Sunday, February 28, 2021

تاريخ ۾ ائين ڪونھي

تاريخ ۾ ائين ڪونھي

انجنيئر عبدالوھاب سھتو


 

وڏا ۽ اڻڀا، ڇڏيل ۽ ڇوڙو ٿيل ڇَتَا، ليڙون ليڙون لٽا، ميرا ۽ نِڪُ. پنھنجي منھن وڦلڻ ۽ باڦڻ جي عادت. ڪئنال جي ڪڏهن اورينءَ ڀر ته ڪڏهن پرئين ڪپر، لٺ هٿ ۾ کڻي ڀاڄ ڪندو وتندو. ريچڪ اچي ويس ته ڪو رولو گڏهه ڦاسائي، مٿس چڙهي ڪنھن کي ڍوڍيندو وتندو. گڏهن تي چڙهڻ مھل، ڳاٽ اوچو ڪري، اڙيون هڻندو هلندو آهي ۽ رڙيون ڪندو هلندو آهي ته؛ ”شھنشاھي گهوڙيءَ جي رستي کان هٽي وڃو. ڪنھن کي به ڪا تڪليف آئي ته مان ذميوار ناهيان. سانوڻ توڙي سياري، ڪپڙن مان اگر بيزار ٿيو ته وٺي ٽپ ڏيندو، ڌو ڪئنال ۾. ڪپڙن سان گڏ، پاڻ کي به ڌوئي پاڪ صاف ڪري وٺندو ۽ ڪپڙن سڪائڻ لاءِ وٺي ٽاپ سان ڀاڄ ڪندو.


خير! ڄمندي ڪير به چريو نه هوندو آهي. زماني جي هوا ڪن کي داناءُ ته ڪن کي ديوانو ٿي ڪري. سومر سودائي جي سودائي ھجڻ يا ڪل ٿڙيل هجڻ جو، ڪو نه ڪو سبب ضرور آهي. مختلف ماڻھن جا ان باري ۾ مختلف خيال آهن.

هڪڙن جو خيال آهي ته، جوانيءَ ۾ عشق لڳس ۽ غريب هئڻ ڪري محبوبه سڳوريءَ جو نالو به زبان تي نه آڻي سگهيو هئو. انديشو هئس ته حشر، مشھور عاشقن وانگر اذيتناڪ نه ٿئي. اندر وڍئي کي ڪا اڳڙي ته ڪا نه لڳندي آ. اندر ۾ دکيل ۽ دٻيل باهه، سندس حواس ئي گم ڪري ڇڏيا. جنھن ڪري کيس هونش گهٽ هوندو آهي.

وري ڪي ماڻھو اڃا ٻئي خيال جا آهن ته؛ عشق لڳو هئس يا نه، پر سندس حواس وڃائڻ جو سبب صرف شاعري ڪرڻ جي تانگهه هئي. وڏو ۽ سٺو شاعر نه ٿي سگهيو. جڏھن آسرو اڃا تائين رکيو اچي. افعال، شاعراڻا ڪيون ٿو وتي. اميدن تي جھان قائم آهي.

ٽئين ۽ وڏي تعداد واري ٽولي جو خيال آهي ته؛ نه کيس عشق مجازي جي لوڻي ڦير لپاٽ لڳي هئي ۽ نه ئي کيس شعر چوڻ جي لونجهه هئي. ڇو جو سچو عشق ڪرڻ ۽ سچي شاعري ڪرڻ وارا زمانا ئي ويا. هاڻي هر ڪو گذارو پيو ڪري. البته کيس ماڻھن سان رحم ڪرڻ واري شوق، ائين ناڪاره بنائي ڇڏيو آهي.

اهو ٽولو پنھنجي انھيءَ خيال جي پٺڀرائيءَ ۾ اڃا به زبان زدن آهي ته؛ هن جو مٿو، هڪ تواريخي ڪتاب مان، حجاج بن يوسف جو رحم ڪرڻ وارو قصي پڙهڻ جي ڪري ڦريو آهي.

