Saturday, February 27, 2021

عينڪ

عينڪ

ننڍڙي ڪهاڻي

رزاق سهتو



ڀئونرن ۽ پوپٽن، گلڙن تي ڦيرا پئي ڪيا. کيس چيم؛ ”ڪيڏو نه من موهيندڙ نظارو آهي.“

اکيون منظر ڏانهن کنيائين ۽ چيائين؛ ”ڪاش اسان به گل هجون هان، پوپٽ هجون هان، پکي هجون هان، آسمان تي اڏرون هان، ڪا ئي سرحد نه هجي ها، آزاد ڦيرا ڏيون هان. پکين وانگر وڻ ۾ آکيرو ٺاهي ويهجي ها، آنن تي آرو ڪجي ها. ٻچڙا ڦٽن ها، چهنب سان چوڳو ڏئي جوان ڪيون ها. پوءِ هو اڏامي هليا وڃن هان. سندن پيٽ جو دوزخ ڀرڻ جو ڪو اونو نه هجي ها. نڪي ٻچڙن جي وڇڙي وڃڻ جو ڏک ٿئي ها. پاڻ انسان جو آهيون. پيٽ ڀرڻ ۽ ٻچا پالڻ لاءِ رڳو انسان کي ئي پئسو ڪمائڻو پوندو آهي.“


”سچ ٿي چوين اسان دنيا داري جي ڊوڙ ۾ پوڙها ٿي وياسين. اولاد به ڇڏي هلي وئي. پنهنجي پنهنجي ٻارن سان ڪي ڏيهه ته ڪي پرڏيهه خوش آهن، رهجي وياسين پوئتي هي گھر، بجليءَ ۽ گئس جا بل، باغيچو ۽ ماهوار پينشن، مهيني جو آخري هفتو، پئسا ختم ٿيڻ تي، وقت ڏکيو گذرندو آهي. گھر جون سرون پٽي ته ڪو نه کائينداسين. مٿان اولاد گھر کپائڻ نٿي ڏئي. اسان جي پرلوڪ پڌارڻ جو اوسيئڙو اٿن.“

”ها. پوءِ اولاد فون ڪري پڇندي آهي ته ڪيئن پيو وقت گذري ته چوندو آهين ته شڪر آ جيئون پيا. رسمن پڇندا اٿئي ته پئسن جي ضرورت ته ناهي.“

”تون گلڙن تي ڀئونرن ۽ پوپٽن ڏسڻ لاءِ پيو چوين. نورُ جھڪو ٿي ويو آهي. تو کي به ڌنڌلو پئي ڏسان. هر مهيني دلاسي تي ٽاريندو ايندو آهين ته هن مهيني جي پينشن ملندي ته تو کي عينڪ ٺهرائي ڏيندس. جڏهن عينڪ ٺهرائي ڏيندين، تڏهن اهي گلڙن تي پوپٽ ۽ ڀئونر ڏسندس.“


(رزاق سھتو جي فيسبڪ وال تان ۲۷ گيبروري ۲۰۲۱ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

Post a Comment