٿئي؟ ڳالھ ڳالھ تان چڙھي آياسين ته الٽو سڌو سوال پڇي ويٺومانس.

بلڪل آسان آھي. انھيءَ ۾ ڪھڙي عربي فارسي آھي. انگريز جي دور ۾ ماستر خوش هئا. استادن جو قدر هئو. استاد محنتي هئا. ڪنھن ٻار کي ڌڪ چنبو ڪندا هئا ته مائٽ خوش ٿيندا هئا ۽ آفرين ڏيندا هئا. چوندا ھئا؛ استاد جي مار، ٻار لاءِ سنوار آھي. اڄڪلهه الٽي گنگا ٿي وهي. ڇوري کي ليٽ اچڻ تي دڙڪو ڏي ته ٻئي ڏينھن ڇوري جا مائٽ وڙهڻ لاءِ ڀڳا ٿا اچن. چوندا ائين؛ ’اڙي ماستر! پڙھائڻو اٿئي ته پڙھاءِ. باقي ڇوڪري کي دڙڪو اسان ئي ڪو نه ڏيندا آھيون، سو تون ڪيئن ڏيندين اسان به پڙھيل آھيون. پڙهيلن جا ٻار آھن. اسان گھر ۾ پڙھايونس ٿا. ٽيوشن تي پڙھايونس ٿا. تون ڇا ٿو پڙھائين، جو ڇوڪري کي ٿو دٻائين ۽ ڪٽين. ياد رک آئينده جي ٻار کي ڪو اکر چيو اٿئي ته پوءِ تنھنجي عزت جا ذميوار اسان نه ھونداسين. پڙهي نه پڙهي تنھنجو ڪو ذمو آھي ڇا؟ادا ٻڌاءِ! ان حالت ۾ پڙھائڻ تي دل چوندي؟ اسان به چونداسين، پڙھن نه پڙھن ڍنڍ جي تري ۾ وڃي پون. استاد عبدالھادي الائي ڪيڏانھن جو ڪيڏي ٿـڙي ويو.

انھن ڇورن جي ڳالهه ڇڏيو. پڙھن نه پڙھن وڃي ڌوڙ پائن. ڳڻ ڪيو ته پوري ڪيئن پوي. اصل ڳالهه ڏانھن توجهه ڏياريومانس.

پڙھن نه پڙھن ڌوڙ پائن؟!!! چئين ڇا ٿو؟ جيڪڏھن اڄ ڇورا نه پڙھندا ته پوءِ خبر اٿئي ڇا ٿيندو؟ اھو جيڪو امتحانن جي وقت ۾ اسڪول، مڇي مارڪيٽ لڳا پيا ھوندا آھن. پيپر ڪرڻ وارو ھڪڙو، لکرائڻ وارو ٻيو، کڻي اچڻ وارو ٽيون ۽ حل ڪرڻ وارو چوٿون، ڪئنڊيڊيٽ اڃا پنجون، جنھن کي اھا به خبر نه ھوندي ته اڄ ڇا جو پرچو آھي. اھي جڏھن نوڪريون ڪندا ۽ ڦاڙھا ماريندا نه! ته ڏيھه ڏسندو ۽ ٺري پوندو. مان ٿو چوان ته استاد سڌريل ته قوم سڌريل. استاد خراب ته قوم جو تُور ئي چٽ. جنھن کي نوڪري نٿي ملي، سو ڀڳو بيٺو آھي، پرائمري ماستري، مسجد جي پيش امامي يا سپاھيءَ جي نوڪريءَ لاءِ ۽ اھي ٽئي اهڙا ڌنڌا آھن. جن ۾ ملڪ جا چونڊيل ۽ معزز ماڻھو هئڻ گھرجن. پر هتي حالت اھا آھي جو ناڪاره ناڪاره ماڻھو وڃي ماستر ٿيندا.

ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيومانس؛ ”سائين قطع ڪلام معاف! ھڪڙو رڳو عرض ته ڀلا جي اھي نوڪريون ڪير ڪندو ئي نه ته پوءِ ناڪاره ناڪاره نه ڪندا ته ٻيو ڪير ڪندو؟