اهو قصو هيئن هئو؛ هڪ دفعي حجاج بن يوسف کان ڪنھن پڇيو ته، ”تو کي ڪڏهن ڪنھن تي رحم آيو؟ حجاج بن يوسف ان تي وراڻيو ته، ها! هڪ ٻار جي ماءُ تي، ان وقت رحم آيو، جڏهن پاڻ درياه جي ڀر تي، ڪپڙا ڌوئي رهي هئي ۽ عين ان وقت سندس ٻار راند ڪندي درياه ۾ ڪري پيو ۽ ٻڏڻ لڳو. مان گهوڙي تي اچي رهيو هئس جو مائيءَ جون واشگاف رڙيون ڪن تي پيون ۽ گهوڙي تان لھڻ اجايو وقت وڃائڻ سمجهندي، ڇوڪري کي ڀالي جي چھنب سان ئي ٻاهر ڪڍيم. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٻار مري ويو.

انھيءَ قصي، سندس دماغ تي تمام گھرو اثر ڪيو. خاص ڪري انھيءَ ڳالهه ته، جيڪڏهن ٻڏندڙ ٻار کي، ڀالي جي چھنب سان ڪڍجي، پوءِ ڀلي اهو ان ڀالي سان مري وڃي، عين رحم آهي. انھيءَ تي سوچيندي سوچيندي حواس بتال ٿي ويا اٿس.

انھيءَ ٽولي مان ڪن ماڻھن جو، سندس حالت بابت اهو ويچار آهي؛ ”هڪ دفعي ڪئنال جي ڀرسان لنگهيو ته هڪ مائيءَ پئي رڙيون ڪيون. هن ڏٺو ته مائيءَ جو پٽ ٻڏي رهيو هئو. مائيءَ کي چيائين؛ مائي! مون تواريخ ۾ پڙهيو هئو ته ٻڏل ٻار، ڀالي جي چھنب سان حجاج ڪڍيو هئو ۽ اهو ئي رحم هئو. سو مان به تو تي رحم ڪيان ها پر افسوس جو مون وٽ ڀالو ناهي. ۽ واٽ وٺي پشيمانيءَ ۾ رمندو رهيو.

انھيءَ ٽولي مان وري ڪن جو خيال هيئن آهي؛ جڏهن مائيءَ جو ٻار، درياءَ ۾ ٻڏي رهيو هئو ۽ مائي دانھون ڪري رهي هئي ته هيءُ ڀالو کڻي درياهه تي پھتو. ٻار ڪناري کان پرتي هليو ويو هئو. هن ڀالو هنيس ته ٻار، ڌڪ لڳڻ سان اڃا اڳتي رڙھڪي هليو ويو ۽ هيءَ مٿان بيھي رڙيون ڪندو رهيو ته، تواريخ ۾ ائين ڪونھي! تواريخ ۾ ائين ڪونھي.

اهو ٽولو ته اڃا به اڳتي ٻڌائي ٿو ته؛ جڏهن ڀالي لڳڻ سان ٻار اڳتي هليو ويو، تڏهن پاڻ پاڻيءَ ۾ اندر لھي ويو ۽ ٻار هٿ سان ڪڍي مائي کي ڏيندي چيائين؛ مائي! تواريخ مطابق رحم تڏهن هئو، جڏهن تو وارو ٻار، ڀالي سان نڪري ها. جيئن ته تو هنيانءَ ڦاڙ رڙيون ڪيون ۽ ڀالي ڪم نه ڪيو، تنھن ڪري هٿ سان ئي ڪڍيم. ڀالا وڃي حجاج هڻي.

اڃا وري انھن ۾ هڪڙن جو خيال هيئن به آهي؛ مائيءَ، هن کي جڏهن ڀالو کڻي ايندي ڏٺو، تڏهن رڙيون ڪرڻ بند ڪري، گهر هلي وئي. مائيءَ به شايد اها تواريخ پڙهي هئي. مائيءَ کي ويندو ڏسي هن چيو؛ ’مائي! کٽ کڻي اچڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي. اها تواريخ مون به پڙهي آهي ته، تنھنجو ڇوڪرو ٻڏڻ ڪري مرڻ گهرجي، پر مان اڄ بغير گهوڙي جي آيو آهيان.

انھن مان اڃا ڪي ٻي راءِ جا آهن؛ جڏهن مائيءَ جو ٻار، ٻڏڻ لڳو ته هيءُ وڏي دير کان پوءِ پھتو. مائي ڏسڻ ۾ ڪا نه آيس ۽ فقط ٻار لڙهي رهيو هيو. شايد مائيءَ به تواريخ پڙهي هئي ۽ جڏهن ڏٺائين ته ڪو گهوڙي وارو عين وقت تي ڀالو کڻي نه پھتو آهي. تنھنڪري پاڻ بندوبست ڪرڻ لڳي وئي ته جيئن، ٻار جو لاش لڙهڻ کان بچائي سگهي. جڏهن ھن ڀالي سان ٻار ٻاهر ڪڍيو، تڏهن ڏٺائين ته مائي کٽ کنيو پئي اچي. شايد مائيءَ تواريخ مان پڙهيو هئو ته سندس پٽ، مئل ڪڍيو ويندو.

ڪي ته ائين ٿا چون ته؛ مائي جڏهن کٽ کڻي آئي، تڏهن هن چيس؛ مائي! تنھنجو پٽ ٻڏي مرڻو هئو، ڇو جو ان لاءِ تواريخ گواهه آهي. پر جيئن ته تو رڙيون نه ڪيون آهن، تنھن ڪري ڇوڪرو پاڻھي موٽي اچي ڪناري سان لڳو ۽ مون هٿ وجهي کيس ٻاهر ڪڍيو آهي.‘“

انھيءَ ڳالهه ۾ ڪن جو اڃا به اختلاف آهي؛ جڏهن مائي کٽ کڻي اچي درياهه تي پھتي، تڏهن ڏٺائين ته هن سندس پٽ جيئرو ٻاهر ڪڍيو آهي. مائي ٻار کي ڊڪي ڀاڪر پائڻ جي بجاءِ هن کي چيو؛ تواريخ ۾ ته ائين ڪو نه هئو. هيءَ انھن لفظن تي ڪاوڙجي پيو ۽ بدحواسيءَ ۾ ٻار کي يڪدم گهوڙي تي چاڙهي، پنھنجي پاڻ کي کڻي پاڻيءَ ۾ اڇلايائين.

ڪن ته اڃا به ڊگهو ڪري ٻڌايو آهي؛ هن جڏهن ٻار کي گهوڙي تي چاڙهي، پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنو. تڏهن مائيءَ چيس؛ ’تواريخ ۾ ائين ڪونھي! تو کي ٻڏڻو ناهي. مائيءَ يڪدم، کيس لٺ سان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. لٺ لڳڻ سان هيءُ ٿـڙڪي ويو. لٺ ٻيھر ٺاهائي هنيائينس. تنھن تي رڙ ڪري چئائينس؛ تواريخ ۾ ٻيو ڀالو هڻڻو ناهي.‘ ائين چئي يڪدم ٻاهر نڪري آيو.

کوهن جا وات لنبجي وڃن ته وڃن پر ماڻھن جا وات، لنبجڻ جا آهن ئي ڪو نه. جيترا وات، اوتريون ڳالھيون. انھن ٽنھي ٽولن کان علاوه، چوٿين ٽولي ۾ شامل چند ماڻھن جو خيال آهي: اها تواريخ جڏهن ماين پڙهي، تڏهن دريائن ۽ ڪئنالن تي پنھنجا ٻار وٺي اچڻ ته وٺي اچڻ جي ماڳ، موراڳو واهن تي ڪپڙا ڌوئڻ ئي ڇڏي ڏنائون. تنھن ڪري هيءُ، اهڙي اميراڻي قسم جي رحم ڪرڻ جي، رسم دهرائي ته ڪيئن؟ ان لاءِ انھيءَ حال ۾ پريشان ۽ سرگردان آهي. جڏهن اهڙي رحم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته شايد ان ڏينھن پنھنجي پاڻ کي فاتح عظيم ۽ رحمدل سمجهڻ لڳندو. ڇو جو تواريخ تي عمل ڪرڻ به ڪن ڪن کي نصيب ٿيندو آهي. جيڪي گهڻو ڪري امير ۽ حاڪم هوندا آهن.

No comments:

Post a Comment