توھان مناسب پگھارون ڏيو! ڪيئن نٿا ماڻھو نوڪري ڪن. پرائمري ماستر، سڄو ڏينھن ڪتي واري يخي ھڻي، ته مھيني تي ڏيوس پنج يا ڇھه سؤ. نه اِڌر ڪا، نه اُڌر ڪا. انھيءَ کان ته علو پٽيوالو خوش آھي. ڏس! آھي اسڪول ۾. هيڊ ماستر اڃا اسڪول ۾ ويٺو آھي ته وڃي ٿو پڪوڙن جي تئيءَ تي ويھي. پرائمري ماستر، ننڊ مان اٿڻ سان پوي پنڌ! لڇ لڇ ڪندو، ڳوٺان ٽي چار ميل پنڌ جا سٽي، جڏھن اسڪول پھچي ته کيرو ٿي ڪري پئي. سڄو ڏينھن ڇورن کان زور ڏياري ته اچي سامت ۾؟ وري واپسي؟! ڏينھن تتي جو واپس ته انڌو به نه موٽي. ڏينھن ٺاري، ڳوٺ موٽي ته ٻارن جو رانڀاٽ ۽ راڙو سامھون. پگھار وري اھا جيڪا ڏسين ٿو. مون کي ٻڌاءِ سندس پنڌ ڪرڻ جيتري کيس پگھار ملي ٿي؟ پوءِ اھي حال ڏسي، جوءِ رات جو موچڙا نه هڻندس ته ماني پچائي کارائيندس؟ پڙھائيندو به انھيءَ افعالين نه. وري اچ اسان تي! اھو حشر ته سامھون اٿئي. ڪھڙو بيان ڪيانءِ. اکين سان ٿو روز ڏسين. تو تي انصاف ڇڏيل آھي. ڇڏ اسان کي. ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي ليڪچرارن ۽ پروفيسرن کي ڏس. هفتي ۾ چار يا پنج ليڪچر پڙھائين. سو به ھڪ ئي سبجيڪٽ. نه مٿا ماري، نه ذميواري. ڇورا پڙھن نه پڙھن، وڃي کڏ پون. سڌرندا ته سڏبا سندن جا! اڌرندا ته ڏوهه وري به پرائمري ماسترن ۽ ھاءِ اسڪولن جي ٽيچرن جو. اڙي ليڪچرار ڇا پڙھائيندا آھن؟. ھڪڙو سبجيڪٽ، جيڪو سڄي عمر پڙھائي پڙھائي اهڙا نئود ٿي ويندا آھن جو دنيا جھان جي خبر نه پوندي اٿن. اھا خبر نه ھوندي اٿن ته ڇوڪرا ٻيا ڪھڙا سبجيڪٽ پڙھندا آھن. پرائمري ماستر ۽ اسان اُٺَ ڪتابن جا ٿا پڙھايون. ھڪڙي ڏينھن ڪلاس ۾ ته ويھي ڏس، جھار ھڪلڻي آھي ڪن پڙھائڻو آھي؟ پوءِ پگھار اھا ڇو؟ ڇا اسان انسان ناھيون؟ اسان کي پيٽ ناھي؟ اسان کي ٻار پالڻا ناھن؟ اسان کي سڪون وٺڻ جو حق ناھي؟ ليڪچرارن کي رھائش جي سھوليت الڳ، ڪنوينس جي سھوليت الڳ، طبي سھولت الڳ، پگھارون ٽن هزارن کان شروع ٿين. ڇورن کان تحفا تڙا الڳ ملن. مونکي ٻڌاءِ پڙھائڻ جي لحاظ کان آھن لائق انھيءَ جي؟ سدائين چوندا؛ ابا پڙھو نه پڙھو، اونڌا ٿي پئو. بائيڪاٽ ڪيو، هڙتالون ڪيو، جيلن ۾ پئو، جڏي وڃيو، تڏي وڃي ڌوڙ پايو. پھرينءَ تي اسان جي پگھار کڙي آھي. ائين کڻي سمجھ ته اھي جيڪي گوڙ گھمسان ٿين ٿا، سي به ٻه ٽي ڏينھن آرام ڪرڻ خاطر، اھي ئي ڪرائيندا آھن. ڇورا به انھيءَ ۾ خوش ته ٻه ٽي ڏينھن وڃي گھمون، امتحان ۾ ديکا جائيگا. ليڪچرارن جي به ٻيگھي متي پئي آھي. استاد تيز ٿي ويو ۽ ڇڙٻون ڏئي ڳالھائڻ لڳو، ڄڻ اھو ظلم منھنجو ڪرايل ھجي.

سائين انھيءَ کي ڀلا روڪي به ته نٿو سگھجي. توھان هروڀرو انھن ڳالھين ۾ پنھنجي جان ڇو ٿا ڳاريو؟ ٿڌي ڪرڻ لاءِ التجا ڪئيمانس.

روڪي نٿو سگھجي؟!!! ڪيئن ٿو چئين ته روڪي نٿو سگھجي. مان ٿو چوان اھو بلڪل آسان آھي. توھان پرائمري ماستر، چڱيءَ طرح چونڊي کڻو. جيڪي ايم اي ۽ ايم ايڊ هجن. انھن جي سختيءَ سان سليڪشن ڪيو. ائين نه ٿئي جو پنجن هزارن ۾ ماستري پئي ملي. جاڙو خان ۽ جاڳڻ خان گھر کان رسن ته پنجين هزارين ۾ ماستر. سختيءَ سان سليڪشن ڪيو. انھن جي پگھار ٽن هزارن کان شروع ڪيو. ڪنھن به پرائمري ماستر کي پنھنجي ضلعي ۾ نوڪري نه ڏيو. جيڪڏھن پنھنجي ضلعي ۾ ڏيوس ته پوءِ موٽر سائيڪل الائونس به ڏيوس. سختيءَ سان انھن جي مٿان انسپيڪشن ٽيم رکو. انھن کي به چڱيون پگھارون هجن. ائين نه ٿئي جو انسپيڪشن ئي ڳاڙھن ٻوڙن کائڻ لاءِ ۽ ماسترن کان ڏوڪڙن ڪڍڻ لاءِ ڪندا وتن. ھڪ تعلقي ۾ ھڪ بيٽ عملدار ھجي. سال جا ڇھه مھينا پيو امتحان وٺي. گاڏي ۽ پيٽرول سرڪاري ھجيس. ڪنھن وڏيري جي پٽ کي سفارش تي پاس نه ڪري. جيڪڏھن رزلٽ ڪنھن اسڪول جي سٺي ڏسي ته استاد کي انعام ۽ شاگردن کي به انعام ڏئي. جيڪڏھن رزلٽ خراب ھجي ته استاد کي ھڪ دفعو ٽيسٽ ڪري. نه سڌري ته نوڪريءَ مان به سوير ساجهرو ڇٽي ڪرائيس.

بيٽ آفيسر کي ھڪ بيٽ تي وڌ ۾ وڌ ٻن سالن لاءِ رکجي. جيئن سفارشي پئدا نه ٿي سگھنس. ڪنھن به بيٽ آفيسر کي پنھنجي ضلعي ۾ نه رکيو وڃي نه ته نانيءَ ويڙھو ٿا مچائي ڏين. ماسترن لاءِ، منھنجو مطلب پرائمري ۽ اسان سيڪنڊريءَ وارا ماستر آ، رھائش جو جوڳو انتظام ھجي. جيئن هر ڪو ٻار ٻچا ساڻ ڪري رهي سگھي. جيڪڏھن نوڪريءَ وارو ھنڌ، ٻارن رھائڻ جي لائق نه ھجي ته بورچي رکيل ھجي، جيڪو استاد جي خدمت ڪري.

انگريزي اسڪولن جي ماسترن جي پگھار به ائين اڍائن هزارن کان شروع ٿئي، نه ته حالت اھا ھوندي؛ ناني رڌڻ واري، ڏوهٽو کائڻ وارو. انھن لاءِ به اهڙا سختيءَ جا قانون هجن. ائين نه جيئن هي پاڻ وارا نوان ڇوڪرا جيڪي ھاڻي فزڪس ۽ ڪيمسٽري پڙھائڻ آيا آھن. ھڪڙو ڊي اي او جو پٽ آھي ته ٻيو ڀاڻيجو. اچين پاڻ کي ڪو نه ٿو شاگردن کي ڇا پڙھائيندا؟ انھيءَ ڏينھن ٻنھي جي ڪلاسن ۾ گوڙ لڳو پيو ھو ۽ ٻنھي ورانڊي ۾ ڪچھري پئي ڪئي. هيڊ ماستر صاحب رائونڊ تي نڪتو ته اھا حالت ڏسي نصيحت پئي ڪيائين؛ ابا، ڪلاسن ۾ گوڙ لڳو پيو آھي. ٻين کي ڊسٽرب ٿا ڪن. ٿورو ڪلاسن ۾ ته بيھو.‘ همراه برهم ٿي ويا. اُھا رڳ اچي وين. ڊي اي او صاحب واري پٽ ورندي ڏنس؛ ھا! اسڪول آھي يا قيد آھي، جو چار ئي پھر اسان ڪلاسن ۾ ويٺا هجون. اسان کي خبر آھي، تون ڇا تي ٿو ٽڏين. هيڊ ماستر صاحب کي ورندي ئي اھا ملي جو اھو ڏينھن اھو ڏيھاڙو ڪيائين، ھاڻي چوين ئي ڪجهه نه. چوي ته ڪنھن کي چوي. ھجي غريب ته هڻي تُنبو بنائيس. ڏاڍي سان ڪير سينو ساھي. ڏاڍي تي چڙهيل ڪاوڙ به لھيو وڃي. باقي ليڪچرارن ۽ پروفيسرن جي پگھار پندرھن سؤ ھجي.

سائين پندرنھن سؤ؟!! پوءِ ڪير پڙھائيندو. وائڙو ٿي پڇيومانس.

گھڻي ئي مجاهد ويٺا آھن. ليڪچرار جي ٽوٽل پگھار پندرنھن سون جي اندر ھجي ۽ کيس هر پيرڊ جا ٽيھه روپيا الائونس ملي. پوءِ ڏس ڪيئن نٿا سڌرن ۽ ڇوڪرن کي منٿون ڪري ويھاري پڙھائين. ائين وڏي مڳي ڪري ويا آھن. پيريڊ جو ملھه ليڪچرار لاءِ ٽيھه روپيا. اسسٽنٽ پروفيسر لاءِ پنجيتاليھه، ايسوسيئيٽ پروفيسر لاءِ سٺ ۽ پروفيسر لاءِ پنجھتر روپيه ھجي. ڪم ڪن ته کين پئسا ملن. باقي پروفيسر صاحب ڪو هفتي ۾ پيرڊ اڌ پڙھائين ۽ پگھار سڄي جھان کان مٿي کڻن. مونکي ٻڌاءِ عيش پرست ٿيندا يا ڪو احساس ذرو به ھوندن؟ نه! هيتري ڍر ڏئي ته انھن کي هٿ سان خراب ڪيو ويو آھي. جي پھرئين ڏينھن اھي قانون هجن ھا ته اِھو، اِھو ممڻ ئي .... ئي ... نه مچي ھا... آ.

استاد عبدالھاديءَ قاسو دوڪاندار جي ڀاءُ ھاشوءَ کي پري کان ايندو ڏسي، پگھار ور ۾ هڻندي پويان لفظ هٻڪي ڳالھايا.

ھاشوءَ ايندي سان ئي استاد عبدالھاديءَ ڏانھن چٺي وڌائيندي چيو؛ ”استاد تو کي ڳولي ڳولي ٿڪجي پيو آھيان. ھاڻي خبر پئي ته اڃا اسڪول ۾ ويٺو آھين. سو هيڏي آيم، ھان! هي ادي چٺي ڏني اَٿو.

ڇا هي، انھيءَ چٺيءَ ۾؟ استاد عبدالھاديءَ موڳو ٿيندي پڇيس.

سائين کنڌي جو حساب ھوندو ٻيو وري توھان ڏانھن ڪھڙو محبت جي چٺي موڪلي ھوندائين. ھاشوءَ موٽ ڏنس.

ھا گھڻي جو بل آھي؟ استاد عبدالھاديءَ چٺي هٿ ۾ وٺي، کولڻ شروع ڪئي.

ڇھه سؤ ستھٺ روپيا، ھن مھيني جا آھن ۽ تيرنھن سؤ ڇويھه روپيه اڳي اٿو. ٽوٽل اوڻويھه سؤ ٽيانوي روپيا ٿيا.

هڻ! ايڏو بل! يار وٺون ڇا ٿا جو هر مھيني ايڏو بل ٿا ڪڍو؟

سائين جيڪو ورتو اٿو، انھيءَ ۾ لکيل آھي. بس مون کي پئسا ڏيو، اسان کي ٻيو ڌنڌو ڪرڻو آ. ادي چيو آھي ته ھن مھيني جو سڄو حساب چڪتو ڪري ڏيو. ور نه ته سودو بند ڪري ڇڏينداسين.

ادا! سودو ڇو بند ڪندئو، توھان جا پئسا کاڄي ٿا وڃن ڇا؟“

سائين ٽي مھينا ٿي ويا آھن. پئسن ڏيڻ جو نالو ئي نٿا وٺو. اسان ڇا سمجھون؟

ٽي مھينا نه ڏنا آھن ته انھيءَ جو مطلب اھو ٿيو ته مان کائي ويندم؟ استاد ٿورو تکو ٿيندي جواب ڏنس.

سائين کائيندئو ته نه، پر اسان کي به ته ڏيندا وڃو نه. ايترا پئسا ڪير ٿو سيڙائي؟ جيڪڏھن ايڏي اوڌر رکيسين ته پوءِ دوڪان بند ڪيون ٻيو.

ادا مان ته توھان کي ڪو نه ٿو چوان ته دوڪان بند ڪيو؟

“سائين پئسا نه ڏيڻ به ته دوڪان بند ئي ڪرائڻو آھي، ٻيو ڇا آھي؟

چڱو، چڱو! مٿو نه کاءُ! پئسا ملندءِ.

مفت جو سودو آھي ڇا جو منھن ڪِنو ٿو ڪري ڳالھائين.

مان منھن ڪنو ٿو ڪري ڳالھايان. يا تون ايڏانھن منحوس شڪل کڻي آيو آھين. چڱو هينئر هل، پگھار ملي ته پئسا ملندءِ.

سڄي دنيا کي پگھار ملي آھي، تو کي ٽيون مھينو ٿيو آھي ته پگھار ڪا نه ٿي مليئي. مرضي ڇا اٿئي. استاد عبدالواحد کي پگھار ملي، قرض چڪائي ويو. استاد محمد عمر صاحب به پئسا ڏئي ويو. باقي تو ڀينگيئي کي اڃا پگھار نه ملي آھي. ھاشوءَ تکو ٿيندي چيس.

ادا ھاڻي مٿي ۾ سور نه وجهه. ھاڻي هل!“ استاد عبدالھاديءَ ٻئي ٻانھون ٻڌي، نرڙ تي رکي ٽَرُ جو اشارو ڪيس.

مٿي ۾ سور ٿو وجھانءِ قرض ٿا گھرونءِ، ڪو اڌارا ڪو نه وٺڻ آيو آھيانءِ. جو چئين ٿو هل!“

“ڇا ڪيانءِ ڀلا مٿي تي ويھاريانءِ. هجئي ڳالھائڻ جي فضيلت ته ڳالھايانءِ. چوانءِ ٿو پيو ته ادا پگھارن جي بل ۾ منھنجو نالو رھجي ويو هئو. ان لاءِ ھاڻ ٻيو تازو بل ٺھرايو اٿم. ھن ادي وٽ به ھن مھل تائين ٺھرائڻ لاءِ ويٺو آھيان. پڇينس ھا! ڪن نه. باقي پئسا اچن ته حاضر! پھرين توھان ڀڪن کي ڏينداسين. ڀيڻا ٻه منٽ ٿي ليٽ ٿئي ته ھڪيون ئي پٽي ٿا وڃو، ڄڻ لڏي ٿا وڃون. چڱو ھاڻي هل! پئسا مليا ته ڀاڻي کي دوڪان تي ڏئي ويندس. هتي اسڪول ۾ کڻي فشري مچائي اٿئي. نه ڪنھن جي عزت جي اٿو نه ذلت جي. سڀئي توھان جي نظرن ۾ توھان جھڙا ڪميڻا آھن!“

مون جھڪيل ڪنڌ مٿي کڻي، پين جي پڇڙي چپن تي رکندي، چيس؛ ”ادا، پگھار ھاڻي ٺاھي اٿئونس، استاد ڪوڙ جھڙو ماڻھو ڪونھي. جيئن ئي پگھار ملندس تيئن ئي توھان کي ڏيندو.

“ھون! ڀينگيا ڀينگيا سڄي دنيا جو قرض چڙهيو پيو اٿن، ڪو شرم حياءُ ئي ڪونھين.“ ھاشو مون واري لفظن ٻڌڻ کانپوءِ موٽيو ۽ پنھنجي منھن اھو تبرو به ڪندو ويو.

استاد، پگھار ملي اٿو، ڏئي ڇو نه ٿا جند ڇڏايو؟

ادا ھجي رڳو اھو خرچ ته انھن کي ڏيان. ٻيا به گھڻيئي ٽُنگ پورڻا آھن. بس ھاڻي صبحاڻي وڃي قاسوءَ کي ٻه اڍائي سؤ روپيا ڏئي ايندس. پوءِ پيا منھن ڏينداسين. استاد اطمينان جو ساهه کڻندي چيو.

استاد آخر اھو قرض ته وڌندو ويندو.

ھا ته پوءِ ڀلا گھٽ ٿيندو ڇا؟

نيٺ لاهڻ لاءِ ڪجهه .....

پاڻھي پويان ڀريندا يا رٽائر ٿيڻ کانپوءِ گريجوئٽيءَ مان لاھينداسين. استاد عبدالھاديءَ اٿندي چيو.

استاد وري اڪيلو ڇڏي ڪاڏي ٿو وڃين؟“

بس يار هلان ٿو. ڏسان هي پئسا گھر هلي ڏيان ته وري ڪو ٻيو ڪتو نه گڏجي. وري ڪڏھن ڪچھري ڪنداسون. ور ۾ هٿ وجهي، پئسا سنڀاليندي چيائين ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري، ورانڊي مان ٿيندو، اڱڻ ٽپي، ٻاهرئين گيٽ مان هليو ويو.

No comments:

Post a Comment